ايمنسٽي انٽرنيشنل

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

28 مئي 1961ع تي لنڊن جي مشهور اخبار ”دي آبزرور“ ۾ هڪ برطانوي وڪيل ”پيٽربينن سن“ جو هڪ مضمون ڇپيو، جنهن جو عنوان هيو وساريل قيدي انهيءَ مضمون ۾ سڄي دنيا جي انسانن کي مخاطب ٿيندي، دعوت ڏني وئي هئي ته دنيا اندر سياسي ۽ مذهبي عقيدن جي بنياد تي جن انسانن کي قيد ۾ رکيو ويو آهي، انهن جي حمايت ۾ اڻ ڌريا ۽ پرامن مظاهرا ڪيا وڃن. انهن قيدين کي مضمون ۾ ”ضمير جو قيدي“ لکيو ويو هيو ۽ اتان ئي اهو اصطلاح وجود ۾ آيو. انهيءَ مضمون ڇپجڻ تي زبردست رد عمل ٿيو، هڪ مهيني اندر هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن ”پيٽر بينن سن“ کي حمايت ۽ عملي مدد جا خط لکيا ۽ ڪيترن ئي ضمير جي قيدين جي باري ۾ ڄاڻ موڪلي. [1]

يمنسٽي انٽرنيشنل (Amnesty International) هڪ غير سرڪاري بين الاقوامي تنظيم (NGO) آهي، جيڪا انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ درج انساني حقن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿي. ايمنسٽي انٽرنيشنل- مئي 1961ع ۾ هڪ برطانوي وڪيل پيئربيسن قائم ڪئي. هو هڪ ڏينهن اخبار پڙهي رهيو هو ته ٻه پور چوگنبز شاگردن کي ست سال ٻڌايل قيد جي سزا واري خبر هن کي پريشان ڪري ڇڏيو. انهن شاگردن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هنن آزادي لاءِ رٿ پيش ڪئي، بيٽسن 02 مئي تي هڪ اخبار ۾ پنهنجو هڪ مضمون “The Forgottion Prisoner” ڇپايو، جنهن ۾ هن ۾ دنيا جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي اپيل ڪئي ته هو قيدي شاگردن جي حق ۾ مضمون ڇپائين. مضمون جو رد عمل اهڙو ته اثرائتو نڪتو، جو هڪ سال اندر ظلمن جي شڪار ماڻهن جي حق ۾ اهڙا گروپ هڪ درجن کان وڌيڪ ملڪن ۾ قائم ٿي ويا. -ايمنسٽي انٽرنيشنل- خاص ڪري ضمير جي قيدين جي آزاديءَ لاءِ مهم هلائيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته سياسي قيدين خلاف داخل ڪيس جلدي ۽ منصفاڻي طريقي سان هلايا وڃن. هي تنظيم موت ۽ قيد دوران تشدد جي خلاف به ڪم ڪندي رهندي آهي، سياسي قتلن تي احتجاج ڪندي حڪومت ۽ مخالف گروپن هٿان انساني حقن جي خلاف ورزي خلاف به ڪم ڪندي آهي. -بين- الاقوامي معاملن ۾ -ايمنسٽي انٽرنيشنل- جا ڪيترا موقف -تنقيد- جوڳا به رهيا آهن. مثال طور هن تنظيم جو هڪ موقف خاص -تنقيد- جو نشانو بڻيو. اهو موقف هو ته فلسطيني مهاجرين ۽ انهن جي خاندان کي پنهنجي وطن فلسطين واپس وڃڻ جو حق آهي. 1962ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هن طرح جا گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، تنظيم ٺاهڻ جي شروعاتي سالن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجو ڌيان انساني حقن جي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل ۾ صرف ارڙهن ۽ اوڻيهه نمبر رکيو. انهن آرٽيڪلن جو تعلق سياسي قيدين سان آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن تنظيم انساني حقن جي خلاف ورزي جي مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندڙن جي ڪم کي به پنهنجي مشن ۾ شامل ڪيو. صرف سال 2000ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل 3685 ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، ايمنسٽي قيديين جي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ ڪافي ڪامياب ويئي. هن وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ساڍا ست هزار گروپ هڪ سئو ٻاهٺ ملڪن ۽ خطن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هن تنظيم جي ڪارڪنن جو تعداد هڪ ملين جي لڳ ڀڳ آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي سوين ملڪن ۾ 44600 کان وڌيڪ قيدين لاءِ ڪم ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪرڻ تي 1977ع ۾ نوبل امن انعام ڏنو ويو.[2]


