علي آڪاش
علي آڪاش (انگريزي: Ali Akash) سنڌي ٻولي جو جديد شاعر ۽ نقاد آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
[سنواريو]علي آڪاش جو ڇٺيءَ جو نالو صاحب خان گوپانگ آهي پر سندس ڏاڏِيءَ لاڏ ڪوڏ منجهان کيس معشوق علي گوپانگ سڏيندي هئي جيڪو هاڻ رڪارڊ موجب سندس اصل نالو آهي. هن 15 اپريل 1975ع تي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي هاڻ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر قمبر جي گوپانگ محلي ۾ اوستي جان محمد گوپانگ ۽ ممتاز خاتون [1] جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ کيس ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جو وڏو شوق هو ۽ ان راند ۾ پاڻ مڃايائين.[2][3][4][5][6][7]
تعليم
[سنواريو]علي آڪاش پرائيمري کان ڪاليج سطح تائين تعليم قمبر شهر مان حاصل ڪئي. ڪجهه وقت ڪراچي ۾ به پڙهيو. پر ڪن مجبورين سبب ڪراچي ڇڏي آيو. بعد ۾ هن ايم اي اردو ادب ۾ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. علي آڪاش 2007ع ۾ ايم اي سوشيالوجي ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان پاس ڪئي.[5]
ادبي خدمتون
[سنواريو]علي آڪاش جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هو ته شاعري جي شروعات ڪيائين. هن گهرائي سان ادبي مطالعو ۽ ذاتي مشاهدو ڪيو جنهن جي آڌار تي ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪندي شاعري سرجڻ لڳو. گڏوگڏ تنقيدي مضمون پڻ لکڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري ۽ مضمون مڃيل ۽ معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. هن جاکوڙ ۽ جهد مسلسل کان ڪم وٺندي ٿوري عرصي ۾ ادبي حلقن ۾ جديد شاعر طور پاڻ مڃائي ورتو آهي.[5] علي آڪاش جو ڪتاب درويش جي تنهائي هڪ بهترين ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ علي آڪاش جو نالو اوپرو ناهي. سندس مضمونن جو ڪتاب ”نئين ڪويتا جو بحث“ به بهترين ڪتاب آهي پر ڪتاب درويش جي تنهائي اهم آهي. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي علي آڪاش جي ڪتاب جي نالي وارو مڪمل غزل لکيل آهي:
ڪيڏو ته رني آهي، درويش جي تنهائي.
ساڻي ٿي سُتي آهي، درويش جي تنهائي.
هن ڪتاب ۾ علي آڪاش جي شاعريء ۾ ٻهراڙيء جا منظر به نظر اچن ٿا ته فطرت به نظر اچي ٿي. شاعري پاڻ ڳالهائي ٿي:
ڀڃ ٿڪ مسافر! وٺ ساءُ مَنھَ ۾.
ماني به لسيء سان، تون کاءُ مَنھَ ۾.
علي آڪاش جي شاعري پڙهڻ سان سنڌ جي واهڻن جا منظر آڏو تري اچڻ ٿا. اهڙي عڪس نگاري علي آڪاش جهڙا شاعر ئي شعر ۾ سموهي سگهن ٿا. اهو آرٽ شعر ۾ آرٽسٽڪ ائپروچ وارو شاعر ئي پنهنجي شاعري ۾ ڪم آڻي سگهي ٿو:
گوڏن تي تو هٿ رکيا ۽ هٿن مٿان کاڏي،
سانجھيءَ ويلي نيٺ به ڪهڙو پور پَيئي ڏاڏي!
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ آڪاش جي قلمي نالي سان کوڙ شاعر شاعري ڪري رهيا آهن پر علي آڪاش جي ڪتاب درويش جي تنهائي ۾ شامل شاعري کيس نرالي ۽ منفرد شاعر طور سڃاڻپ ڏياري ٿو.[8]
ڪتاب
[سنواريو]علي آڪاش جا شايع ٿيل ڪتاب:[1]
- ڪاڪ ڪناري شام، غزل، سرمد اڪيڊمي قمبر، جنوري 1998ع
- هينئڙو اوٺي وڳ جيئن، شاعري، ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2017ع[5]
- شاعري جي بچاءُ ۾ تنقيدي مضمون، سنڌيا پبليڪيشن شڪارپور، 2017ع [4]
- پڪا رڇ ڪنڀار جا، شاعري، ڪنول پبليڪيشن قمبر، جنوري 2018 ع
- نئين ڪوٽا جو بحث ۽ ٻيا مضمون، تنقيد، ڪنول پبليڪيشن قمبر، 2018ع
- درويش جي تنهائي، شاعري، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2019ع[8]
- گلابي اڳتي ويندڙ راھ ،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2019ع
- ايڪويهون صبح، شاعري، ڪنول پبليڪيشن، 2021ع
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "سنڌي شاعري کي جديد رخ ڏيندڙ شاعر علي آڪاش| Pechro News Sindhi | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com. اصل نسخو مان 2021-09-28 تي محفوظ ڪيل. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "مرد هجي يا عورت هر انسان عشق واري دنيا مان گذري ٿو. علي آڪاش – وائيس آف سنڌ لنڊن" (انگريزي ۾). 2019-09-30 تي حاصل ڪيل. [مئل ڳنڍڻو]
- 1 2 sirmujahid. "شاعري جي بچاءُ ۾ : سومرو شبير | سنڌيا آن لائين" (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2019-09-30 تي محفوظ ڪيل. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "Sanjha Profile". Sanjha Profile. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindh Express News Story". sindhexpress.com.pk. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Reception for the delegates of SLF @ SMIU TV". smiu.tv. اصل نسخو مان 2019-09-30 تي محفوظ ڪيل. 2019-09-30 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "ڪتاب درويش جي تنهائي تي ھڪ نظر (اصغر شر) | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com. اصل نسخو مان 2021-09-28 تي محفوظ ڪيل. 2019-12-30 تي حاصل ڪيل.
- اڻڄاتل پيرا ميٽر سان ليکڪ ڄاڻخانو استعمال ڪندڙ صفحا
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- شاعر
- سنڌي ماڻھو
- سنڌي شخصيتون
- 1975ع جون پيدائشون