ڏاڙهون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هڪ ڪٽيل ڏاڙهون

ڏاڙهون (انگريزي ٻولي: Pomegranate) هڪ ميوو آهي جيڪو عام طور تي سياري جي موسم ۾ دستياب هوندو آهي. هن جي کل ڳاڙهي رنگ جي هوندي آهي جيڪا سخت هوندي آهي. هي اندران ڳاڙهن داڻن سا ڀريل هوندو آهي جيڪي کٽي مٺي ذائقي جا هوندا آهن. هي ميوو انساني غذا هجڻ سان گڏوگڏ انسان جي لاء دوا جي طور به تجويز ڪيو ويندو آهي ڇو ته هي ڪافي بيمارين جي لاء مفيد آهي. ڏند ۽ دل جي مرض لاء فائديمند آهي.

نالو[سنواريو]

هن کي فارسيءَ ۽ هندستانيءَ ۾ انار چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ پوميگرانيٽ چونس ٿا. هي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ عام آهي، مگر جهڙا ڏاڙهون سال بسال پٺاڻ ڪابل مان آڻيندا آهن، اهڙا هتي ڪڏهن ڪين ٿا ٿين.[1]

قسم[سنواريو]

ڏيهي ڏاڙهن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا. هڪڙا کٽا ۽ ٻيا مٺا. پاٽنا جا ڏاڙهون وڏي قسم جا ۽ عمدا ٿيندا آهن جبلن ۾ ته جهنگلي به ٿيندا آهن. ڪابلي ڏاڙهون سملا ۾ به ٿين ٿا. سهي ڪيو اٿن ته ڪابلي ڏاڙهون جبل جي چن واري پٿر جي تهه واريءَ زمين تي ٿي سگهن ٿا. ڪابلي ڏاڙهونءَ کان سواءِ، عربستان جي پاسي جا ڏاڙهون به چڱا ٿيندا آهن. انهن جا مشهور قسم هي آهن: پهريون، شامي ڏاڙهون، جي ٻاهران ڳاڙها ٿا ٿين ۽ تمام مٺا ٿا ٿين. مڪي ۽ مسقط ۾ ته داڻن يا ٻج کان سواءِ ٿيندا آهن. خوشبوءِ به چڱي ٿيندي اٿن ۽ قد ۾ به ننڍڙي ٻار جي مٿي جيڏا آهن.[2] ٻيو، ترڪي ڏاڙهون: هي وڏا ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. ٽيون، مصري ڏاڙهون: هنن جي کل سائي ٿي ٿئي. هي البت کٽا آهن.[1] بيداڻا ڏاڙهون ڪابل ۾ به ٿيندا آهن. ڪوشش ڪري هندستان ۾ به ڪن جاين تي اپايا اٿن، جي ماڻهوءَ جي مٿي جيڏا ٿين ٿا.[1]

پوکي[سنواريو]

ڏاڙهونءَ جا گل تمام سهڻا ٿيندا آهن. رنگ جا کهنبا آهن. گل سانوڻ توڙي اونهاري ۾ ڪندا آهن. ڦر اڪثر سياري ۾ ٿيندو آهي. ڏاڙهن کي زور وٺائڻ لاءِ، سرن جو چورو يا سرخي پراڻي ۽ ڳائي ڀاڻ سان گڏائي زمين ۾ وجهندا آهن. ڏاڙهون خشڪ زمين ۾ چڱو ٿو ٿئي، مگر گهم واري هنڌ چڱو نٿو ٿئي. سال بسال ڀاڻ ڏيڻ گهرجيس. ڀاڻ ڏيڻ لاءِ ڊسمبر مهينو چڱو آهي. ڏاڙهونءَ جو وڻ اڪٿر پاڙ مان لڪڻن وانگي شاخون ڪڍندو آهي، جي صاف وڍي ڇڏڻ کپن.[1] هي وڻ ٻج مان، قلمن مان ۽ پيوند مان به ٿيندو آهي. اهو سڀ ڪم فيبروريءَ مهيني ۾ ڪجي. هي وڻ ٽَڪَرن تي چڱو نه ٿيندو آهي. سادا کٽا ڏاڙهون ماڻهو سڪائي رکندا آهن، جي پوءِ مصالح ۾ ڪم آڻيندا آهن. ڏاڙهونءَ جي کَل جنهن کي ڇوڏي چوندا آهن، سا رنگ ڏيڻ جي ڪم ۾ گهڻي ڪتب ايندي آهي. هيڊ ۽ ڇوڏي گڏڻ سان سائو رنگ ٺاهيندا آهن.[1]