ايمنسٽي انٽرنيشنل جو ادارو 28 مئي 1961ع تي لنڊن ۾ قائم ڪيو ويو. اداري جو هيڊڪوارٽر به لنڊن ۾ ئي آهي، انهي جي ٺاهڻ ۾ ”پيٽر بيننسن“ اهم ڪردار ادا ڪيو. پيٽر هنگري، اسپين ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ سياسي قيدين جو دفاعي وڪيل رهيو هو. پيٽر 1960ع ۾ پرتگالي ڊڪٽيٽر ’جنرل استونيو سالازار‘ طرفان ٻن شاگردن کي حڪومت مخالف نظرين تي عمل جي ڪري ست سال قيد جي خلاف تحريڪ هلائي هئي ۽ پورچو گالي ڊڪٽيٽر جي خلاف هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن پورچو گالي عوام تي زور ڀريو هو ته هو انهن ٻن شاگردن ۽ ٻين سياسي قيدن جن کي حڪومت سندن سياسي ۽ مذهبي نظرين جي آڌار تي قيدين ڪري رکيو آهي، تن جي آزاديءَ جي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهن، انهيءَ واقعي جي ٻي سال 1961 ۾ هن ايمنسٽي انٽرنيشنل جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ويو، اداري جي بانين ۾ آئرش رهاڪو سيف ميڪ برانڊ جو نالو به قابل ذڪر آهي، جيڪو 1961 کان وٺي 1974ع تائين اداري جي انتظامي ڪيمٽيءَ جو چيئرمين رهيو ۽ انساني حقن جي واڌاري جي ڪوششن جي خدمت جي مڃتا طور 1974ع ۾ کيس امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انساني حقن جي انهي عالمي چارٽر تي عمل ڪري ٿي. جيڪو 10 ڊسمبر 1948ع تي گڏيل قومن ڳري اڪثريت سان منظور ڪيو هو، انهيءَ اداري جا اهم مقصد هيٺين ريت آهن. حڪومت مخالف مذهبي ۽ سياسي نظرين جو اظهار ڪندڙ ماڻهن کي انهن حڪومتن جي قيد ۽ بند مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي متڀيد، زبان ۽ جنس جي فرق جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، عورتن، ٻارن ۽ پناهگيرن جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، سڀني قيدين جي خلاف غير انصافي ورتاءُ ۽ تشدد جو خاتمو، سياسي موتن ۽ اغوائن جو خاتمو، حڪومتن ۽ با اثر ماڻهن طرفان عدالتن کان مٿاهن قتلن جو خاتمو، اهڙن ماڻهن کي ٽحفظ فراهم ڪرڻ جيڪي جيڪڏهن واپس پنهنجي وطن موٽي وڃن ته انهن سان مخصوص سببن جي ڪري غير انساني سلوڪ نه ڪيو وڃي، ٻين بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن سان سهڪار ڪرڻ، انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندڙ حڪومتن جي خلاف عالمگير مهم هلائي ٿي. انهن جي خلاف مضمون لکيا وڃن ٿا. نيوز ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن ٿيون ۽ انهن حڪومتن کان خطن جي ذريعي انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ جي اپيل ڪئي وڃي ٿي. گڏوگڏ اهڙا پروگرام به ترتيب ڏنا وڃن ٿا. جن جي ذريعي ماڻهن ۾ شعورو آگهي پيدا ٿي سگهي، پنهنجي قيام کان وٺي هيستائين ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن بابت 5000 کان به وڌيڪ ڪيسن تي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي سالياني رپورٽ براءِ 2002ع ۾ انهن 152 ملڪن جو به ذڪر ڪيو آهي، جتي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انساني حقن جي حالت اطمينان بخش ڪونهي.

