باگڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ھندن جو هڪ خانه بدوش قبيلو. هيءُ قبيلو ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ مان سنڌ ۾ داخل ٿيو. هيءُ سنڌو ماٿريءَ جو قديم قبيلو آهي. -پاڪستان- کان اڳي هيءُ ڏوهاري قبيلو ليکبو هو، ڇاڪاڻ ته 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ هن قبيلي وارا ٻين ڏوهارين ذاتين سان گڏجي واٽهڙن، مسافرن يا قافلن سان دوستي ڳنڍي، انهن کي نشيدار شيون کارائي، وٽانئن سڀ مال متاع ڦري وٺندا هئا ۽ مسافرن کي قتل ڪري کڏن ۾ پوري ڇڏيندا هئا، تنهنڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هيءُ قبيلو ڏوهاري ليکبو هو ۽ خانه بدوش ٿي گذاريندا هئا. هنن کي ڪنهن به هنڌ تي -ٽن- مهينن کان وڌيڪ عرصو رهڻ جي اجازت نه هئي. لفظ باگڙيءَ جو استعمال، هر انهيءَ هندو، راجپوت يا جت/ -جٽ- لاءِ ٿيندو آهي، جيڪو باگڙيا، سرسا ۽ حصار جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع -بيڪانير- جي پاسي جو رهاڪو آهي. گرداسپور جا -باگڙي- سهلريا آهن، جيڪي پنهنجو قبيلو باگڙيا ڀاگڙ ٻڌائيندا آهن. جڏهن ته ”ناگري“ جي دعويٰ آهي ته اهو قبيلو علاءُالدين غوريءَ جي دؤر ۾ دهليءَ مان هجرت ڪري اچڻ وارن راجپوتن مان آهي. پنجاب ۾ سيالڪوٽ واري علائقي ۾ به ڪيترائي -باگڙي- خاندان رهندڙ آهن. معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان، هندو نيچ ذاتين ۾ -باگڙي- نسل ٻين کان سرس آهي. هاڻي ته وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي باگڙين ۾ به مختلف تبديليون رونما ٿيون آهن، جڏهن ته سندن شرح خواندگي به وڌڻ لڳي آهي. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هن -اقليت- واري قبيلي کي -آزادي- حاصل آهي. اڄ سنڌ ۾ باگڙين جا ڪيئي ڳوٺ -آباد- آهن ۽ کين ڌنڌي ڌاڙيءَ جي -آزادي- آهي. کين ووٽ جو حق به حاصل آهي. هند ۽ سنڌ ۾ رهندڙ قديم قبيلو باگڙي، جيڪو پنهنجي ريتن رسمن آڌار، اڄ تائين هڪ الڳ سڃاڻپ برقرار رکندو پيو اچي. عام ماڻهن کان دوريءَ سبب، هن وقت تائين هن قبيلي جون ريتون رسمون پراسرار بڻيل آهن!

هڪ روايت مطابق- ”باگڙي قبيلو ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ مان سنڌ ۾ داخل ٿيو. هيءُ سنڌو ماٿريءَ جو قديم قبيلو آهي. پاڪستان کان اڳي هيءُ ڏوهاري قبيلو ليکبو هو، ڇاڪاڻ ته 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ هن قبيلي وارا ٻين ڏوهارين ذاتين سان گڏجي واٽهڙن، مسافرن يا قافلن سان دوستي ڳنڍي، انهن کي نشيدار شيون کارائي کانئن سڀ مال متاع ڦري وٺندا هئا. مسافرن کي قتل ڪري کڏن ۾ پوري ڇڏيندا هئا، تنهنڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هيءُ قبيلو ڏوهاري ليکبو هو ۽ خانه بدوش ٿي گذاريندا هئا. هنن کي ڪنهن به هنڌ تي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو رهڻ جي اجازت نه هئي(1).“

هندو مت سان تعلق رکندڙ باگڙي برادري پاڪستان سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي ضلعي ۾ صدين کان آباد آهي. هن برادريءَ کي سنڌ جا اصل وارث به چوندا آهن.

باگڙي برادريءَ جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت  ۽ کائڻ پيئڻ سنڌ ۾ وسندڙ ٻين قبيلن ۽ برادرين کان مختلف آهي. هن بيحس سماج ۾ باگڙي برادريءَ کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو ، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙن قومن کي معزز ۽ معتبر قوم سمجهيو وڃي ٿو. جهڙيءَ ريت باگڙي برادريءَ  کي عام انسانن کان مختلف تصور ڪيو وڃي ٿو، تهڙي ئي ريت باگڙي برادري ماڻهن جو لهجو ۽ ڳالهائڻ جو انداز به ڪجهه ائين ئي مختلف آهي. عام طور تي زيادتي ڪنهن تشدد ۽ ظلم وغيره کي چيو ويندو آهي، پر هتي وڏي زيادتي اها آهي ته ان کي گهٽ ذات تصور ڪيو ويندو آهي. عام خيال موجب، باگڙي برادري هڪ ئي وقت انيڪ مسئلن کي منهن ڏنو آهي.

مفروضو:

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”هي ڪتاب پنجاب جي انهن تاريخدانن ۽ دانشور ۽ حڪمرانن لاءِ منهن ٽوڙ جواب آهي، جن اهو نظريو قائم ڪيو آهي ته، اصل سنڌي فقط باگڙي ۽ ڀيل آهن، پر هي ڪتاب انهن لاءِ پيغام آهي ته، سنڌ ۾ موجوده وقت ۾ رهندڙ اڪثر قبيلا اصلي سنڌي آهن(2).“

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن اقليت واري قبيلي کي آزادي حاصل آهي. اڄ سنڌ ۾ باگڙين جا ڪيئي ڳوٺ آباد آهن ۽ کين ڌنڌي ڌاڙيءَ جي آزادي آهي. کين ووٽڏيڻ جو حق به حاصل آهي. هن وقت باگڙي ٻنين ۾ مزدوري ڪن يا ٺيڪي تي کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ڪندا آهن، پر افسوس جو انهن کي پنهنجو اصل مانُ مرتبو نه ملي سگهيو آهي.

لفظ ’باگڙيءَ‘ جو ڇيد:

”لفظ باگڙيءَ جو استعمال هر انهيءَ هندو راجپوت يا جت/ جٽ لاءِ ٿيندو آهي، جيڪو باگڙيا، سرسا ۽ حصار جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع بيڪانير جي پاسي جو رهاڪو آهي. گرداسپور جا باگڙي سهلريا آهن، جيڪي پنهنجو قبيلو باگڙيا ڀاگڙ ٻڌائيندا آهن. جڏهن ته هڪ دعويٰ آهي ته اهو قبيلو علاءُالدين غوريءَ جي دؤر ۾ دهليءَ مان هجرت ڪري اچڻ وارن راجپوتن مان آهي. پنجاب ۾ سيالڪوٽ واري علائقي ۾ به ڪيترائي باگڙي خاندان رهندڙ آهن. معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان، هندو نيچ ذاتين ۾ باگڙي نسل ٻين کان سرس آهي. هاڻي ته وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي باگڙين ۾ به مختلف تبديليون رونما ٿيون آهن، جڏهن ته سندن شرح خواندگي به وڌڻ لڳي آهي(3).“

هڪ ٻئي خيال مطابق ”واڳونءَ“ کي جين ڌرم ۾ پوڄا لائق ڄاتو ويندو آهي ۽ کيس سنسڪرت ۾’مڪارا يا سنسارا‘ چيو ويندو آهي. شاسترن ۾ واڳونءَ کي پرستش جي قابل لاءِ ڄاڻايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته واڳون اڪيلو جانور آهي، جنهن کي زبان نه ٿيندي آهي ۽ انڪري کيس ’جگ ماتا‘ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. جيئن ته پرم هستيءَ کي به زبان جي ضرورت نه آهي ۽ سڀ ڪجهه سندس مرضي يا آگيا مطابق ٿيندو ٿو رهي. واڳونءَ جي رضامنديءَ لاءِ  ’ٻليدان‘  يا ٻڪريءَ جي رت جي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. هڪ اندازي مطابق،ڪراچيءَ کان ڪوهستان تائين، ويهارو کن اهڙا ماڳ هئا، جتي پاليل واڳن جا آکاڙا هئا. دراصل واگهري، باگڙي، بگهاڙ ۽ واگهيرا قومن جا نالا واڳونءَ جي پوڄا ۽ عقيدت جي نسبت رکندڙ هئا(4).“

باگڙين جي ٻولي:

”باگڙين جي ٻولي باگڙي، باگڙيا، بورياس ۽ بهگڙي جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جو 62 سيڪڙو لهجو هندي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو هريانوي ٻوليءَ سان، 66 سيڪڙو مارواڙي ٻوليءَ سان، 75 سيڪڙو سنڌي ٻوليءَ سان، 76 سيڪڙو شيخاوتي ٻوليءَ سان، 65 سيڪڙو ڌنواري ٻوليءَ سان، 47 سيڪڙو گڊواري ٻوليءَ سان، 60 سيڪڙو ميواتي ٻوليءَ سان، 70 سيڪڙو جند واري ٻوليءَ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هيءَ هڪجهڙائي لفظي، لهجاتي ۽ وياڪرڻي آهي. هيءَ ٻولي هندستان جي پنجاب، فيروزپور ضلعن، راجستان، هنومان ڳڙهه، شري گنگا نگر، هريانه، سرسا، هسار، مڌيه پرديش کان سواءِ پاڪستان جي سنڌ صوبي جي ٿر واري حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي(5).“

هي لاڏائو قبيلن جي ٻولي آهي، انڪري اتان جي مقامي زبانن جو مٿس گهڻو اثر رهي ٿو. هي قبيلا گهڻو ڪري هندو مذهب سان تعلق رکن ٿا. ڪي ڪي انگريزن جي سنڌ ۾ صاحبيءَ کان پوءِ عيسائي به ٿيا آهن، پر ثقافتي طور هُو هندو مذهب سان لاڳاپيل آهن. سندن پيشو زراعت آهي. 2000 جي آدم شماريءَ جي انگن اکرن موجب هندستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 1899000 هو.

باگڙي ٻولي هند يورپي، هند ايراني، هند آريائي راجستاني ٻولين جي خاندان مان آهي. هن ٻوليءَ جي ڪابه لپي ڪانه ملي آهي. مذهبي جنتر منتر علائقي جي حساب سان اتان جي لپيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا. گهڻو ڪري ديوناگري لپيءَ جو استعمال ٿئي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد‘ ۾ لکي ٿو ته”پوادي، پنجابي ٻوليءَ جو هيءُ لهجو، پنجاب جي اوڀر واري سرحدي علائقي ۾، ستلج کان وٺي، اولهه طرف بياس نديءَ تائين، ڏکڻ ۾ گهگهر درياءَ جي وچئين خطي تائين ڳالهائيو ويندو آهي. هيءَ ٻولي سراءِ وڻجارن کان وٺي، سرهند ۽ انبالا تائين ڳالهائي ويندي آهي. هن تي باگڙي ۽ هنديءَ جو به اثر آهي(6).“

ڀٽيالي رياست بيڪانير ۾ رائج ٻولي:

هيءَ ٻولي پنجاب جي فاضلڪا تحصيل، فيروز پور تائين پکڙيل آهي. راجپوتانا جي اُتر- ولهه ۽ اُتر بيڪانير ۾ آباد مسلمان راجپوت ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائيندا آهن. بهاولپور جي راجسٿاني سرحد سان ملندڙ علائقي ۾ ڀٽياليءَ جو وڏو اثر آهي. هن حصي ۾ ڀٽياليءَ کي راٺي، راٺوڙي ۽ باگڙي به ڪوٺيندا آهن.