ڏاڙھون جو موسم آھي. قديم يوناني ۽ مصري ھن کي نسلي زرخيزي ۽ لافاني زندگي جي علامت سمجهندا ھئا. ڏاڙھون Lythraceae لٿاريسي خاندان سان تعلق رکي ٿو. ھي 5 کان 10 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ھي سيپٽمبر ۾ لھي وڃي ٿو. ڏاڙھون طبي فائدن سان سرشار ميوو آھي. ڏاڙھون ۾ وٽامن اي Vitamin A ۔ وٽامن بي Vitamin B ۔ وٽامن سي Vitamin C ۔ ھائيڊروڪلورڪ ايسڊ Hydrochloric acid ۔ نشاستو Carbohydrates ۔ پوٽيشم Potassium ۔ ڪيلشم Calcium ۔ ٽامو Copper ۔ فولاد Iron ۔ گنڌڪ Sulphur ۔ فاسفورس Phosphorus  ۔ مئگنيشم Magnesium  ۽ خاص ڪري وٽامن سي Vitamin C گهڻي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. ڏاڙھون ۾ گهٽ حرارا Calories پر وٽامن بي 5 ۔ پوٽيشم ۽ اوڄا Tissues جهجهي مقدار ۾ ٿين ٿا. ڏاڙھون ۾ دافع تڪسيد ۽ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون.

ذائقي جي لحاظ کان ھن جا ٽي قسم ٿين ٿا.

(1) ڏاڙھون کٽو

(2) ڏاڙھون مٺو

(3) ڏاڙھون کٺمٺو

ھي ٽئي قسم دوا ۽ غذائي خاصيتن جي لحاظ کان مالامال آھن. ڏاڙھون دل دماغ کي فرحت بخشي ٿو. رت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي. پيٽ وارين عورتن لاء نعمت آھي. پيٽ دوران فولاد جي کوٽ ۔ آت۔ الٽي ۔ بدھضمي جي ڪيفيت ۽ مٽي کائڻ جي عادت کي دور ڪري ٿو. ڏاڙھون خوني بواسير يا اھڙن عارضن جي ڪري ضايع ٿيندڙ رت جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪمزوري کي اتي دور ڪري طاقت بحال ڪري ٿو. ان کان سوا مليريا ۔ ڊينگي بخار ۽ رت جي ڪينسر جي مريضن لاء مفيد آھي. جن جا رت جا ڳاڙھا جزا گهٽ ٿي ويا ھجن ۽ شديد ڪمزوري ٿي وئي ھجي ۔ جيري جي ڪمزوري ۔ صفرا جي زيادتي ۔ گرمي ۔ رت جي خرابي ۔ سائي ۽ ٿي وئي ھجي ان حالت ۾ ڏاڙھون اڪسيري اثر ڏيکاري ٿو. ھي قبضي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ پيلن دستن کي روڪي ٿو ۽ سيني جي ساڙي ۽ سوزش کي روڪي ٿو. ڏاڙھون جيري جي سوڄ ۔ تري جي مرضن ۔ خشڪ کنگھ ۔ سيني ۾ سور ۽ ٽائيفائيڊ بخار کي دور ڪري ٿو.

ڏاڙھون انجائنا جي سور ۔ سيني جي گهٽ ۔ ڪوليسٽرول جي گهڻائي ۽ پيٽ جا مرضن ۾ لاڀائتو قرار ڏنو ويو آھي.