ايمنسٽي انٽرنيشنل ڪنهن ملڪ يا حڪومت جي ملڪيت ڪونهي، بلڪي آزاد ۽ خود مختيار ادارو آهي، اهو نه ته ڪنهن حڪومت يا سياسي نظام جي حمايت ڪري ٿو ۽ نه مخالفت. هيءَ ادارو ڪن به نظرين ۽ خيالن جو حامي ۽ مخالف ڪونهي، پر انهيءَ جو ڪم اڻ ڌريي نموني سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي بنا ڪنهن فرق، متڀيد ۽ جنس جي حفاظت ڪرڻ آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جا هڪ ملين ميمبر، دنيا جي 160 ملڪن ۾ موجود آهن، جيڪي مختلف ملڪن، علائقن مذهبن ۽ نظرين ۽ خيالن سان واسطو رکڻ جي باوجود به گڏجي سڏجي گڏيل مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا، اهي ميمبر عام طور تي گروپن، جهڙوڪ: شاگرد، پيشه ور ۽ ٻين علائقائي گروهن جي صورت ۾ ڪم ڪن ٿا.

تنظيمي جوڙ جڪ جي لحاظ کان ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ٽي اهم ادارا بين الاقوامي ڪونسل، بين الاقوام انتظامي ڪميٽي ۽ بين الاقوامي سيڪريٽريٽ آهن، اداري جا اهم فيصلا ۽ پاليسي سازي ڪونسل ٿي ڪري، جنهن جو هر ٻي سال اجلاس ٿيندو آهي، ڪونسل کي اداري جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو اعليٰ اختيار پڻ حاصل آهي، تنهن کانسواءِ ڪونسل انتظامي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ به ڪندي آهي، انتظامي ڪميٽي انهن رضاڪارن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڪونسل جي فيصلن کي تڪميل تائين پهچائين ٿا، انهن کانسواءِ ڪونسل سيڪريٽري جنرل جي چونڊ پڻ ڪندي آهي، جيڪو اداري جي بين الاقوامي سيڪريٽريٽ جو سربراهه هوندو آهي.

ايمنسٽي انٽرنيشنل مختلف حڪومتن کي خط لکي بيگناهه سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ دٻاءُ وجهندو هو، ادارو اهڙين حڪومتن جي خلاف مضمون پڻ لکندو رهيو آهي، جيڪي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث رهيون آهن، ايتريقدر جو 1964ع ۾ ڪيترائي ملڪ پنهنجي بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا، 1972ع ۾ اداري هڪ عالمگير مهم هلائي، جنهن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ٿيندڙ هر قسم جي تشدد جو خاتمو هو، انهي سلسلي ۾ اداري هڪ 12 نقاطي پروگرام جي شروعات ڪئي، 1977ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل سڄي دنيا مان موت جي سزا ختم ڪرڻ لاءِ عالمگير مهم هلائي. اداري جي نظر ۾ جيئن ته موت جي سزا جو قانون انسان جي بنيادي ۽ سڀ کان اهم انساني حق، زندگيءَ جي حق جو خاتمو ٿو ڪري ڇڏي، تنهنڪر ي انهيءَ سزا جو خاتمو ضروري آهي، پر اداري جي انهي مهم ۽ موقف جي مخالفت ڪندي قدامت پسند ليکڪ وليم بڪلي اداري جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته انهيءَ تحريڪ جي ڪري اداري جو مقصد بدلجي ويندو ۽ ادارو سياسي قيدين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بدران قاتلن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لڳندو. آڪٽوبر 2000ع ۾ اداري هڪ ٻي عالمگير تحريڪ تشدد جو مقابلو ڪرڻ جو لاءِ هلائي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ تشدد جي خلاف گڏيل جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو.

هيءَ تنظيم ان ڳالهه تي زور ٿي ڏئي ته حڪومتون انسانن جي وقار جو احترام ڪن. ۽ انهن جي بچاءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجون جوابداريون پوريون ڪن. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ سموري دنيا جي ناانصافين خلاف نٿي وڙهي سگهي. پر هوءِ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته سمورن انساني حقن جو هڪٻئي سان واسطو آهي ۽ بنيادي شهري حقن ۽ سياسي حقن ۾ بهتري سان انسانن لاءِ پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي حقن ۾ بهتري آڻڻ ممڪن ۽ سولو ٿي پئي ٿو. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ گهڻي ڀاڱي سماجي ۽ اقتصادي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ وارن انسانن جو دفاع ڪري، انهن جي حقن جي حاصلات لاءِ سڌو سنئون ڪم ڪري ٿي. جڏهن انسانن کي قيد، تشدد، يا موت جي خوف کان سواءِ پاڻ ۾ ملڻ، منظم ٿيڻ، مظاهرن ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي هوندي ته اهي پنهنجن ملڪن ۾ ڌيان جوڳن، سمورن سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد جي بهتر پوزيشن ۾ هوندا.

