ارهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اُرهه يا ڇاتيون, (Breast/ Mammary Gland) انسان جي جسم ۾ جيڪي به ننڍا توڙي وڏا عضوا آهن اهي سڀئي قدرت جا بي مثال شهڪار آهن، پر عورت جي ڇاتي (ارهه) اهڙو عضوو آهي، جيڪو خدا پاران رزاق هجڻ جو پهريون پختو دليل آهي. ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سورهن هفتن جو ڪچڙو (Foetus) مس هوندو آهي ته ان وقت جتي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جا عضوا پيا ٺهندا آهن ته ٺيڪ انهيءَ وقت ماءُ جي ڇاتين ۾ به ٿڃ جي ٺهڻ جي شروعات ٿيندي آهي. (ٿورو ٿورو کير ماءُ جي ڇاتين جي کير ناڙين ۾ رسڻ شروع ٿيندو آهي). جنهن وقت ٻار هن دنيا ۾ پير پائيندو آهي ته قدرت پاران ٻار جي پير پائڻ کان اڳ۾ ئي سندس رزق جو ٿڃ جي صورت ۾ ماءُ جي ڇاتين ۾ بندوبست ٿيل هوندو آهي. ماءُ جي ڇاتي نه رڳو نئين ڄاول ٻار جي رزق جو ذريعو آهي، پر ساڳي وقت ماءُ جي جسم جو اهڙو عضوو آهي، جيڪو ماءُ جي مامتا، ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ سڃاڻپ، پيار ۽ محبت جي ڳانڍاپي جو پڻ بنيادي ذريعو آهي ۽عورت جي جسم جي سڀني عضون ۾ نازڪ ۽ حساس عضوو به آهي.

() جـي[سنواريو]

(Location of Breast): اُرهـه جـا غـدود (Mammary Glands) يا ڇاتي عورت جي پيدائش (Reproductive System) سان لاڳاپيل عضوو ۽ غدود آهن. ڇاتيون سيني (Pectrol) جي مٿاڇري تي سيني جي ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscles) سان جڙيل هونديون آهن. هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سيني جي ڪوڙي (تاڪي) (Sternum)، ٻنهي بغلن جي سڌ ۽ وڌ واري حصي ۾ ٻي ۽ ٽين پاسراٽيءَ کان ستين پاسراٽيءَ تائين هيٺ مٿي گولائيءَ ۾ پکڙيل ٿين ٿا. هي غدود (ڇاتيون) عمر جي نون کان ڏهن سالن جي وچ ۾ ٻيجڻين (Overies) کان نڪرندڙ ٻن هارمونن Oestrogen ۽ Progestrone جي مدد سان وڌڻ شروع ڪندا آهن ۽ عورت جي بالغ ٿيڻ ۽ جوانيءَ (Puberity) تائين واڌ کائيندا رهندا آهن. عورت جي هر ڀيري ڳورهاري ٿيڻ تي ڇاتين (ارهه جي غدودن) ۾ واڌ ايندي رهندي آهي. جڏهن عورت حيض جي دائمي موقوفي (بند) ٿيڻ جي عمر Menupause)) کي پهچندي آهي ته مٿيان ٻئي هارمون (ايسٽروجن+پروجيسٽران) ٻيجڻيون ٺاهڻ بند ڪنديون آهن. اهڙيءَ صورت ۾ ڇاتيون (هي غدود به) سُسڻ شروع ڪنديون آهن. آخر ۾ عمر جو اهڙو به حصو ايندو آهي، جو هي ٻئي غدود (ڇاتيون) سُسي ويندا آهن. اُرهه/ ڇاتيءَ (ڇاتين) جو اصل ڪمائتو حصو (Parenchyma) آهي، جيڪو گھڻن ننڍن وڏن حصن (عضون) تي ٻڌل آهي. ايئن ڇاتين جا ٻاهريان حصا (عضوا) اندرين حصن سان ملي ڇاتين جي شڪل ٺاهي بيهن ٿا. هيٺ ڇاتين جي اندرين توڙي ٻاهرين حصن (عضون) جي بناوت تي روشني وجھجي ٿي.

ارهن جا حصا[سنواريو]

ارهن جا حصا.