ڏاڙھون سياري جو بھترين ميوو آھي. سياري جي آمد کان ٿورو اڳ ڏاڙھون مارڪيٽ ۾ پھچي وڃي ٿو. ڏاڙھون ماکي جھڙي مٺاڻ پاڻ ۾ رکي ٿو. ھن جو ھڪ قسم قنڌاري ڏاڙھون بہ آھي. قنڌاري ڏاڙھون ٻين ڏاڙھن کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. ھن جي کل مضبوط ٿئي ٿي ۽ چمڙي وانگر ٿئي ٿي. ھن جي اندر ڳاڙھا گلابي ياقوتي موتين جھڙا داڻا رس سان ڀريل ھوندا آھن. انار ۽ انسان جو پاڻ ۾ ساٿ پراڻو آھي. ڏاڙھون جي پاء رس ۾ ٻن مانين جيتري غذائيت آھي. ھن ۾ نشاتيدار جزا گهٽ ۽ وٽامن بي جي ڪافي مقدار موجود ٿئي ٿي. ڏاڙھون ۾ لوڻ جو تيزاب معدي کي طاقت ۽ کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڏاڙھون جو استعمال نزلي جو خاتمو ڪري ٿو ۔ نڙي جي خارش کي دور ڪري ٿو ۔ پياس جي شدت کي ختم ڪري ٿو ۽ رت پيدا ڪري سائي کي ختم ڪري ٿو. تازي تحقيق مطابق ڏاڙھون جو استعمال ويسر ڱي ختم ڪري ٿو ۔ فالج جي خطري کي ھٽائي ٿو ۔ بڪين جي سوڄ ختم ڪري ٿو ۽ خشڪ کنگھ کي دفع ڪري ٿو.

قوت مدافعت ۾ اضافي لاء وٽامن سي بھترين جز آھي ۽ ڏاڙھون ۾  وٽامن سي صوف کان چئوڻ موجود آھي. ان کان سوا وٽامن اي ڪافي مقدار ۾ موجود آھي. جيڪڏھن توھان  روز ڏاڙھون کائو ٿا تہ توھان چمڙي جي داڻن کان آجا ۔ جوان ۽ جرڪندڙ نظر ايندا. ان کان سوا ڏاڙھون ۾ فولاد Iron ۔ پوٽيشم Potassium  ۽ مئگنيز Magnese جي وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا صحت تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿي. ڏاڙھون جي باقائدي استعمال سان رت جي کوٽ Anemia ۽ آڪڙ Swagger  جو عارضو ختم ٿي وڃي ٿو.

ماڳ مڪان :-

مشھور سائنسدان ڊيڪيڊوي ايران کي ڏاڙھون جو وطن قرار ڏيندي ڏاڙھون تي Punica Quarantum جو نالو رکيو آھي.ايران جي نالي تان لفظ انار نڪتو آھي. ھي ميوو ايران کان افغانستان ۽ افغانستان کان ھندستان ٿيندو آفريڪا پھتو ۽ روم جي بحر تائين ملڪن ۾ ھن جي پوک شروع ٿي وئي. ڏاڙھون آمريڪا ۽ چلي جي علائقن ۾ بہ ٿئي ٿو. ايشيا جي ملڪن ۾ ڀارت جي علائقي پٽنا ۾ ڏاڙھون کي شھرت حاصل آھي جڏھن تہ پاڪستان ۽ افغانستان واري مٺي ڏاڙھون جو ڪو مثال ناھي. پاڪستان ۽ افغانستان جو قنڌاري ميوو پنھنجو مٽ پاڻ آھي.

ڏاڙھون چيونڪا جو ميوو آھي. ھي ميوو ڳاڙھي ۽ اڇي رنگ ۾ پاتو وڃي ٿو. ڏاڙھون جي پوک لاء چيڪي ۽ زرخيز مٽي جو ھجڻ ضروري آھي. ھن وڻ جي اوچائي وڌ کان وڌ 20 فٽ ٿئي ٿي. ھن جي گولائي 3 کان 4 فٽ ٿئي ٿي ۽ ھن جي کل جو رنگ پيلو ۽ گھرو ڀورو ٿئي ٿو. قديم مصر ۽ يونان جا ماڻهو ھن وڻ کي نسلي زرخيزي ۽ لاثاني زندگي جي علامت سمجهندا ھئا.