- جالنڌري- اڳوڻي ضلعي لانڌر جي ٻولي

- جاند- اڳوڻي رياست جنيد جي ٻولي

- باگڙي-

اڳوڻي ضلعي فيروز پور ۽ اڳوڻي بيڪانير رياست جي اُتر- اوڀر واري خطي ۾ هتي جي اصلوڪن رهاڪن جي ٻولي آهي.

”هتي جا مقامي ماڻهو، ڪا قديم مقامي ٻولي ڳالهائيندا هئا، اُن ٻوليءَ جو نالو غالباً ’سئنڌوئي ٻولي‘ هو. واديء سنڌ جي مختلف خطن ۽ علائقن جهڙوڪ: ’لوڻ وارين پهاڙين وارو علائقو‘ (Salt range)، سنڌو ماٿر جو اُلهنديون علائقو، سنڌو- ماٿر جو ڏاکڻيون علائقو، راجسٿان جا ڌار ڌار علائقا (جوڌپور، جيسلمير، ميواڙ، مارواڙ ۽ جئپور)، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ وارو علائقو، هريانا، ڪشمير، داردي علائقو، بلوچستان ۽ اوڀر ايران جا علائقا، انهن سارن علائقن ۾ سنڌو- ماٿر جي تهذيب ڇانيل هئي ۽ هر علائقي ۾ سئنڌوئي ٻوليءَ جي شاخ، اُن علائقي مطابق استعمال ٿيندي هئي. اِهي ٻوليون ڌار ڌار شاخن جي نالن سان مشهور هيون؛ جيئن: لهندي، جيسلميري، مارواڙي، ميواڙي، هڙوتي، پنجاب جون ٻوليون، گجراتي، ڀيلي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، باگڙي، ڪشميري، داردي ۽ اوڀر ايران جي خوزستان خطي جون مقامي ٻوليون، سئنڌوئي ٻوليءَ جون شاخون آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ۽ انهن سڀني ٻولين ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي اڄ به قائم آهي. انهيءَ ڪري هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌيءَ ۽ سنڌو- ماٿر جي ٻين ٻولين ۾ گهڻي مشابهت جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جواب ۾ اهو ٿو سمجهيو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ واديءَ سنڌ جون ٻيون ٻوليون  هند- آريائي نسل جون ٻوليون آهن، پر اُن جي بدران اهو ڇو نٿو تسليم ڪيو وڃي ته سنڌي ۽ سنڌو- ماٿر جي ٻين ٻولين جي مشابهت جو وڏو سبب هيءُ آهي ته اهي سڀ ٻوليون آرين جي سنڌو- ماٿر ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌو- ماٿر ۾ رائج ’سئنڌوئي ٻوليءَ‘ جون شاخون آهن، جيڪي جڳان جڳ هن واديءَ ۾ استعمال ٿينديون ۽ قائم رهنديون اچن(7).“

مذهبي حيثيت:

منوسمرتي موجب هندومت چئن جاتين ۾ ورهايل آهي، جن ۾ سڀ کان مٿانهون طبقو برهمڻ، ٻئي نمبر تي کتري، ٽئين نمبر تي ويئش ۽ چوٿين نمبر تي شورد اچن ٿا. انهن چئن طبقن کان سواءِ جيڪي انسان ٻچن ٿا، تن کي اڇوت سڏيو ويو. برهمڻ سماج، اڇوتن کي انسان نٿو سمجهي، تنهنڪري پنهنجن بنيادي انساني حقن کان محروم هي طبقو سدائين پيڙهيل ۽ استحصال جو شڪار رهيو آهي، اڳي کين اڇوت سڏيو ويندو هو، پر بعد ۾ هنن پنهنجي لاءِ دلت جو اصطلاح اختيار ڪيو، ڀارت ۽ پاڪستان جي ائين ۾ کين شيڊيول ڪاسٽ لکيو ويو آهي. ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، اوڏ، باگڙي، چمار، بازيگر، ڀنگي، ڏيڍ ماڙيچا، رامداسي، شڪاري، سرکنڊ، سوچي، واگيص، ڪلال ۽ ڪيئي ٻيون ذاتيون شيڊيول ڪاسٽ ۾ شامل آهن. هي ذاتيون هندومت مان خارج ڪيل اڇوتن جون آهن، هي ذاتيون هندومت مان خارج ڪيل اڇوتن جون آهن، هندن جي برهمڻ ۽ سيٺيا ڪلاس سدائين کين حقارت سان ڏسندي سندن استحصال ڪيو آهي. هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ وسندڙ هندن منجهان 90 سيڪڙوشيڊيول ڪاسٽ آهن. هن طبقي جي بهتري ۽ ترقي سياسي سماجي ۽ معاشي سجاڳيءَ ۾ آهي.

