پيشين، ايران
ڏيک
(پشين، ايران کان چوريل)
Pishin پيشين | |
|---|---|
شھر | |
| Coordinates: 26°04′46″N 61°45′14″E / 26.07944°N 61.75389°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سيستان ۽ بلوچستان صوبو |
| شھرستان | سرباز |
| ضلعو | پشين |
| آبادي (2016ع واري آدمشماري) | |
| • ڪل | 16,011 [1] |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+3:30 (IRST) |
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+4:30 (IRDT) |
پيشين (انگريزي: Pishin) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو شھر آھي جيڪو سرباز شھرستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 16،011 آھي ۽ ھي صوبي جو ڏھون نبمر وڏو شھر آھي. ھتي جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا.
پيشين جو شھر پاڪستان جي سرحد کان 8 ڪلوميٽر اولھ ۾ آباد آھي. ايراني حڪومت ھتي ھڪ ڪسٽم آفيس کولي آھي تہ جيئن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار جو نئون رستو قائم ڪري سگھجي. 21 اپريل 2021ع تي پاڪستان ۽ ايران جي حڪومت ھڪ معاھدي تحت پيشين ۽ پاڪستاني شھر مند جي وچ ۾ سرحد کولڻ جو افتتاح ڪيو. ھيءُ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٽيون سرحدي ماڳ آھي جيڪو کوليو ويو آھي.[2]
پيشين جي ڏکڻ ۾ ايراني حڪومت ھڪ وڏو ڊيم ٺھرايو آھي تہ جيئن ھن علائقي ۾ پيئڻ ۽ زرعي مقصدن لاءِ پاڻي ملي سگھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.amar.org.ir/english
- ↑ "پاکستان و ایران کا مند اور پشین کے مقام پر تیسری بارڈر کراسنگ کھولنے کا فیصلہ". urdu.geo.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-02-08 تي حاصل ڪيل.