مذهبي بنيادن تي قوم جو تصور
دنيا جي پوئتي پيل مظلوم قومن جي ماڻهن کي ذهني طور مفلوج ڪري، هنن کي ذهني غلامن ٺاهڻ لاءِ ڪيترائي نظريا گهڙيا ويا آهن. هنن کان قوم جو صحيح ۽ سچو تصور ماڻهن کان لڪائي، پنهنجي طبقاتي مفادن خاطر انهن کي مذهبي بنيادن تي هڪ قوم جو تصور ڏنو آهي. جڏهن ته مذهبي هڪ جهڙائي جو ماڻهن جي قومي گروهن سان ڪوبه لاڳاپو نه هوندو آهي. سنڌ جو ماڻهو هندو مذهب جو هوندي به سنڌي قوم جو فرد هوندو آهي ۽ وري اهو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به سنڌي هوندو آهي. هو هندو مان مسلمان ۽ مسلمان مان عيسائي ته ٿي سگهي ٿو، پر سنڌي مان ڪجهه ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. اها هن جي فطري ۽ پيدائشي سڃاڻپ ۽ شناخت آهي.
ان ڪري مختلف انساني گروهن کي مذهب جي هڪ جهڙائي جي بنياد تي هڪ قوم تصور ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو جو قومون ڌرمي هڪجهڙائي جي بنيادن بدران لساني ۽ وطني بنيادن تي ٺهنديون آهن. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ فرد رڳو هڪ مذهب جي ڪري هڪ قوم ٿي نه سگهندا آهن. ڪوبه ماڻهو هڪ مذهب کي ڇڏي ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪرڻ سان رات وچ ۾ جدا قوم جو فرد ٿي نه ٿو سگهي. هڪ گڏيل مذهب رکندڙ ماڻهن کي هڪ قوم جا فرد نه پر هڪ ملت جا فرد ڪوٺبو آهي. ان ڪري ملت ۽ قوم ۾ فرق ڪرڻ کپي.
دنيا ۾ نظرياتي بنيادن تي قومن جي ٺاهڻ جو طريقو مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. قوم جي ان غلط تصور 20 صديءَ ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ زور پڪڙيو. مسلم قوم جي بنياد تي پئن اسلامزم (Pan-Islamism) جو نعرو هڻي، مختلف قوتن سماجي تضادن جي وجود کان منهن موڙي، ننڍين ۽ ڪمزور قومن جي عوام جو اصلي مسئلن تان ڌيان هٽائي، منجهن مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ نفرت کي اڀاريو. ان ئي بنياد تي پٺتي پيل قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو. قوم جي ان مذهبي تصور کي پاڪستان، ڀارت، اسرائيل ۽ انڊونيشيا ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ (برصغير) جي مقامي هندو سرمائيدارن ۽ مسلمان جاگيردارن پنهنجي طبقاتي مفادن جي بچاءُ لاءِ ۽ هتان جي قومن جي پورهيت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ اتحاد ۽ ڀائيچاري کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مذهبي بنيادن تي قوم جي تصور کي هٿي ڏئي. هندو ۽ مسلمان ڌار قومن جو راڳ آلاپي برصغير جو غلط ورهاڱو ڪرايو. ورهاڱي کانپوءِ هندو سرمائيدار ته ان قومي تصور کي رد ڪري ڇڏيو پر هتان جي مسلمان جاگيردارن ۽ ڪامورا شاهي (جيڪا هڪ خاص اڪثريتي قوم تي ٻڌل آهي) پنهنجن طبقاتي مفادن ۽ هتان جي پٺتي پيل ۽ ڪمزور قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ کي جاري رکڻ لاءِ ان کي وڌيڪ پڪو پختو ڪيو، ۽ ان لاءِ ڪيترائي ڪارڻ گهڙيا. پر آخرڪار مسلمان قوم جو تصور هيٺين ڳالهين ڪري غلط ثابت ٿيو. پر اڄ سوڌو ڪي ڌريون ان کي جيارڻ لاءِ جتن ڪري رهيون آهن.
(1) مسلمان مذهب جي بنياد تي نه ڪڏهن متحد ۽ نه هڪ قوم رهيا آهن. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مسلم قوم جي نالي سان ڪابه حڪومت ڪانه ٺهي آهي. ان ڪري اهو تصور تاريخ جي بنيادن تي غلط هو.
(2) ان نظرئي تحت پاڪستان ۾ رهندڙ هندن، ٻڌن، مسيحين ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي الڳ قوم مڃڻو پوي ٿو، ۽ جمهوريت جي تقاضا اها هئي ته هنن کي به قوم هجڻ جي بنياد تي الڳ حڪومتي نظام ٺاهڻ ۽ الڳ رياست ٺاهڻ جو حق ڏنو وڃي.
(3) مسلم قوم جي بنيادن تي هندستان جي مڙني مسلمانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻو هو ۽ اهڙيءَ طرح برصغير جي مڙني قومن کي مذهبي بنيادن تي ورهائي ٻڌن، ڪرستانن، هندن، سکن ۽ مسلمانن کي جدا جدا وطن حاصل ڪري ڏيڻا هئا. جنهن ڪري هي خطو چون چون جو مربو بنجي پوي ها.
(4) ان تصور تحت ٻين ملڪن جي مسلمانن کي پاڪستان اندر رهائش اختيار ڪرڻ، ڌنڌو ڪرڻ، فيڪٽريون لڳائڻ ۽ زمين خريد ڪرڻ جو حق حاصل ٿئي ها.
(5) جيڪڏهن ان نظرئي تحت قومن جي تشڪيل ڪجي ها ته مذهبي بنيادن تي سڄي دنيا کي ورهائڻو پوي ها، ۽ هڪ مذهب جي ماڻهن کي هڪ هنڌ رهائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوي ها. ٻيو ته جڏهن به ڪو ماڻهو مذهب تبديل ڪري ها ته کيس ڏيهه نيڪالي ڏئي سندس هم مذهب ملڪ ۾ اماڻيو وڃي ها.
(6) مذهبي بنيادن تي قوم جو تصور گڏيل قومن جي اداري جي اصولن کان انڪار ڪندڙ هيو. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام