سليمان وساڻ
هي مضمون قابلِ تصديق هجڻ لاءِ وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکي ٿو |
محمد سليمان وساڻ | |
|---|---|
محمد سليمان وساڻ، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾. | |
| ڄمڻ | محمد سليمان وساڻ مارچ 13 1976ع ڪوٽڏيجي خيرپور ميرس، سنڌ، پاڪستان |
| قلمی نالو | سليمان وساڻ |
| ٻولي | سنڌي |
| تعليم | ماسٽرس ڊگري مارڪيٽنگ |
| مادرِ علم | شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور |
| نمايان ڪم | سنڌسلامت ڪتاب گھر |
| ويب سائيٽ | |
| www.sindhsalamat.com | |
محمد سليمان وساڻ، [1]( انگريزي ٻولي: Muhammad Suleman Wassan) 13 مارچ 1976ع تي ڳوٺ نواب خان وساڻ[2] ڪوٽ ڏيجي تعلقو، ضلعي خير پور ميرس ۾ محرم علي وساڻ جي گھر ۾ ڄائو. محمد سليمان وساڻ هاڻي سُئي سڌرن گيس ڪمپنيءَ ۾ چيف مينيجر طور سکر شهر ۾ ملازمت ڪري ٿو، سليمان هڪ اديب ۽ بلاگر آهي، ساڳي وقت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي شاخ [3] جو انفرميشن سيڪريٽري، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي تخليقي ڪميٽي جو چيئرمين، سنڌي ادبي ايسوسيئيشن (ساف) جو ترجمان پڻ آهي. ان سان گڏوگڏ سليمان وساڻ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو مئنيجنگ ايڊيٽر، [4] سنڌي ٻوليءَ جي ٻين وڏي ٽيڪسٽ بيس لائبریري، سنڌ سلامت ڪتاب گھر جو نگران آهي.
تعليم
[سنواريو]محمد سليمان وساڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ، پوءِ گورنمنٽ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏجي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، 1993ع ۾ سُپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پري_انجنيئرنگ ۾ انٽر پاس ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1999ع ۾ مارڪيٽنگ ۾ MBA جي ڊگري حاصل ڪيائين.
نوڪرين جو سفر
[سنواريو]محمد سليمان وساڻ سُئي سڌرن گيس ڪمپنيءَ ۾ پهرين اسسٽنٽ مينيجر طور رهيو ان کان پوءِ ترقي ڪري مينيجر جي پوسٽ تي هن وقت ھيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي.
ڪارناما
[سنواريو]- 2009 کان سنڌسلامت فورم تي سنڌي ڪتابن کي آنلائن ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي.
- سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ سنڌسلامت پليٽفارم تان لانچ ڪيل کوڙ سارن پراجيڪٽن جي نگراني ڪيائين.
- انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ٻين وڏي ٽيڪسٽ بيس لائبرريءَ (سنڌسلامت ڪتاب گھر) جو بنياد وڌائين ۽ ان تي سَوَن جي تعداد ۾ ڪتاب اپلوڊ ڪيائين.
- سوشل ميڊيا تي سنڌي فنڪارن، گلوڪارن، اديبن سميت مختلف سماجي ۽ سياسي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "سنڌ جو عاشق ۽ قومي شاعر ابراهيم منشي-محمد سليمان وساڻ - Awami Awaz". Awami Awaz (اردو ۾). 2018-06-26 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: no-break space اکر in|title=at position 24 (مدد) - ↑ نيٽ, انڊس نيوز ڊاٽ (2013-02-18). "سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو، منظور حسين وساڻ - Indus News". Indus News (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-06-26 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "عوامي آواز نيوز |ڪراچي : سچل ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو، 5 دهشتگرد مارجي ويا - Awami Awaz". Awami Awaz (اردو ۾). 2018-06-26 تي حاصل ڪيل.
- ↑ سنڌسلامت - وڪيپيڊيا
- مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- سڀ مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- اڻڄاتل پيرا ميٽر سان ليکڪ ڄاڻخانو استعمال ڪندڙ صفحا
- ويب سائيٽ پيرا ميٽر ۾ سڌو ربط استعمال ڪندڙ سوانح ڄاڻخانا
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: invisible characters
- CS1 اردو-language sources (ur)
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from December 2025
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- سنڌي بلاگر
- سنڌي شخصيتون