سليمان وساڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد سليمان وساڻ

محمد سليمان وساڻ، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾.
پيدائش محمد سليمان وساڻ
مارچ 13 1976(1976-03-13)ع
ڪوٽڏيجي خيرپور ميرس، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو سليمان وساڻ
ٻولي سنڌي
تعليم ماسٽرس ڊگري مارڪيٽنگ
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
مُکيه ڪم سنڌسلامت ڪتاب گھر
ويبسائيٽ
www.sindhsalamat.com

محمد سليمان وساڻ، [1]( انگريزي ٻولي: Muhammad Suleman Wassan) 13 مارچ 1976ع تي ڳوٺ نواب خان وساڻ[2] ڪوٽ ڏيجي تعلقو ضلعيخير پور ميرس ۾ محرم علي وساڻ جي گھر ۾ ڄائو. محمد سليمان وساڻ هاڻي سُئي سڌرن گيس ڪمپنيءَ ۾ چيف مينيجر طور سکر شهر ۾ ملازمت ڪري ٿو، سليمان هڪ اديب ۽ بلاگر آهي، ساڳي وقت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي شاخ [3] جو انفرميشن سيڪريٽري، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي تخليقي ڪميٽي جو چيئرمين، سنڌي ادبي ايسوسيئيشن( ساف) جو ترجمان پڻ آهي. ان سان گڏوگڏ سليمان وساڻ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو مئنيجنگ ايڊيٽر[4]،سنڌي ٻوليءَ جي ٻين وڏي ٽيڪسٽ بيس لائبرري سنڌسلامت ڪتاب گھر جو نگران آهي.

تعليم[سنواريو]

محمد سليمان وساڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ، پوءِ گورنمنٽ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏجي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، 1993ع ۾ سُپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پري_انجنيئرنگ ۾ انٽر پاس ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1999ع ۾ مارڪيٽنگ ۾ MBA جي ڊگري حاصل ڪيائين.

نوڪرين جو سفر[سنواريو]

محمد سليمان وساڻ سُئي سڌرن گيس ڪمپنيءَ ۾ پهرين اسسٽنٽ مينيجر طور رهيو ان کان پوءِ ترقي ڪري مينيجر جي پوسٽ تي هن وقت ھيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي.

ڪارناما[سنواريو]

  • 2009 کان سنڌسلامت فورم تي سنڌي ڪتابن کي آنلائن ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي.
  • سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ سنڌسلامت پليٽفارم تان لانچ ڪيل کوڙ سارن پراجيڪٽن جي نگراني ڪيائين.
  • انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي ٻين وڏي ٽيڪسٽ بيس لائبرريءَ (سنڌسلامت ڪتاب گھر) جو بنياد وڌائين ۽ ان تي سَوَن جي تعداد ۾ ڪتاب اپلوڊ ڪيائين.
  • سوشل ميڊيا تي سنڌي فنڪارن، گلوڪارن، اديبن سميت مختلف سماجي ۽ سياسي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو.

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]