”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ جيڪو ڪم پنهنجي ذمي کنيو آهي ان کي ”مينڊيٽ“ چيو ويندو آهي، جيڪو هن ريت آهي.


  • 1- ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ انهيءَ قيد جي مخالفت ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هر انسان جي انهيءَ حق جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ...... !

الف: آزادي سان پنهنجا نظريا ۽ عقيدا رکڻ ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جن ۾ نه تشدد ڪيو وڃي ۽ نه وري تشدد جي حمايت ڪئي وئي هجي.

ب: جنس، رنگ، نسل يا ٻولي ۽ مذهب جي بنياد تي فرق کان آزاد هجڻ.

  • 2- ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ هر انسان جي جسماني ۽ ذهني استحڪام جي ڀڃڪڙي خاص ڪري تشدد، خراب سلوڪ يا موت کان محفوظ رکڻ جي ڀڃڪڙين جي مخالف آهي ۽ ان لاءِ دنيا جي سمورين حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿي ته ......!

الف: سمورن ضمير جي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. جن کي سندن عقيدن، رنگ، نسل، ٻولي يا جنس جي بنياد تي قيد ۾ رکيو ويو هجي ۽ انهن ڪڏهن به تشدد جي ڪنهن ڪارروائي ۾ حصو نه ورتو هجي يا وري حمايت نه ڪئي هجي.

ب: دنيا اندر موت جي سزا جو، تشدد ڪرڻ ۽ قيد دوران ظالماڻي سلوڪ جو خاتمو آندو وڃي.

ت: سمورن سياسي قيدين لاءِ مناسب وقت اندر سندن ڪيسن جا انصاف ڀريا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

ث: ڪيس هلائڻ کان سواءِ قتل ڪري ڇڏڻ ۽ ماڻهن کي ”غائب“ ڪرڻ جي سلسلن جو خاتمو آندو وڃي. [3] [4]

ماضيءَ جيان اڄ به ادارو پنهنجي مقصدن ماڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا پيو ڪري، جهڙوڪ افغانستان ۽ عراق تي ڪيل آمريڪا جي حملن ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين جي پيش نظر اداري اتحادين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو، انهيءَ حوالي سان اداري پنهنجي 2002ع جي سالياني رپورٽ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا پاران افغانستان جي شهرن تي مهلڪ هٿيارن، ڪلسٽر ۽ ڊيزي ڪٽر بمن جي واهپي تي پنهنجي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اتحادي فوج جي خلاف تحقيقات جي گهر ڪئي ۽ افعاني قيدين سان آمريڪا جي غير انساني سلوڪ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي، انهيءَ حوالي سان اداري جو آمريڪا کان اهو مطالبو آهي ته افغان قيدي جيڪي گوانٽانامو بي ۾ حراست هيٺ آهن، تن کي جنگي قيدي مڃي ٽين جنيوا ڪانفرنس موجب سهولتون ڏنيون وڃن ۽ انهن جي انساني ۽ بنيادي حقن جو احترام ڪيو وڃي، انهيءَ سلسلي ۾ اداري جي پاران آمريڪي علمدارن ڏانهن خط به موڪليا ويا. آمريڪا ۽ عراق جنگ ۾ به آمريڪا ۽ برطانيا پاران عراقي شهرين تي ڪلسٽر بمن جي استعمال تي اداري سخت تنقيد ڪئي هئي.[5] [6]

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=383#19594
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%85%D9%86%D8%B3%D9%BD%D9%8A%20%D8%A7%D9%86%D9%BD%D8%B1%D9%86%D9%8A%D8%B4%D9%86%D9%84
  3. روزاني عوامي آواز – 16 سيپٽمبر 1998ع
  4. ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي
  5. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=279#14264
  6. ڪتاب: ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟، ليکڪ: يوسف سنڌي