بخشڻ مهراڻوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بخشڻ مهراڻوي سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ ڪمپيئر، 18 آڪٽوبر 1964ع تي سانگهڙ ۾ فقير محمد رحيم مهر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد بخش آهي، پر ادبي دنيا ۾ بخشڻ مهراڻويءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شعری مجموعو " التجا " نالی سان شایع ٿیل آھی ان کان علاوہ کیترا ئی کال ۽ سندس شاعری مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شایع ٿیل آھن

تعليم[سنواريو]

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي ايس سي ڪيل اٿس. سنڌ یونیورسٽی مان ایم ای سنڌی ۾ کیل اٿس

فني سفر[سنواريو]

گذريل 14 15 سالن کان ريڊئي، ٽي. وي، اسٽيج ۽ سيٽلائيٽ چئنلن جي ڪيترين ئي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهندو آهي. هو هڪ سُٺي شاعر هئڻ سان گڏ سريلو گائڪ به آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ جو ڪافي سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

ايوارڊ ۽ مڃتا[سنواريو]

کيس ڪيترائي اَوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾:

  • بهترين صداڪار جو قليچ بيگ اوارڊ،
  • بهترين ڪمپئر جو لاڙ عوامي اوارڊ،
  • سچل اوارڊ،
  • لطيف اوارڊ،
  • سگهڙ ڪانفرنس اوارڊ،
  • بهترين شاعر جو يوٿ اوارڊ (1989) ۽ ٻيا شامل آهن.
تمغہ حسن ِ کارکردگی ( صدارتی ایوارڊ )

منتظم طور[سنواريو]

هن سانگهڙ ۾ ڪيترائي اهم ادبي پروگرام ڪرايا، جن مان (1) لطيف ميڙ، (2) رنگ رتي سانجهه: نوجوان شاعرن جون تاريخي مشاعرو (3) سانگهڙ سيمينار 1992ع تمام اهم آهن. بخشڻ مهراڻويءَ مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان سنڌي فنڪارن جي -جاري ٿيل ڪيترين ڪئسٽن ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي. بخشڻ نظم، آزاد نظم ۽ غزل جو سٺو شاعر آهي. ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي چئنلن تي مختلف پروگرامن جو آرگنائيزر ۽ ڊائريڪٽر به رهيو آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]