نوشهرو فيروز
نوشھروفيروز نوشهرو فیروز شھر | |
---|---|
شھر | |
Naushehro feroz | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 26°50′N 68°07′E / 26.833°N 68.117°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | نوشھرو فيروز ضلعو |
پکيڙ | |
• ڪل | 2,945 ڪ.م2 (1,137 ميل2) |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,612,373 سموري ضلعي جي |
نوشھرو فيروز(انگريزي: Naushehro feroz) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ضلعي نوشهروفيروز جو ھڪ شھر آھي جيڪو ضلعي، سب ڊويزنل ۽ نوشهروفيروز تعلقي جو صدر مقام آهي.
تاريخ
[سنواريو]ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2] “ نوشهرو فيروز شهر تي نالو ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي دور (1656 کان 1692) ۾ ميان وال تحريڪ جي سرگرم رُڪن ۽ سپه سالار فيروز وِيراڙ جي نالي پٺيان پيل آهي. فيروز ويراڙ ڪاڇي جي جوهي تعلقي جي علائقي نوشهرو جو ويٺل هو. هن علائقي ۾ نَوَ (9) شهر (ڳوٺ) شامل هئا جنهنڪري نوشهرو سڏبو هو. هاڻ به حاجي خان شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ علائقو موجود آهي. جڏهن ميان نصير محمد ڪلهوڙي ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو هو ته فيروز ويراڙ کي ساهتي پرڳڻي تي مقرر ڪيو هئائين جنهن ڳوٺ ٻَڌو ۽ وڏڙن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ان تي نالو نوشهرو فيروز رکيائين. تڏهن کان هن شهر ترقي ڪندي اڄ ضلعي جي حيثيت ماڻي آهي. تاريخي طور هن شهر جو احوال ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀڀاس[3] ۽ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو ۾ موجود آهي.[4]
ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾، اورنگزيب بادشاه جي عهد ۾ سنه 1069ھ (سنه 1684ع) ڌاري ڪلهوڙن ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو ۽ انهيءَ جي وٺڻ وارو فيروز ويرار هو، جنهن نوشهري جو شهر ٻڌو، جنهن کي نوشهروفيروز ٿا چون. مورو به انهيءَ وقت ڌاري فريد ڀڳت جي معرفت ڪلهوڙن ورتو. سنه 1168ھ (سنه 1755ع) ۾ احمد شاهه دورانيءَ وٽ ديوان گدومل ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاران وڃي سندس منظوري ورتي. بادشاهه تڏهن نوشهري ۾ لٿل هو. سگهو ئي پوءِ ميان نورمحمد انهيءَ سال ۾ ميان وفات ڪئي ۽ سندس پٽ محمد مرادياب خان گاديءَ تي ويٺو. سنه 1171ھ (سنه 1758ع) ۾ ميان محمد عطر خان جي گاديءَ تي ويهڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ احمد يار خان نوشهري ۾ وڃي رهيو ۽ محمد مرادياب خان به آيو ۽ سڀئي پاڻن جي وچ ۾ ناسازي ٿيڻ لڳي. سنه 1172ھ (سنه 1758ع) ۾ ميان غلام شاهه ۽ عطر خان پاڻ ۾ صلح ڪيو ۽ ملڪ وراهيائون. نوشهري وارو ڀاڱو عطر خان کي مليو، سو اتي اچي رهڻ لڳو، پر سگهوئي وري عطر خان ۽ احمد يار خان جو پاڻ ۾ تڪرار لڳو. تنهن تي ميان غلام شاه ڪاهي آيو ۽ عطر خان نوشهرو ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ ميان غلام شاه اُهو ملڪ به پنهنجي هٿ ڪيو. سنه 1196ھ ) سنه 1782ع) ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مير فتح علي خان ڪلهوڙن کان سنڌ کڻي پهرين نوشهري ۾ آيو. سنه 1249ھ (سنه 1843ع) ۾ جڏهن سرچارلس نيپئر حيدرآباد تي ڪاهي ٿي آيو، تڏهن نوشهري وٽ هن کي ڪرنل آؤٽرام وڃي گڏيو، جنهن کي ميرن ڪاهه ڪري حيدرآباد مان ڀڄايو هو. انهيءَ هنڌ تي مير نصير خان ۽ ٻين جا وڪيل به وٽس آيا، پر پوءِ ڳالهين ۾ نه ٺهيا ۽ سرچارلس ڪاهي حيدرآباد آيو ۽ مياڻيءَ جي جنگ ڪري سنڌ فتح ڪيائين.
[5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
- ↑ ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس، ليکڪ عزيز ڪنگراڻي،انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2009ع
- ↑ سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو، ليکڪ عبدالله مگسي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1994ع
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. ليکڪ مرزا قليچ بيگسنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو1999ع