1. سيني جي جھل
2. ڳردار پَٺا
3.خانا
4. ٻنڊون
5. پِڙو
6. کير پڙا
7. ماس وارا جھلا
8. انساني چمڙي
  • *1. ٻنڊيون (Nipples): هر هڪ ڇاتيءَ جي وچ ۾ هڪ ٻنڊي ڀوري ناسي يا گھاٽي ناسي رنگَ جي هوندي آهي. ٻنڊيون گول ۽ ڊگھن ڌاڳيدار مشڪن (Fiberous Muscels) مان ٺهيل هونديون آهن، جن ٻنڊين ۾ اٽڪل پندرهن کان ويهه سوراخ هوندا آهن. ٻنڊين مان ٻار جي چوسڻ تي ٿڃ نڪرندي آهي. دراصل اهي ٻنڊين جا سوراخ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) جا منهن هوندا آهن.
  • 2. پِڙو (Aroela): پڙو هر هڪ ڇاتيءَ ۾ گول دائري ۾ ٻنڊين جي چوڌاري هوندو آهي؛ جيڪو پکيڙ ۾ اڌ انچ کان هڪ انچ جي اندر گولائيءَ ۾ ٿئي ٿو. پڙي جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو، جيڪو عورت جي ڳورهاري هئڻ دوران اڃا به گھاٽو ڪارو ٿي ويندو آهي. پڙي جي هيٺان چرٻيءَ جا غدود (Sebaceus Glands) هوندا آهن، جن کي Montgomery Glands به چئبو آهي. چرٻيءَ وارن غدودن جا نشان پڙي جي مٿان چوڌاري اڀارن (Papillae) وانگي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چرٻيءَ وارا غدود هر وقت ضرورت آهر سڻڀو مادو خارج ڪندا رهندا آهن.
  • 3. خانا (Lobes): هر هڪ ڇاتيءَ ۾ ويهه خانا ٿين ٿا. هر هڪ خاني ۾ وري تمام گھڻا ننڍا خانا (Lobules) هوندا آهن. جيڪي ننڍڙا خانا ٻنڊين جي چؤڌاري پکڙيل هوندا آهن. ننڍڙا خانا تمام گھڻن کانچن (Alveoli) تي مشتمل هوندا آهن. هر هڪ کانچي کي ڇهه ڪنڊون ٿينديون آهن. کانچا اڳتي هلي ننڍڙين ناڙين سان ڳنڍبا آهن. اهي ننڍڙيون ناڙيون گڏجي کير جي هڪ وڏي ناڙي ٺاهينديون آهن. جنهن کي کير جي وڏي ناڙي (Lactiferous Dect) چئبو آهي.
  • 4. کـيـر جـي وڏي نـاڙي (Lactiferous Duct): کير جون وڏيون نـاڙيـون وچ ڇاتيءَ ۾ پکڙيل هونديون آهن. هر هڪ ڇاتيءَ ۾ کير جي وڏين ناڙين جو تعداد لڳ ڀڳ ويهه ٿئي ٿو. هر هڪ کير جي وڏي ناڙي پڙي جي ويجھو هڪ ننڍڙي دُٻي (Ponds) ۾ بدلبيون آهن. هتي کير جي ناڙين جي شڪل کير جي پيالين/ وٽين وانگي ٿي ويندي آهي، جن کي (Lactiferous Sinus) چئبو آَهي.
  • 5. رَت جي رسد (Blood Supply): ڇاتيون (اُرهه جا غدود) ٻنهي قسم جي رت جي رڳن (Blood Vessels) (هڪ رت جي شريانن Artries ۽ ٻيو رت جي نسن Veins) سان مڪمل ڳتيل ٿينديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڇاتين (اُرهن) کي رڳن وارا غدود (Vascular Glands) به چيو ويندو آهي.
  • 6. ڇاتين جو تنتي نظام (Nerve System): ڇاتين جو تنتي نظام چوٿين، پنجين ۽ ڇهين سيني جي تنتن سان جڙيل آهي. ڇاتين ۾ خاص ڪري ٻنڊين جي چوڌاري ڳاڻاٽي کان به وڌيڪ (ڇاتين جون پنهنجون) خابرو قسم جي تنتن (Sensory Nerves) جون پڇڙيون موجود هونديون آهن. هن قسم جي تنتن جو ماءُ جي کير ٺهڻ ۽ نڪرڻ تي ڪو به ضابطو يا اثر ڪونهي؛ پر ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان انهن ۾ اهڙو تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري پچوئٽري غدود (Pituitary Glands) مان هائيپو ٿلامس (Hypothalamus) جي هدايت تي ٻه هارمون نڪرندا آهن. هڪ پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone) (جنهن هارمون جي ڪري ٿڃ ٺهندي آهي) ٻيو آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone) (هن هارمون جي ڪري ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان ٿڃ ٻنڊين مان ٻاهر نڪرندي آهي). هنن ٻنهي هارمونن جي ڪري ماءُ جي ڇاتين ۾ ٿڃ ٺهندي به آهي ۽ ماءُ جي ٻنڊين مان ٿڃ ٻاهر نڪرندي به آهي.
