عالمگير ويب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا جي نقشي ۾، 2014ع جو ويب انڊيڪس ڏيکاريل

عالمگير ويب يا ورلڊ وائيڊ ويب (انگريزي ٻولي: World Wide Web، مخفف: WWW)، هڪ ڄاڻ جي جڳهه آهي، جتي مختلف فائيل، هائپرٽيڪسٽ (انگريزي ٻولي: Hypertext) ذريعي هڪ ٻي سان ڳنڍيل هجن ٿا. انهن فائيلن جي سڃاڻپ، يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس (انگريزي ٻولي: Uniform Resource Locators، مخفف: URL) جي مدد سان ڪئي ويندي آهي ۽ انهن فائيلن کي انٽرنيٽ وسيلي ڏسي يا پڙهي سگھجي ٿو.[1] عالمگير ويب 1989ع ۾ انگريز سائنسدان ٽم بيرنيرسلي ايجاد ڪئي. هن 1990ع ۾ پهريون ویب برائوزر ٺاهيو، جڏهن سوئيزرلينڊ جي سرن ۾ ڪم ڪري رهيو هو.[2][3] اهو ویب برائوزر 1991ع ۾ سرن کان ٻاهر شايع ڪيو ويو، جنوري 1991ع ۾ ٻين تحقيقي اداران ۽ ساڳي سال جي آگسٽ ۾ اهو عام ماڻهن لاءِ شايع ڪيو ويو.

عالمگير ويب ڄاڻ واري دور (انگريزي ٻولي: Information Age) جو مرڪز و محور آهي، جنهن جي ذريعي اربين ماڻهو ڄاڻ جي ڳولا ڪن ٿا.[4][5][6] ويب صفحا (انگريزي ٻولي: Webpages) دراصل سادن اکرن تي مشتمل هوندا آهن، جن کي هائيپرٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگوئج (انگريزي ٻولي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML) زريعي سنواريو ۽ ترتيب ڏنو ويندو آهي. [7] ان کان سواءِ ويب صفحن ۾ تصويرون، وڊيو وغيره پڻ شامل هوندا آهن.

ويب صفحن ۾ شامل پوشيده يا داخل ڪيل هائيپرلنڪس جي مدد سان واپرائيندڙ مختلف صفحن تي وڃي سگھي ٿو. هڪ ئي ڊومين تي ساڳي قسم سان جڙيل ويب صفحن جي مجموعي کي ويبسائيٽ چيو ويندو آهي. ويبسائيٽ جا مالڪ، اتي ڄاڻ واريون شيون رکندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي عام ماڻهو ويبسائيٽن ۾ ڄاڻ جو اضافو ڪندا آهن. اڪثر تجارتي ۽ حڪومتي ادرا ويبسائيٽن جو استعمال ڪندا آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "What is the difference between the Web and the Internet?". W3C Help and FAQ. W3C. وقت 9 July 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 July 2015. 
  2. McPherson, Stephanie Sammartino (2009). Tim Berners-Lee: Inventor of the World Wide Web. Twenty-First Century Books. ISBN 978-0-8225-7273-2. https://books.google.com/books?id=wK0xBWfL9GkC. 
  3. Quittner, Joshua (29 March 1999). "Network Designer Tim Berners-Lee". Time Magazine. Archived from the original on 15 August 2007. https://web.archive.org/web/20070815090521/http://www.time.com/time/magazine/article/0,9171,990627,00.html. Retrieved 17 May 2010. "He wove the World Wide Web and created a mass medium for the 21st century. The World Wide Web is Berners-Lee's alone. He designed it. He loosed it on the world. And he more than anyone else has fought to keep it open, nonproprietary and free." سانچو:Page needed
  4. "World Wide Web Timeline". Pew Research Center. وقت 29 July 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  5. Dewey, Caitlin. "36 Ways the Web Has Changed Us". The Washington Post. وقت 9 September 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  6. "Internet Live Stats". وقت 2 July 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2015. 
  7. Adamski, Joseph; Finnegan, Kathy (2007-09-18) (en ۾). New Perspectives on Microsoft Office Access 2007, Comprehensive. Cengage Learning. ISBN 142390589X. https://books.google.tn/books?id=W6Sv_mdC_nIC&pg=PA390&dq=web+pages+are+text+document+with+HTML&hl=fr&sa=X&ved=0ahUKEwiO2frg-_LXAhVCXBoKHVZQDdsQ6AEIKzAB#v=onepage&q=web%20pages%20are%20text%20document%20with%20HTML&f=false.