مواد ڏانھن هلو

عالمگير ويب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دنيا جي نقشي ۾، 2014ع جو ويب انڊيڪس ڏيکاريل

عالمگير ويب يا ورلڊ وائيڊ ويب (انگريزي ٻولي: World Wide Web، مخفف: WWW)، هڪ ڄاڻ جي جڳهه آهي، جتي مختلف فائيل، هائپرٽيڪسٽ (انگريزي ٻولي: Hypertext) ذريعي هڪ ٻي سان ڳنڍيل هجن ٿا. انهن فائيلن جي سڃاڻپ، يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس (انگريزي ٻولي: Uniform Resource Locators، مخفف: URL) جي مدد سان ڪئي ويندي آهي ۽ انهن فائيلن کي انٽرنيٽ وسيلي ڏسي يا پڙهي سگھجي ٿو.[1] عالمگير ويب 1989ع ۾ انگريز سائنسدان ٽم بيرنيرسلي ايجاد ڪئي. هن 1990ع ۾ پهريون ویب برائوزر ٺاهيو، جڏهن سوئيزرلينڊ جي سرن ۾ ڪم ڪري رهيو هو.[2][3] اهو ویب برائوزر 1991ع ۾ سرن کان ٻاهر شايع ڪيو ويو، جنوري 1991ع ۾ ٻين تحقيقي اداران ۽ ساڳي سال جي آگسٽ ۾ اهو عام ماڻهن لاءِ شايع ڪيو ويو.

عالمگير ويب ڄاڻ واري دور (انگريزي ٻولي: Information Age) جو مرڪز و محور آهي، جنهن جي ذريعي اربين ماڻهو ڄاڻ جي ڳولا ڪن ٿا.[4][5][6] ويب صفحا (انگريزي ٻولي: Webpages) دراصل سادن اکرن تي مشتمل هوندا آهن، جن کي هائيپرٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگوئج (انگريزي ٻولي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML) زريعي سنواريو ۽ ترتيب ڏنو ويندو آهي. [7] ان کان سواءِ ويب صفحن ۾ تصويرون، وڊيو وغيره پڻ شامل هوندا آهن.

ويب صفحن ۾ شامل پوشيده يا داخل ڪيل هائيپرلنڪس جي مدد سان واپرائيندڙ مختلف صفحن تي وڃي سگھي ٿو. هڪ ئي ڊومين تي ساڳي قسم سان جڙيل ويب صفحن جي مجموعي کي ويبسائيٽ چيو ويندو آهي. ويبسائيٽ جا مالڪ، اتي ڄاڻ واريون شيون رکندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي عام ماڻهو ويبسائيٽن ۾ ڄاڻ جو اضافو ڪندا آهن. اڪثر تجارتي ۽ حڪومتي ادرا ويبسائيٽن جو استعمال ڪندا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "What is the difference between the Web and the Internet?". W3C Help and FAQ. W3C. 2009. اصل نسخو مان 9 جُولاءِ 2015 تي محفوظ ڪيل. 16 جُولاءِ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. McPherson, Stephanie Sammartino (2009). Tim Berners-Lee: Inventor of the World Wide Web. Twenty-First Century Books. ISBN 978-0-8225-7273-2. اصل نسخو مان 15 اپريل 2016 تي محفوظ ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  3. Quittner, Joshua (29 مارچ 1999). "Network Designer Tim Berners-Lee". Time Magazine. اصل نسخو مان 15 آگسٽ 2007 تي محفوظ ڪيل. 17 مَئي 2010 تي حاصل ڪيل. He wove the World Wide Web and created a mass medium for the 21st century. The World Wide Web is Berners-Lee's alone. He designed it. He loosed it on the world. And he more than anyone else has fought to keep it open, nonproprietary and free. {{cite news}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد); Unknown parameter |subscription= ignored (|url-access= suggested) (مدد)[صفحو گهربل]
  4. "World Wide Web Timeline". Pew Research Center. 11 مارچ 2014. اصل نسخو مان 29 جُولاءِ 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 آگسٽ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. Dewey, Caitlin (12 مارچ 2014). "36 Ways the Web Has Changed Us". The Washington Post. اصل نسخو مان 9 سيپٽمبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 آگسٽ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. "Internet Live Stats". اصل نسخو مان 2 جُولاءِ 2015 تي محفوظ ڪيل. 1 آگسٽ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. Adamski, Joseph; Finnegan, Kathy (18 سيپٽمبر 2007). New Perspectives on Microsoft Office Access 2007, Comprehensive (انگريزي ۾). Cengage Learning. ISBN 142390589X. اصل نسخو مان 6 ڊسمبر 2017 تي محفوظ ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)