ڏاڙھون تڪسيد روڪ ميوو :-

اسرائيل جي رام ڀام ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر مائيڪل ايوي رام پنھنجي ورھين جي تحقيق ۾ ثابت ڪيو آھي تہ سڀني ميون جي مقابلي ۾ ڏاڙھون ۾ تڪسيد روڪ جزا گهڻا آھن. ڊاڪٽر مطابق روزانو ڏاڙھون کائڻ سان تڪسيدي دٻاء گهٽ ٿي وڃي ٿو. خون جي نالين جي اندرين تھن ۾ ڄميل چرٻي کي گهٽ ڪرڻ کان سوا اضافي چرٻاڻ Cholesterol کي گهٽ ڪري ٿو. ڊاڪٽر ايوي رام جي ماڻھن ۽ جانورن تي ڪيل تجربن ثابت ڪيو آھي تہ ھن معجزاتي ميوي ۾ دافع تڪسيد جزا وافر مقدار ۾ موجود آھن. ٻين سائنسدانن ثابت ڪيو آھي تہ ھن ميوي جي رس ۾ تڪسيد روڪ اثر ٻين ميون کان وڌيڪ ٿين ٿا. ڏاڙھون ۾ فليونائيڊس 40 فيصد ٿين ٿا ان ڪري ھن کي ڊگهي وٽامني ٽانڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. انهن خوبين جي ڪري سائنسدانن ڏاڙھون کي وڌ ۾ وڌ تڪسيد روڪ ميوو قرار ڏنو آھي. ھي جيري ۔ اکين ۽ سنڌن جي بيمارين ۾ مددگار ثابت ٿيو آھي. گڏ گڏ عمر وڌڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ ويسر Alzheimer بيماري کي ختم ڪري ٿو.

ڊي اين اي کي ٺوس رکندڙ :-

ڏاڙھون جا جز ۽ رس ڪينسر تي گهڻن نمونن سان حملو ڪن ٿا ۽ صحتمند گهرڙن کي ڪينسر جي ور اچڻ کان روڪن ٿا. ڏاڙھون جينوم ڊي اين اي ۾ ٿيندڙ تبديلين کي روڪي ٿو جيڪي ڪينسر جو سبب بنجن ٿا. ڏاڙھون ۾ ڪينسر سان وڙھندڙ خامرو Enzyme پيرا اوڪسونيس ون پي او اين ون ٿئي ٿو جيڪو آڪسيجن جي کوٽ ۽ سوزش کي دور ڪري ٿو ۽ ڊي اين اي جي تبديلي جو سبب بنجي ڪينسر کي روڪي ٿو. ڏٺو ويو آھي تہ ڪينسر جي مريضن ۾ پي او اين ون جي مقدار تمام گهٽ ٿئي ٿي. ڏاڙھون ۾ گهٽ ڪيلريون پر وٽامن بي 5 ۔ پوٽيشم ۽ اوڄا جهجهي مقدار ۾ ٿين ٿا. ڏاڙھون ۾ دافع تڪسيد ۽ جراثيم روڪ خوبيون پاتيون وڃن ٿيون.

ڏاڙھون جا گل :-

ڏاڙھون جا گل بہ پنھنجي افاديت جي لحاظ کان وڏي اھميت رکن ٿا.

جن عورتن  کي حيض گهڻو اچي ٿو يا جن عورتن جو ٻار بار بار ڪري ٿو انهن لاء ڏاڙھون جا گل اڪسير آھن.

ڏاڙھون جا گل    20 گرام

پاڻي                  2 بوتلون

گل پاڻي ۾ وجهي ديڳڙي ۾ ڪاڙھجن پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ٿڌو ڪري ڇاڻي بوتل ۾ رکجي.

2 تولا روز پيئجي.

ٻار ڪرڻ کان بچي ويندو.

ڏاڙھون جي کل :-

ڏاڙھون ۾ سبز چانھن کان وڌيڪ تقسيد روڪ ٿين ٿا جنھن جي ڪري ڇاتي ۔ وڏي آنڊي ۔ مثاني ۽ غدودن جي ڪينسر خلاف مدافعت فراھم ڪري ٿو. ھن جي کل ۾ اليجڪ ايسڊ موجود ٿئي ٿي جيڪا چمڙي جي ڪينسر کي روڪي ٿي ان ڪري آنڪولوجي يعني رسولين جا ماھر ڏاڙھون جي کل کي کائڻ جو مشورو ڏيندا آھن.