هڪ پهاڪو:

”مايا ۽ موههُ، جيئن باگڙي ۽ ڳوهَه.“

باگڙي قبيلي جا ماڻهو ڳوههَ جو گوشت شوق سان کائيندا آهن. جيئن ڳوهه کي ڦاسائڻ لاءِ باگڙي جهنگ ۾ رلندا آهن تيئن دولت جا پوڄاري دولت جي حرص ۾ هٿ پير هڻي مري ويندا آهن(8).

اصل رهاڪو:

”جيئن اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اصل باشندا ته باگڙي، ڀيل، ميگهواڙ، ڪولهي يا برهمڻن جي ذاتين مان لوهاڻا، ڀاٽيا وغيره آهن يا کڻي چئجي ته اوڏ به هتي جا اصل سنڌي آهن. سما، سومرا ۽ ڪلهوڙا وغيره به پنجاب کان سنڌ ۾ آيا، پر کڻي چئجي ته اهي ۽ ٻيا سماٽ قومن جا ماڻهو به کڻي ڪجهه ڪجهه جهونا سنڌي سڏجن. ٻين جي مقابلي ۾ کڻي نه ته به بلوچ قومن کان، جيڪي بلوچستان کان آيون، دراني، پٺاڻ، لوڌي وغيره جيڪي افغانستان کان آيون.قريشي، صديقي، شاهه، سيد جيڪي ذاتيون وچ ايشيا، عرب ملڪن ۽ ايران پاسي کان آيون يا ڀٽي، ڀٽا، سيال، کرل، ملڪ وغيره جيڪي پنجاب کان آيون. آمريڪا ۾ سالن کان جمهوري حڪومت، پريس ۽ خيالن جي آزادي ۽ حقن جي بحالي هجڻ ڪري هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين پڙهي لکي وڏين نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين ۾ اچي ويا آهن ۽ هاڻ ڏندين ڏاند آهن. هاڻ ڪو سندن نالو ته وٺي ڏيکاري، اکيون ٿا ڏيکارين. اسان وٽ سنڌ جا اصلي ماڻهو باگڙي، ڀيل، ڪولهي ميگهواڙ، تعليم يا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ ايترو نه وڌي سگهيا آهن، جيتوڻيڪ پئسي ڏوڪڙ، Savings ۽ انويسٽمينٽ ۾ گهڻن کان اڳيان آهن. ڪيترا اڇن ڪپڙن وارا سندن قرضي آهن. بهرحال انهن جي ته ڇا ان بعد ٻيا جيڪي سنڌ جا شاهه حاڪم ٿيا اهي به پنهنجي ملڪ ۾ پٺتي پئجي ويا آهن، نه تعليم نوڪري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن ۽ نه  صحت ۽ بزنس ۾. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ نه فقط سرڪار طرفان ٺهرايل اسڪول قائم ڪيا وڃن ٿا پر هي So called جنهگلي ماڻهو ريڊ انڊين انهن اسڪولن ۽ اسپتالن کي پنهنجي طرفان به وڌائين ويجهائين ٿا ۽ انهن جو معيار اعليٰ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا(9).“

کاڌ خوراڪ:

”سنڌ ۾ ڀيل ۽ باگڙي (گدڙ، ٻلا)، ڳوهون ۽ نانگ ماري کائيندا آهن. سماجي علمن جي خيال کان هن قسم جو عمل هنن ماڻهن ۾ رائج جمالياتي ۽ اخلاقي طريقن ۽ نظامن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڏٺو وڃي ته هنن ماڻهن جي گهرن ۾ کرپيون، رنبا، بگليون ۽ رسيون اهڙيءَ طرح رکيون آهن، جهڙيءَ طرح ساهتي پرڳڻي جي ماڻهن جي گهرن ۾ اجرڪ، لويون، سوسيون، لونگيون ۽ رلهيون. هن طرح هڪڙي ئي هنڌ تي جمالياتي  ۽ اخلاقي قدرن جو اختلاف ظاهر ٿي ٿو سگهي، پر ڇاڪاڻ ته هڪڙي ڌر انهيءَ حيثيت ۾ نه آهي جو اها تصادم کي قبول ڪري، انڪري اهڙن حصن ۾ ۽ اهڙن هنڌن تي ڪلچرل تصادم جي ڪري نقصان ڪو نه ٿو ٿئي(10).“

مشهور ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ باگڙين جو ذڪر ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪيو آهي. ھُو ڏوجھرا کائيندو، سوچيندو ھلندو ٿو وڃي، مانجھند جي پراڻي سنسان مندر ڏانھن. اڃا دريا جو بچاءُ بند نئون نئون پيو ٻڌجي. درياھ مٿان مير بحرن جو ٻيڙياتو ڳوٺ آھي. ويچارا ميربحر ڄمنِ به ٻيڙين ۾، مرن به ٻيڙين ۾! ۽ باگڙين جا ڇنا ۽ منھن آھن، جي درياه جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ لئي جي لاڪڙ مان کارا ٺاھي پيٽ گذر ڪندا آھن. اھو زميندارن جو مال ٿي ويندو آھي انڪري ته لاڪڙ جا ڌڻي زميندار ھوندا آھن نه باگڙي. ويچارا باگڙي ته رڳو ايترو ڄاڻندا آھن ته لاڪڙ مان ڇا ڇا ٺاھي سگھجي ٿو؟

ويچارا مير بحر به سدائين ڊناڻا.

ويچارا باگڙي به سدائين ڊناڻا(11).

باگڙين جو سماج:

باگڙين جو سماج مادراڻو سماج آهي. صدين کان اهو ان سماج جي پوئواري ڪندا اچن ٿا. اڄ به باگڙين جي خاندانن ۾ توهان کي عورت طاقتور ملندي. هوءَ ڪمائڻ جي ذميدار آهي، حساب ڪتاب به هن جي هٿ ۾ آهي. برادريءَ ۾ تڪرار جي صورت به نبيرا ڪرائڻ ان جي ذميداري بڻجي ٿي. فيصلي ۾ مکي جو ڪردار مرد وٽ جڏهن ته امين عورتون ئي هونديون آهن، جن جي صلاح کان پوءِ مرد مکي ڪو فيصلو ٻڌائي سگهي ٿو. شديد ڏوهن جن ۾ قتل ڪرڻ آهي، باگڙين جي سماج ۾ نه هجڻ جي برابر آهي. باقي ڏوهن جي صورت هنن وٽ وڏي سزا (CAPITAL PUNISHMENT)  پئسن جي صورت ۾ ڏنڊ آهي. گهڻو ڪري هنن جا ننڍا نبيرا پاڻ ۾ ٿيو وڃن، جيڪڏهن ڳالهه جرڳي تائين پهچي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت هنن وٽ مخصوص ڪيل رقم جو ڏنڊ آهي، جيڪي به هن ايڪيهن صديءَ ۾ چند سون تي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن باگڙين جي ڪجهه ريتن رسمن تي تحقيق جي سلسلي ۾ انهن وٽ وڃڻ ٿيو ته ڪجهه شيون ڏسي سچ ته حيرت ٿي مثال طور: قبيلي جي ڪا عورت ڪنهن ٻئي مرد سان پڪڙجي پوي ٿي ۽ ان جا مائٽ مکي وٽ داد لاءِ فريادي ٿين ٿا ته هنن کي اها ڳالهه ثابت ڪرڻي پوندي، جيڪا شاهدن جي صورت هوندي، ٻي صورت ۾ اهو فرياد ٻڌڻ جوڳو نه هوندو، ان صورت جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار ڌر تي فقط ٻارهن سو ڏنڊ وڌو ويندو.

هڪ عجيب دستور:          

باگڙي هر صورت پنهنجون عورتون پئسن تي وڪرو ڪن ٿا، هنن وٽ ڪنوارين عورتن جا اگهه مختلف ته شادي شده، مطلب بيواه جا طلاق يافته لاءِ ان جو اگهه ٻيڻ تي آهي. منهنجي اسرار ڪرڻ تي ته ائين ڇو، جڏهن ته اصول مطابق ڪنواريءَ جو اگهه وڌيڪ هجڻ گهرجي هنن عجيب منطق بيان ڪيو. هنن مطابق هُو عورت کي پهرين کپائن ٿا، بيواه يا طلاق جي صورت مائٽن کي اهي پئسا ساهراڻي ڌر کي واپس ڪرڻا هوندا آهن، هاڻي جڏهن نئين پارٽي ايندي ته هُو ان کان اهي پئسا به وصول ڪندا ته نوان پئسا به ان صورت عورت جي قيمت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي. هن ڳالهه مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ان سماج ۾ عورتن جي اهميت وڌيڪ آهي.

باگڙين وٽ مرد جي حيثيت مفت خور (Parasite)  جي آهي. مرد، عورت جي ڪمائي مٿان پلجي ٿو. گهڻو ڪري نشي ۽ جوا جا عادي آهن، شام ڌاري عورتن جو انتظار ڪن ٿا. ڏهه رپيا ڏيڻ تي به راضي ٿيو وڃن. باگڙين جي سماج ۾ نام نهاد غيرت جو ڪو تصور ناهي، هُو پنهنجي معاشري ۾ پيار جي مڪمل ڇوٽ ڏين ٿا. جنهن لاءِ جسماني لاڳپن تي به ڪي اعتراض نه ٿا وارين، اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ کانپوءِ گهڻو ڪري نظرانداز ڪري ڇڏين، جي نه ته وڌ ۾ وڌ معاملو جرڳي ۾ وڃي، جتي به معاملو خوش اسلوبيءَ سان نبريو وڃي. غلام رباني هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته:

”سوئر مئو ته واهه واهه ٿي ويندي. ڪاريا، اڪالي سک، باگڙي ۽ چهڙا شڪاري ته خوشيءَ ۾ نه پيا ماپندا. جتي به سوئر جي شڪار جو ڏس پين اتي اچي منهن ڪڍندا. هُتان سوئر مئو، هُتان ميڙ ڪن، ان جا ڀاڱا ڀاڱا ڪري کڻي ويندا جو هُو سوئر کائيندڙ قومون آهن(12).“

باگڙي ۽ ڀاڄين جا فصل:

