مائي ڌائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مائي ڌائي (انگريزي: Mai Dhai) سنڌ جي علائقي عمر ڪوٽ جي آهي ۽ پاڻ ڳائڻي فنڪارا آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو 8 جي لاءِ مائي ڌائيءَ ٻه گانا ريڪارڊ ڪرايا ۽ ان کان پوءِ ڏاڍي مشهوري ماڻي آهي.

شروعاتي حياتي[سنواريو]

مائي ڌائي جو جنم برطانوي دور جي هندستان جي رياست راجسٿان جي ضلعي ٻاڙمير ۾ ٿيو. پنهنجي ماءُ خندا ٻائي کان مائي ڌائيءَ گانا ڳائڻ سکيا، جيڪا شادين وغيره ۽ ٻين فنڪشنن ۾ لوڪ گيت ڳائيندي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس خاندان ٿر جي علائقي ۾ رهڻ لڳو. ماءُ جي وفات کان پوءِ مائي ڌائي به لوڪ گيت کائڻ شروع ڪيا.

سنڌي شاعر ۽ سياستدان سردار شاهه کيس حيدرآباد ۾ انٽروڊيوس ڪرايو هو. منفرد ۽ بي مثال يگاني آواز سبب آهستي آهستي سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي وئي.

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 8[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪوڪ اسٽوڊيو (پاڪستان)

مائي ڌائيءَ موسيقيءَ جي مشهور پروگرام ڪو ڪ اسٽوڊيو جي اَٺئين سيزن ۾ ٻه گانا ڳايا، جنهن کان پوءِ کيس سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي سڃاڻپ ملي.[1]

حوالا[سنواريو]