نسخو :-

ڏاڙھون جي کل ۽ ڪپھ ھموزن کي تئي ۾ ساڙجي ۽ خاڪ ڪري کرل ڪري رکجي. اتان تولو خاڪ کڻي 5 تولا مکڻ ملائي کرل ڪري رکجي. ويڪري منھن واري شيشي ۾ بند ڪري رکجي.

زخمن کي روز ھڻجي.

پراڻي کان پراڻا زخم ٺيڪ ٿي ويندا.

ڏاڙھون جي ڪڻ جي چٽڻي :-

ڏاڙھون جي ڪڻ      تولو

ڌاڻا  ساوا                تولو

ڦودنو سائو             تولو

ساوا مرچ               2 عدد

سائي ٿوم               2 ڳڙيون

گهوٽي يا ڪٽي ملائي ٿورو لوڻ وجهي کائجي.

لذت ۾ بھترين آھي.

اعلا کاڌو                                                   Super food

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا لاس اينجلس جي تحقيق مطابق ڏاڙھون جي رس ۾ 100 نمونن جا فينول Phenols ۽ دافع تڪسيد Antioxidents پاتا وڃن ٿا جيڪي ھن کي سپر فوڊ بنائن ٿا. ڏاڙھون کي سپر فوڊ ڇو چيو وڃي ٿو، پھرين اھو ڄاڻڻ ضروري آھي تہ سپر فوڊ ڇاھي ۽ ڪھڙو ميوو سپر فوڊ تي پورو اتري ٿو. غذائي ماھر سپر فوڊ طور جيڪي ميوا چونڊن ٿا اھي تڪسيد روڪ ۔ تاندورن ۔ وٽامنن ۔ معدنيات ۽ ٻين غذائن سان ڀرپور ٿين ٿا انهن ۾ اسان جي صحتمندي ۔ وڏي عمر ۽ بيمارين کان بچڻ جون خوبيون شامل ھجن ٿيون.

ھونئن ھرڪو ماڻھو پيٽ ڀري کاڌو کائي ٿو پر اڪثريت ماڻهن جي ان ڳالھ کان اڻ واقف ھوندي آھي تہ اسان جي کاڌي پيتي جون شيون ڪھڙي اھميت ۔ افاديت ۽ اثر رکن ٿيون. جيڪي ميوا ڪينسر ۔ شڳر ۔ دل جي دوري ۽ رت جي داٻ کان بچائن ٿا انهن کي سپر فوڊ چئي سگهجي ٿو.

آڪسفورڊ يونيورسٽي سان وابستہ ماھرن سپر فوڊ جي حوالي سان طبي تجزين ۽ نتيجن تي ھڪ تجزياتي رپورٽ پيش ڪئي آھي جنھن ڀلي ڀت پتو پوي ٿو تہ دل جي سڀني بيمارين کان بچائيندڙ طور ميون ۾ جيڪو سپر فوڊ اڀريو آھي اھو آھي ڏاڙھون.

ڏاڙھون تي ٿيل تحقيق مان پتو پوي ٿو تہ ڏاڙھون ۾ سڀن ميون جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدا آھن. بائيو ميڊيڪل جي سائنسدان سيپي سيھاٽي مطابق اسان دنيا جي سڀن ميون تي جائزي طور نظر وڌي پتو پيو تہ ماھرن جي بنيادي توجھ ڏاڙھون آھي.

ڏاڙھون جا فائدا :-

وار مضبوط ڪندڙ :-

پيونڪ ايسڊ جي ڪري ڏاڙھون جو جوس سياري ۾ چمڙي کي خشڪي کان بچائي ٿو. ھن جي کائڻ سان وارن جون پاڙون مضبوط ٿين ٿيون جنھن جي ڪري وار ڪرڻ بند ٿي وڃن ٿا ان ڪري ڏاڙھون کي وارن تي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

دل کي طاقت ڏيندڙ :-

ڏاڙھون ۾ موجود نباتي ڪيميائي چرٻاڻ Phytochemical cholesterol رت جي داٻ کي گهٽ ڪري ٿي ۽ شھ رڳ Carotid artery مان چرٻاڻ ھٽائي ٿي جنھن جي ڪري رت جي وھڪ وچٿري رھي ٿي ۽ دل جو ڌڙڪو معتدل رھي ٿو.

ھيپاٽائيٽس روڪ :-

ڏاڙھون جو رس يا شربت ھيپاٽائٽس اي ۔ ھيپاٽائٽس بي ۽ ھيپاٽائٽس سي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڏاڙھون جي رس يا شربت پيئڻ سان جيري ۔ گردي ۔ منھن ۽ پيرن جي سوڄ ختم ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڏاڙھون سوڄن جيري جي سوڄ ۔ منھن جي سوڄ ۔ پير جي سوڄ ۔ پيٽ جي سوڄ ۽ سائي ختم ڪندڙ آھي.

ڊينگي بخار روڪ :-

ڏاڙھون جو شربت ڊينگي بخار لاء مفيد آھي ڇوجو ھي رت جي ڳاڙھن جزن کي وڌائڻ سان گڏ  قوت مدافعت کي وڌائي ٿو ۽ ڊينگي بخار جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪمزوري کي ختم ڪري ٿو.

دماغ :-

ڏاڙھون دماغ کي فرحت ڏئي ٿو ۽ تازگي بخشي ٿو جو ھن جي استعمال ڪرڻ سان سودا خارج ٿي وڃي ٿي ۔ نفرت جو مادو نڪري وڃي ٿو ۔ حسد کان دل آجي ٿي وڃي ٿي ۽ دل باغ بھار رھي ٿي - ڏاڙھون کائڻ سان صفرا خارج ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري دماغ کي طاقت ملي ٿي ۔ ننڊ ڀلي اچي ٿي ۽ سوچن کي تقويت ملي ٿي.

پوھائپ روڪيندڙ :-

ڏاڙھون پوڙھ روڪ Anti aging آھي. ڏاڙھون کائڻ سان چمڙي ۾ ايلاسٽن ۽ ڪولاجن جي پيداوار ۾ مدد ڏيندڙ  فائبروبلاسٽ جي عمر وڌي ٿي جنھن جي ڪري چمڙي تي لڙڪاء ۽ گهنج اچڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ منھن تان ڪارسراڻ ۔ داغن ۽ داڻن جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. ڏاڙھون جي شربت ۾ جيڪڏھن ماکي جو اضافو ڪيو وڃي تہ اھو شربت پوڙھائپ کي روڪي ٿو ۽ چمڙي کي تازو رکي ٿو.

معدي کي طاقت ڏيندڙ :-

ڏاڙھون ۾ موجود ھيڊوڪلورڪ تيزاب Hydrochloric Acid ۽ لوڻ جو تيزاب معدي کي طاقت ڏين ٿا ۔ کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ کليل نموني بک لڳائن ٿا. معدي جي ڪمزوري يا سردي جي ڪري چپ سفيد ٿيڻ لڳن ۽ علاج جو فڪر ستائي تہ پريشان نہ ٿجي ۽ بازار جو رخ ڪجي ۽ ڏاڙھون روز وٺي کائجي. فرق خودبخود معلوم ٿيندو.

چيلھ جي چرٻي ختم ڪندڙ :-

ڏاڙھون جي استعمال سان چيلھ جي چرٻي جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. ڏاڙھون پنھنجي کٽ جي ڪري رڳن مان چرٻاڻ Cholesterol کي خارج ڪري ٿو ۔ رت جي وھڪ کي اڃان بھتر بنائي ٿو ۽ چيلھ جو سور ختم ڪري لچڪ پيدا ڪري ٿو.

آنڊن کي چرٻي کان پاڪ ڪندڙ :-

ڏاڙھون جو استعمال آنڊن جي سختي ختم ڪري ٿو جنھن سان طبيعت پرسڪون رھي ٿي ۔ آنڊن ۾ ڄميل پلاڪ ختم ڪري ٿو ۔ آنڊن کي چرٻي کان پاڪ ڪري رت جي وھڪ کي ٺيڪ ڪري ٿو.

