مواد ڏانھن هلو

ملير ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪراچي ملير کان چوريل)
Malir Cantonment سان ڀل نہ کائو.
ملير ضلعو
ضلع ملیر
مٿيان: چوکنڊي قبرستان
هيٺيان: ڪيرٿر نيشنل پارڪ
Official seal of ملير ضلعو
ملير ضلعي جو نقشو
ملير ضلعي جو نقشو
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊویزن ڪراچي ڊويزن
هيڊ ڪوارٽر ملير
قومي اسيمبلي جا تڪ اين اي-229 (ڪراچي ملير-1)
اين اي-230 (ڪراچي ملير-2)
اين اي-231 (ڪراچي ملير-3)
قائم ٿيو 1996ع
ختم ڪيو ويو 2001ع
بحال ٿيو 11 جولائي، 2011ع
انتظاميه ڊي سي آفيس، ملير[1]
انتظامي سب ڊويزن/ٽائون
Government
 • Type ضلعي انتظاميه
 • Body ڪراچي حڪومت
 • ڊپٽي ڪمشنر عرفان سليم ميرواڻي
Area
 • ضلعو
2,160 ڪ.م2 (830 ميل2)

ملير ضلعو (اردو: ضلع ملير) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي جيڪو سال 1996ع ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي (هاڻي گلشن ضلعو) کي ورهائي ٺاهيو ويو هو. سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق، ضلعي ملير جي آبادي 24,19,736 آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ملير هڪ سنڌي لفظ آهي جن جو معنيٰ "سائو" (Greenery) آهي.[5] پاڪستان جي آزادي کان اڳ، جديد ڪراچي جي گڊاپ ٽائون ۽ ملير ٽائون ۾ سنڌي ۽ ڪلمتي بلوچن جا ننڍا ڳوٺ هئا. هاڻي ٻئي ٽائون شهر جي پکيڙ جي ڪري شهر جي مضافات طور ترقي ڪري چڪا آهن.[6]

ٻهراڙي

[سنواريو]

تاريخ ۾ ملير کي ان جي کليل ماحول ۽ سرسبز فارمن جي ڪري ڪراچي شهر جو ٻهراڙي سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اها ٻهراڙي وارا علائقا نه رهيا آهن.[7]

زرعي زمين

[سنواريو]

ملير ڪڏهن پنهنجي ميون ۽ ڀاڄين جي فارمن لاءِ مشهور هو؛ پر، هاڻي زميني پاڻي جي سخت کوٽ سبب، اهي زرعي زمينون رهائشي علائقن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري شهري آبادڪاري ۽ ماحولياتي تباهي وڌي رهي آهي. سوسائٽي فار ڪنزرويشن اينڊ پروٽيڪشن آف انوائرمينٽ (SCOPE) ملير ضلعي ۾ خشڪي ۽ ريگستاني ٿيڻ بابت پريشان آهي ۽ ملير ۽ ان جي معاون ندين جي خشڪ دريائن جي بسترن ۾ غير قانوني ريتي ۽ بجري جي کوٽائي (Mining) جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي. ريتي ۽ بجري جي کوٽائي زميني پاڻي کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، ڇاڪاڻ ته برساتي پاڻي آبي ذخيري ۾ نه ٿو وڃي سگهي. SCOPE خشڪي متاثر ڳوٺاڻن علائقن ۾ برساتي پاڻي جا ذخيرا ٺاهي رهيو آهي.[8]

انتظامي حيثيت

[سنواريو]
ملير ضلعي ۽ هن جي 6 سب ڊويزن جو نقشو

ملير ضلعو سال 1996ع ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي کان ڌار ڪري قائم ٿيو ۽ سال 2001ع شهري حڪومت واري نظام ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ٽن ٽائون؛ ملير ٽائون، بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون ۾ ورهايو ويو. 11 جولاءِ 2011ع تي، سنڌ حڪومت ملير ضلعي کي ٻيهر بحال ڪيو. سال 2022ع ۾، لوڪل اليڪشن ايڪٽ -2022ع (ترميم ٿيل) جي تحت، ملير ضلعي کي ٽن "ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن"؛ ملير ٽائون، گڊاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون ۾ ان جي چونڊيل چيئرمين ۽ هڪ وائيس چيئرمين جي سربراهي ۾ ورهايو ويو ۽ 6 سب ڊويزنون پڻ آهن:

هر سب ڊويزن جي سربراهي هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪندو آهي.

آباديات

[سنواريو]

سال 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري جي مطابق، ملير ضلعي ۾ 4,21,426 گهر ۽ آبادي 24,32,248 آهي.[9] جنس جو تناسب 112.70 مردن جي مقابلي ۾ 100 عورتن جو آهي ۽ خواندگي جي شرح %63.14 آهي، مردن لاءِ %67.74 ۽ عورتن لاءِ %57.84 جي شرح آهي.[10] [11] سروي ڪيل آبادي ۾ 6,24,172 (%25.8) 10 سالن کان گهٽ عمر وارا آهن.[12]11,66,340 (%47.95) جي آبادي شهري علائقن ۾ رهئي ٿي.[13]

ملير ضلعي ۾ سال 2023ع ۾ مذهبي تناسب[14]
مذهب سيڪڙو
اسلام
  
96.45%
عيسائيت
  
1.82%
هندو مت
  
1.66%
ٻيا
  
0.07%

آبادي جي اڪثريت (%96.45) جو مذهب اسلام آهي، عيسائيت جا پيروڪار %1.82 ۽ هندو مت (شيڊيول ڪاسٽ سميت) جا پيروڪار آبادي جو %1.66 آهن.[15]

ٻوليون

[سنواريو]

سال 2023ع جي آدمشماري جي وقت، آبادي جو %34.98 سنڌي، %17.71 پشتو، %15.79 اردو، %9.94 پنجابي، %7.88 بلوچي، %5.69 هندڪو ۽ %3.22 سرائيڪي پنهنجي پهرين ٻولي طور ڳالهائيندا هئا.[16]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
ڪراچي ڊويزن جا ضلعا (گلابي رنگ م ملير ضلعو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Contact Us". dcmalir.sindh.gov.pk. حاصل ڪيل 31 December 2023. 
  2. "Core Team". dcmalir.sindh.gov.pk. حاصل ڪيل 31 December 2023. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named 2023table1
  4. "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, SINDH" (PDF). 
  5. Angaria, Waqas Alam. "Ecology vs. development in Karachi: Interview with photographer Salman Baloch". Mongabay Environmental News. حاصل ڪيل 2025-02-28. 
  6. "From Zardaris to Makranis: How the Baloch came to Sindh". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  7. "Save the Green Belt of Malir". The Nation. حاصل ڪيل 2020-10-18. 
  8. "SCOPE - Society for Conservation and Protection of Environment". www.scope.org.pk. حاصل ڪيل 7 March 2022. 
  9. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 20" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  10. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  11. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  12. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  13. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  14. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named 2023table9
  15. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. 
  16. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 11" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.