         سنڌي معاشري جي ذراعت ۾ ڀاڄين جو تصور شروع کان گهٽ رهيو آهي، جنهن جو سبب ٻهراڙين ۾ مالوند ماڻهو، گهڻو ڪري کير، مکڻ ۽ لسيءَ تي گذران ڪن ٿا. باگڙين پاران زراعت ۾ انقلابي قدم کڻڻ کانپوءِ هاڻي سنڌي آبادگار به زراعت ڏانهن قدم وڌايو آهي، پر باگڙي هاڻي به ڀاڄين جي پوک ۾ سڀ کان اڳڀرا آهن. ان حوالي سان الطاف شيخ لکيو آهي ته ”ڪئناڊا جي حڪومت آفريقا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن مان ماڻھن کي اميگريشن جي لالچ ڏئي گھرائي ٿي ۽ دنيا کي اھو ئي ٻڌائين ٿا ته ھُو انسانيت خاطر سريلنڪا جي دربدر تاملن کي، صدام جي ظلم ھيٺ آيل عراقين کي، صوماليا جي ڏڪارين کي اَجھو، اَٽو ۽ لـَـٽو ڏئي رھيا آھن جيڪو اصل ۾ ان نيڪيءَ پيٺيان ھنن جو پنھنجو مقصد، سستا مزور ھٿ ڪرڻ، آھي. جيئن اسان وڏيرو ڦٽيءَ جي چونڊي، ڀاڄي ڀتي پوکرائڻ ۽ ٻيا ھيٺانھين درجي جا سستي اگھ تي ڪم وٺڻ لاءِ پنھنجي زمين تي، ضرورت مطابق، ھڪ مقرر تعداد باگڙي ڀيلن جو رکي ٿو. ھن جي ڪا باگڙي ڀيلن سان  مائٽي يا ھمدردي ناھي، پر ھنن کي گھر ٺاھي رھڻ جي اجازت ڏيڻ پويان سـَـستي مزوري حاصل ڪرڻ آھي. اھوئي حال ھنن ملڪن جو آھي. بئفن ۽ ڪئناڊا جي ٻين ڀروارن ٻيٽن وڪٽوريا، ڊيوان (Devon) ۽ بئنڪ جي پاري جھڙي ٿڌ ۽ اونداھن ڏينھن ۾ اسان جي ٽين دنيا جا ماڻھو مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا(13).“

نتيجو:

         صدين کان سنڌ ۾ آباد باگڙي برادريءَ جي رهڻ جو انداز ئي پنهنجو آهي، باگڙي برادريءَ جا ماڻهو هڪ سادي طريقي سان پنهنجي زندگي گذارن ٿا، خاص ڪري باگڙي برادري جا ماڻهو پنهنجا گهر ڪچا ۽ گهرن ۾ جهوپڙيون ٺاهڻ پسند ڪن ٿا . سندن گهرن ۾ جهوپڙي نه هجي ته انهن جي گهر جي خوبصورتي ئي نامڪمل آهي. باگڙي برادريءَ جا ماڻهو اڪثر ڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن لاڙو ڪندا رهندا آهن ته جيئن هُو پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهن، باگڙي برادري جي ماڻهن کي اڪثر ڪري خانه بدوش به چيو ويندو آهي. باگڙي اڪثر ڪري محنت ۽ مشڪلاتون ڏسي پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪن ٿا، زماني سان گڏ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ به فرق نظر اچي ٿو، پر هي برادري اڄ به ساڳئي ئي نموني سان زندگي گذاري رهي آهي

حاصل مطلب ته باگڙي سنڌ جي قديم برادري آهي، جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. هُو پرامن برادري آهي، جنهن ۾ جهيڙي جهٽي جو تصور ئي نه آهي، عورتاڻي معاشري جي ڪري عورتون هنن جي اڳواڻي ڪن ٿيون. عورت فطرت جي بلڪل ويجهو آهي، انڪري هن قدرت جي انهن سڀني فياضن کان واقف آهن ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو ڏانوءَ به رکن ٿا. سماج ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ڪري هُو مختلف پريشانين جو شڪار به ٿين ٿا ته آزاد منش زندگي به گذارين ٿا.

آخر ۾ محقق گل حسن ڪلمتي جي هيءَ ڳالهه لکي پنهنجو مختصر مقالو پورو ڪندس ته:

”جوڳي، ڀيل، باگڙي ۽ ڪولهي سنڌ جا اصلي رهاڪو آهن، هي دراوڙن جي ان نسل مان آهن، جن حملو ڪندڙ آريائن جي آڻ نه مڃي. جبلن، صحرائن ۽ جهنگلن جو رخ ڪيو ۽ روپوش ٿيا ته جيئن پاڻ کي مضبوط ڪري دشمن سان مقابلو ڪري ان کي ڀڄائي ڪڍجي پر طاقتور دشمن هميشه لاءِ حاوي ٿي ويو. انهن جي سچائي ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اهو لاحاصل سفر اڄ به جاري آهي(14).“

هن وقت -باگڙي- ٻنين ۾ مزوري ڪندا آهن، يا ٺيڪي تي کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ڪندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]