بدھضمي جودشمن :-

جيڪڏھن بدھضمي ھجي تہ ان حالت ۾ ڏاڙھون بھترين ٽانڪ آھي. ھي شڳر جي سطح کي ضابطي ۾ رکي ٿو ۽ انسولين ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڊائريا جو دشمن :-

جيڪڏھن دست ۔ پيچش يا ڊائريا ٿئي ان حالت ۾ ڏاڙھون جي ڪڻ کائجي ۽ ڏاڙھون جي کل پاڻي ۾ ڪاڙھي پاڻي ڇاڻي پيئندو رھجي.

زھريلا مادا خارج ڪندڙ :-

جيڪي مادا رت کي نقصان پھچائن ٿا ڏاڙھون جي کائڻ سان اھي مادا خارج ٿي وڃن ٿا ۽ گردا فعال ٿي وڃن ٿا.

چرٻاڻ Cholesterol جو خاتمو ڪندڙ :-

ڏاڙھون ۾ موجود تڪسيد روڪ مادا جسم مان خراب چرٻاڻ کي خارج ڪن ٿا ۽ رت ۾ سٺي چرٻاڻ جو اضافو ڪن ٿا۔ ھن کي پنھنجي خوراڪ بنائڻ سان چرٻاڻ جي ڪري پيدا ٿيل بيمارين جو خاتمو ٿي وڃي ٿو.

مدافعت کي تيز ڪندڙ :-

ڏاڙھون ۾ موجود طاقتور بيڪيٽيريا روڪ مائڪروبيال جسم جي مدافعتي سرشتي کي طاقتور ڪن ٿا ۽ جسم جي قوت مدافعت وڌائي ماحول ۾ موجود بيماري پيدا ڪندڙ جراثيمن کي حملي ڪرڻ کان روڪن ٿا.

تابڪار روشني کان بچائيندڙ :-

ڏاڙھون جي کائڻ سان سج جي روشني جا مضر اثر نٿا پون ۽ توھان جي چمڙي ۾ آزاد تڪسيدي جزن سان مقابلي جي اھليت پيدا ٿي وڃي ٿي. ڏاڙھون جواستعمال نہ صرف چمڙي جي ڪينسر کان حفاظت ڪري ٿو پر چمڙي جي ڪينسر کان بچائي ٿو.

گهرڙن جي مرمت ڪندڙ :-

ايڪول پولي ٽيڪنڪ فيڊرل ڊي لوزاني اداري جي تحقيق مطابق ڏاڙھون ۾ يوروليٿيم مادو ٿئي ٿو جيڪو بيڪار گهرڙن کي جاندار ڪري انهن کي متحرڪ ڪري ٿو. وڌيڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ معدي ۾ جيو دوست بيڪيٽيريا ٿين ٿا جيڪي ڏاڙھون جي خام جزن کي يوروليٿيم اي ۾ تبديل ڪن ٿا. خيال رھي تہ عمر گذرڻ سان گڏ گهرڙن جي مرمت ۽ ٻيھر بنجڻ جو عمل سست ٿي وڃي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ مختلف عضون جي صحت متاثر ٿئي ٿي ۽ ڪمزور ٿي وڃن ٿا. محققن مطابق ھن تحقيق سان پوڙھائپ کي روڪڻ واري واٽ ملي وئي آھي ۽ انساني صحت لاء وڏو موقعو ھٿ اچي ويو آھي.

رت ڇڊو رکندڙ :-

ڏاڙھون جي استعمال سان خراب چرٻاڻ LDL کي آڪسيڪاري کان بچائي ٿو يعني تڪسيد گهٽ ڪري رت کي گهاٽي ٿيڻ کان بچائي ٿو مطلب جيڪو ڪم اسپرين ڪري ٿي ۔ اسپرين ۽ ڏاڙھون رت جي گهرڙن کي ملي دڳ Clot ٺاھڻ نٿا ڏين ۽ رت کي ڇڊو رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.

جيري جي مرمت ڪندڙ :-

ڏاڙھون جيري جي حفاظت ڪري ٿو ۽ جيري جو جيڪو حصو ڪنھن بيماري جي ڪري خراب ٿي وڃي ٿو ان جي نئين سر تشڪيل ۾ مدد ڏئي ٿو.

