ڪيوڪس
![]() | |
![]() | |
ترقي ڌنڌو | عمانويل اينجل هارٽ |
---|---|
مستحڪم اشاعت | 0.9 |
آپريٽنگ سسٽم | لينڪس، ونڊوز، ميڪ |
حجم | 21 MB + ZIM file |
دستياب در | 80+ ٻوليون |
اجازو | GPLv3 |
ويب سائيٽ | ڪيوڪس ڊاٽ آرگ |

ڪيوڪس انگريزي ٻولي: kiwix هڪ مفت & آزاد مصدر سافٽويئر آهي جيڪو انٽرنيٽ تي موجود مواد کي پڙهڻ ۽ بلخصوص وڪيپيڊيا جي ورق گرداني جي لاءِ بڻایو ويو آهي۔ هِن جي خصوصيت هيءَ آهي ته هِن جي ذریعي پڙهڻ جي لاءِ انٽرنيٽ سان مربوط ٿيڻ ضروري ناهي، يعني آف لائن مطالعو ڪري سگهجي ٿو۔ وڌيڪ هن پروگرام ۾ڪنهن قسم جي پيچيدا ترتيبون ۽ کاتي سازي (اڪائونٽ) جي به ضرورت ناهي۔ صرف جنهن وڪيپيڊيا کي پڙهڻ چاهيو ان جو نسخو ڊائونلوڊ ڪريو ۽ بغير انٽرنيٽ رابطي جي پڙهڻ شروع ڪريو۔
ڊائونلوڊ[سنواريو]
هن سافٽويئر جي ڊائونلوڊ جو مڪمل طريقو هِن صفحي تي موجود آهي ۽ اِتي کان ئي ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿو۔
في الوقت سنڌي وڪيپيڊيا جو مقدار 935 ايم بي آهي، جڏهن ته انگريزي وڪيپيڊيا (بلاتصوير) جو مقدر (حجم) 18 جي بي آهي۔
خصوصيتون[سنواريو]
ڪيوڪس ويب مواد لاءِ هڪ آف لائن ريڊر آهي. اهو سافٽويئر آهي جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي انٽرنيت جي دستيابي آهي, پر اهاامڪاني طور تمام ايڇ ٽي ايم ايل مواد لاءِ مناسب آهي. ڪيوڪس ZIM format, حمايت ڪري ٿي، جيڪو تمام اعليٰ دٻيل کُليل نمونو اضافي ميٽا-ڊيٽا.
- بغير انٽرنيٽ رابطي جي تلاش جي سهولت دستياب آهي۔
- ڪمپيوٽر جي اڪثر اشتغالي نظام ونڊوز، لينڪس، ميڪ وغيرہ تي بخوبي ڪم ڪري ٿو۔
- بطور پي ڊي ايف (PDF) مضمون محفوظ ڪري سگهجن ٿا۔
خطا يا اضافو[سنواريو]
سافٽويئر ۾ ڪنهن قسم جي خطا يا ڪنهن سهولت جي اضافي جي لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ هِتي درخواست ڏئي سگهجي ٿي۔