  • 7. لعاب جو نيڪال (Lymphatic Drainage): لعاب جي نيڪال جو سرشتو ڇاتين جو تمام اهم حصو آهي، جيڪو ٻن قسمن سان پنهنجو ڪم ڪري ٿو. هڪ لعابي تنتن (Lymphatic Vessels) ذريعي، ٻيو لعابي ڳوڙهين (Lymphatic Nodes) ذريعي اٽڪل پنجهتر سيڪڙو ڇاتين جو لعاب بغل جي ڳوڙهين (Axillary Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو. ويهه سيڪڙو ڇاتين جو لعاب خود ڇاتين ۾ موجود ڪجھه غدودن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. باقي پنج سيڪڙو ڇاتين جو لعاب ڇاتين کان سيني جي پوئين پاسراٽين جي وچ وارين ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو. لعابي ڳوڙهيون ۽ لعابي ڳوڙهين جو فعل نهايت اهم آهي. هنن ڳوڙهين ۾ ڪنهن به قسم جو خلل پوڻ ڪري ڇاتين جو ڪينسر (Carcinoma) ٿيندو آهي. ڇاتين جو لعاب سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پنجهتر سيڪڙو بغل ۽ بغل سان لاڳاپيل حصن جي ڳوڙهين ۾ نيڪال ٿئي ٿو، جنهن ۾ بغل جي وچ، پاسي، اڳين ۽ پويون ڳوڙهيون اچي وڃن ٿيون. باقي ٿورو لعاب سيني جي تنتن ۽ ڳچيءَ جي پاسي وارن ڳوڙهين وٽ هسليءَ جي مٿان ڳوڙهين (Supraclaviculrar Nodes) ۾ نيڪال ٿئي ٿو.
  • 8. پروليڪٽن هارمون (Prolactin Harmone): پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جي اڳئين حصي مان هي هارمون نڪرندو آهي، جيڪو ماءُ جي ٿڃ ٺاهيندو آهي. ويم کان پوءِ (Parturation) سنئون سڌو هن هارمون جو اثر ماءُ جي ڇاتين تي ٿيندو آهي. ماءُ جي ويم کان پوءِ هن هارمون جي رت جي سطح وڌي ويندي آهي. ٻار جي ماءُ جي ٻنڊين کي چڳڙ ڏيڻ سان پروليڪٽن هارمون اڃا به وڌيڪ دماغ جي تنتي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود مان خارج ٿيندو آهي.
  • 9. آڪسيٽوسني هارمون (Oxytonic Harmone): هـي هـارمـون پچـوئٽـري غـدود (Pituitary Gland) جـي پـوئيـن حـصـي مـان دمـاغ جـي تـنتـي مـرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي گهربل مقدار ۾ خارج ٿيندو آهي. جڏهن ماءُ جي ٻنڊيءَ کي چڳڙ ڏيندو آهي ته دماغ جي خابرو تنتي سرشتي جي مرڪز (Hypothalamus) جي هدايت تي پچوئٽري غدود جي پوئين حصي مان گھربل مقدار ۾ آڪسيٽوسن هارمون خارج ٿيندو آهي، جنهنڪري ٻنڊيءَ جي غدودن جي جيوگھرڙن (Glandular Cell) ۽ کير جي ناڙين (Lactiferous Ducts) ۾ ڪوئجڻ جو عمل (Process of Contraction) ٿيندو آهي، جنهن سان ٻار جي ٻنديءَ کي چڳڙ ڏيڻ تي ٻنڊيءَ جي سوراخن مان ٿڃ نڪري پوندي آهي.

ڇاتين جون بيماريون[سنواريو]

ارهن جو ڪينر
ارهن جي ڪينسر ۾ ٻنڊ ابت سبت ٿيڻ ۽ چمڙي جو سوڪهڙو.
  • 1. اضافي ٻنڊيون (Accessory Nipples): ڪڏهن ڪڏهن ڪن عورتن کي اضافي ٻنڊيون ٿينديون آهن، جيڪي عام ڇاتين ۽ ٻنڊين کان ننڍيون ٿينديون آهن. هي گھڻو ڪري ڪنهن به ڇاتيءَ (ارهه) جي پاسي ۾ يا ڪڇن جي پاسي ۾ يا وري ڪڇن جي اندرين پاسي ۾ ٿينديون آهن.
  • 2. ٻنڊين جون تڪليفون (Aliments Of Nipples): ٻنڊين ۾ گھڻن قسمن جون تڪليفون ٿينديون آهن، جن ۾ ٻنڊين جا سوراخ يا کير واريون ناڙيون بند ٿي وينديون آهن. جنهن ڪري ٻنڊين مان کير اچڻ بند ٿي ويندو آهي، جنهن جو سبب ارهه جون کوڙ بيماريون هونديون آهن، جن ۾ خاص ڪري ارهه جو ڳَڙُ (Galactocele Abscess) هوندو آهي.
  • 3. ارهه جي غدودن جو وڌي وڃڻ (Enlargement of Glands): اُرهه ۾ ننڍا وڏا ڪيترا غدود ٿين ٿا، جن جي وڌي وڃڻ ڪري اُرهن ۾ سور ٿي پوندو آهي.
  • 4. ڳليٽيون ۽ رسوليون (Tumors): ڇاتين ۾ عام (Bengin) يا مهلڪ (Malignant) ڳلٽيون ۽ رسوليون Tumors ٺهڻ. (وڌيڪ ڏسو: ڇاتين جو سرطان)
  • 5. زخم (Ulcers): ڇاتين ۾ ڦٽن ۽ ڦرڙين ٿيڻ يا ڌڪ لڳڻ ڪري زخم ٿي پون.
  • 6. روڳ Infection): ڇاتيءَ جي اندرين حصن (عضون) يا ٻاهرين حصن (عضون) ۾ ڪنهن مهلڪ بيماريءَ جي ڪري روڳ (infection) ٿي پوي.
  • 7. اُرهه جي سوڄ (Swelling): ارهه جي غدودن ۾ ارهه جي بيمارين ڪري، يا ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پوي.
  • 8. ڇاتيءَ جي خانن جون بيماريون (Diseases of Lobes): ڇاتيءَ جا ننڍا وڏا خانا (گھڻين بيمارين جي ڪري) سسي يا وڌي وڃن، يا انهن ۾ ڳلٽيون ۽ رسوليون ٺهن يا وري انهن ۾ چرٻي گھٽ ٿي وڃي يا حد کان وڌيڪ ڀرجي وڃي، ان ڪري پنهنجو ڪم ڇڏي ڏين.
  • 9. اُرهه جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوري (Feeble Lligments Muscles): ارهن جي ٻنڌڻن ۽ مشڪن جي ڪمزوريءَ جي ڪري اُرهه ڇڙڪي ڪمزور ٿي پوندا آهن.
  • 10. ارهن جو سسي وڃڻ (Atrophy Shrinks of ): ارهن جي مٿاڇري يا اندر خانن ۾ قدرتي طور چرٻيءَ جي گھٽ ٿي وڃڻ ڪري وقت کان اڳ ۾ عورت جون ڇاتيون سُسي وڃن ٿيون يا وري خود جوانيءَ ۾ گھٽ اُڀرن (سسيل ۽ ننڍيون هجن) ٿيون.
  • 11. ڇاتيءَ جو سور (Pain in Breast Mastodynia): عورتن کي ڇاتين جي گھڻين بيمارين کان سواءِ گھڻو ڪري ماهواريءَ دوران ڇاتين ۾ سور ٿيندو آهي ۽ گرڀوتيءَ هجڻ دوران سور سان گڏ اُرهن ۾ سختي به ٿيندي آهي، جنهنڪري ڳورهاري عورت جون (هڪ يا ٻئي) ڇاتيون سور ۾ جھرنديون آهن.
  • 12. ڇاتين جو سرطان (Cancer): هيءَ عورت جي ڇاتين جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ مهلڪ بيماري (Fatal Disease) آهي. هن بيماريءَ جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ عورتون موت جو بَکُ بڻبيون آهن.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012