ميڊياوڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميڊياوڪي
شارہ میڈیاویکی
ترقي ڌنڌو وڪيميڊيا فائونڊيشن
ابتدائي اشاعت 25 جنوری 2002ء
پروگرامنگ ٻولي پي ايڇ پي
آپريٽنگ سسٽم متعدد المنابر
حجم ~16.5 MB
دستياب در 300 کان وڌيڪ ٻولين ۾
صنف وڪي
اجازو گنو عمومی العوام اجازہ اخراجہ 2 یا مابعد
ويب سائيٽ mediawiki.org

ميڊياوڪي (انگريزي ٻولي: MediaWiki) هڪ سافٽويئر آهي، جنهن جي ذريعي وڪي ويب سائيٽ جو انتظام هلي ٿو. وڪي ويب سائيٽ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي گهڻين رٿائن ۾ استعمال هيٺ آهي، انکان سواءِ ٻيون به گهڻيون ئي ويب سائيٽون آهن، جيڪي ان سافٽويئر کي استعمال ڪن ٿيون۔ ميڊياوڪي کي اصل ۾ وڪيپيڊيا جي ضرورتن جي پورائي کي نظر رکندي ترقي ڏني وئي هئي. ميڊياوڪي پي ايڇ پي ڪمپيوٽر جي ٻولي ۾ لِکيل آهي، ۽ GNU گنو اجازت جي تحت عام فائدي جي لاءِ مفت دستياب ۽ اوپن سورس (کليل ذريعو) آهي۔

تاريخ ميڊيا وڪي

ميڊيا وڪي جو هاڻوڪي برنامج لي ڊنيئل ڪروڪر (Lee Daniel Crocker) اصل ۾ وڪيپيڊيا جي لاءِ ٺاهيو هيو. جنوري 2001ع ۾جڏنهن وڪيپيڊيا جي شروعات ٿي ته ان وقت پرل زبان ۾ لکيل هڪ ننڍي وڪي انجڻ UserModWiki وڪيپيڊيا جي استعمال هيٺ هئي. ان برنامج ۾ سڀئي وڪيپيڊيا صفحا متني املاف (text files) ۾ گڏ ٿيندا هيا، پر جلد ئي ان برنامج جي محدوديت سامهون اچي وئي۔ 2001ع جي وچ ۾ ميگنس مانسڪي (Magnus Manske) وڪيپيڊيا جي لاءِ خاص طور نئون سافٽويئر (software) جي طرح وڌي جيڪو UserModWiki جي جڳهه وٺي سگهي، هي سافٽويئر پي ايڇ پي ۾ لکيو ويو هيو ۽ پنهنجي سڄي ڄاڻ مائي ايس ڪيو ايل ڊيٽابيس (database) ۾ گڏ ڪندو هو. جنوري 2002ع ۾ انگريزي وڪيپيڊيا کي ان سافٽويئر تي منتقل ڪيو ويو، ۽ ان وقت تمام موجود وڪيپيڊيائن کي به ان تي لاڳو ڪيو ويو۔

انهن مختلف اصدارات جي متعدد نالا ڏنا ويا هيا،جيڪي ارتقا برنامج جي مختلف مرحلن جي نشاندهي ڪندا هيا، مثلاً برنامج PHP، مرحلو ٻيو ۽ مرحلو ٽيون۔ مرحلو ٻيو مانسڪي جو تيار شدہ برنامج کي چيو ويو، جڏنهن ته مرحلو ٽيون دينيئل بروڪر جي طرفان ليکل هاڻوڪي ميڊياوڪي برنامج چورائيندو آهي۔

20 جون 2003ع تي وڪيميڊيا فائونڊيشن جي آغاز جو اعلان ڪيو ويو، ۽ جولاءِ ۾ وڪيپيڊيا جي هڪ واپرائيندڙ (يوزر) دانيال ميئر مرحلو ٽيون ۾ تيار ٿيل برنامج جو نالو ميڊياوڪي تجويز ڪيو، ائين هن سافٽويئر جو نالو ميڊياوڪي چونڊجي ويو.

هن برنامج جو شارہ ايرڪ مولر هڪ گل جي تصوير کي سامهون رکي ڪري تيار ڪيو، هي شارہ اصل ۾ 2003ع جي گرميءَ جي موسم ۾ ٿيڻ واري عالمي مقابلي ۾ وڪيپيڊيا جي نئين شارہ جي طور تي پيش ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. هن شارہ کي مقابلي ۾ ٽيون مقام حاصل ٿيو، تنهنڪري انکي ميڊياوڪي جي شارہ جي لاءِ چونڊيو ويو، ۽ ٻيو مقام حاصل ڪرڻ واري شارہ کي وڪيميڊيا جي لاءِ جڏنهن ته پهريون مقام حاصل ڪرڻ واري شارہ کي وڪيپيڊيا جي لاءِ منتخب ڪيو ويو.

سورج مکي جي گل جي ٻنهين طرف چورس جي شڪل ۾ موجود قوسين ميڊيا وڪي جي هن نحو جي طرف اشارو ڪري ٿي، جيڪو درون وڪي يعني وڪي جي هي ٻين صفحن جي رابطن جي اظهار جي لاءِ اختيار ڪيو ويو هيو۔

تاريخ اخراجہ

ميڊياوڪي جو اولين اخراجہ 1.1 آهي، جنهن کي ڊسمبر 2003ع ۾ آندو ويو هيو، جڏنهن ته هاڻوڪي مستحڪم اخراجہ 1.19 آهي جيڪو مئي 2012ع ۾ شائع ٿيو.

وڌيڪ ڏسو

ٻاهريان رابطا