ڊائيٽ وارن لاء مفيد :-

100 گرام ڏاڙھون صرف 83 گرام ڪيلريون ٿين ٿيون جنھن سڄو ڏينھن چستي رھي ٿي. جيڪڏھن توھان ڊائيٽ تي آھيو تہ ڏاڙھون ضرور کائو ڇوجو ھن ۾وڌيڪ تاندورا ٿين ٿا جن جي ڪري بک گهٽ لڳي ٿي پر ھاضمو تيز ٿي وڃي ٿو. وڏي ڳالھ تہ ڏاڙھون ۾ چڪيل چڪنائي نٿي ٿئي جنھن جي ڪري ڊائيٽ وارن لاء ڏاڙھون بھترين غذا جو ڪم ڏئي ٿو.

پيٽ وارين عورتن لاء بھترين :-

ڏاڙھون ۾ موجود وٽامن ۽ معدنيات خاص ڪري خاص ڪري فولڪ ايسڊ حاملہ عورت (پيٽ واري عورت) لاء انتھائي مفيد آھي. ڏاڙھون ۾ موجود پوٽيشم عورتن کي Leg cramps کان بچائي ٿو. ڏاھون جو شربت حاملہ عورتون استعمال ڪن انهي سان حاملہ ۽ پيٽ ۾ ٻار جي صحت ڀلي رھندي ۽ ٻار ڄمڻ ۾ آساني ٿيندي.

ڏند مضبوط ڪندڙ :-

ڏاڙھون جي استعمال سان ڏندن ۾  Plaque جمع نٿي ٿئي ۔ ڏند صاف سٿرا رھن ٿا ۽ ڏندن ۾ مضبوطي اچي ٿي.

زخمن جي نشانن کي ڀريندڙ :-

ڏاڙھون جو استعمال چمڙي جي گهرڙن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ٿو ۔ زخمن جي نشانن کي ڀري ٿو ۽ انھن جي نشانن کي پڻ مٽائي ٿو.

چمڙي ۽ چھرو چمڪائيندڙ :-

ڏاڙھون ۔ انگور ۽ کيري جو رس ملائي چھري تي لڳائجي. ڪلاڪ رھڻ ڏجي. پوء چھري کي ڌوئجي. ھن ماسڪ جي استعمال سان چھرو صحتمند ۽ چمڪيلو رھندو. قوت مدافعت وڌائڻ لاء ڏاڙھون ۾ وٽامن سي موجود آھي. ڏاڙھون ۾ وٽامن سي چئوڻ تي موجود ٿئي ٿي ۽ وٽامن اي ڪافي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. ڏاڙھون کائڻ سان چھري ۾ چمڪ اچي ٿي ۔ منھن داڻن کان پاڪ ٿي وڃي ٿو ۔ جواني قائم رھي ٿي. ڏاڙھون ۾ پيونڪ ايسڊ چھري کي خشڪي ۽ ڇلرن کان بچائي ٿو ۔ وارن کي مضبوط ڪري ٿو جنھن جي ڪري وارن جي ڪرڻ ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي.

نوجوان چمڙي ڏيندڙ :-

ڏاڙھون ۾ پاتا ويندڙ مادا ليجن ۽ ايلاسٽين کي فروغ ڏين ٿا جيڪي چمڙي کي نرم ۽ ھموار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ چمڙي لڙڪي نٿي.

جيري جي گرمي ھٽائيندڙ :-

جنھن ماڻھو کي اڃ گهڻي لڳي ۔ پيشاب ڦڪو ھجي ۔ خشڪ کنگھ ھجي ۽ رات جو ننڊ گهٽ اچي يا انهن مان ڪا ھڪ نشاني ھجي اھي سڀ نشانيون جيري جي گرمي کي ظاھر ڪن ٿيون انهي حالت روز ڏاڙھون جو شربت پيئجي فائدو پوندو.

ڪينسر ۾ مفيد :-

ڏاڙھون کائڻ سان ڪينسر جا گهرڙا خارج ٿي وڃن ٿا ۽ صحتمند گهرڙن کي ڇڏي ڇاتي  ۔ ڦڦڙن ۽ غدودن جي ڪينسر جي گهرڙن جي روڪ ڪري ٿو ۽ پي ايس اي جي سطح کي برقرار رکي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو