جامي چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جامي چانڊيو نوجوان دانشور، ڪالم نگار، نقاد, 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.

تعليم[سنواريو]

پـرائمـري تعـليـم گـورنـميـنـٽ پـرائـمـري اسڪول علي خان، قمبر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهون ۽ ستون درجو قمبر هاءِ اسـڪـول ۾ پـڙهيـو. وڌيـڪ تعليـم لاءِ 1981ع ۾ ڪيـڊٽ ڪاليـج پيـٽاري ۾ داخل ٿيو. 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ سنڌ، ملڪي ۽ ايشيائي سطح تي سرگرم رهيو. 1989ع ۾ ٿائيلينڊ ۽ 1990ع ۾ ڀارت ۾ ايشيائي شاگردن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو.

ملازمتي سفر[سنواريو]

1995ع ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ادبي رسالي ماهوار بختاور جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ۽ ٽرانسليشن بيورو جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پر سـُـتت ئي استعيفا ڏنائين. 1998ع کان 2002ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد جو انچارج ايڊيٽر رهيو. روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ سان هڪ ڪالم نگار ۽ ميزبان طور وابسته رهيو. مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان استاد ۽ تربيتڪار طور ليڪچر ڏيڻ سان گڏوگڏ ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جي پندرهن کان وڌيڪ ملڪن جا تعليمي، مطالعاتي ۽ سياسي دورا ڪري چڪو آهي.

مڃتائون[سنواريو]

جامي چانڊيي کي اي. پي. اين. ايس طرفان ٻه ڀيرا (2000-1999ع ۽ 2002-2001ع) سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪالم نگار ۽ مضمون نگار طور اوارڊ ملي چڪا آهن. 2004ع کان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪيترن مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن کي سياسي تربيت ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ صوبن جا ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي شامل هئا. سياست ۽ سياسي مئنيجمينٽ جي هڪ ماهر طور سنڌ توڙي پاڪستان ۾ سندس مڃتا آهي. جامي چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ملڪي سطح جي ڪيترن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ ڪجهه عالمي ۽ ڏکڻ ايشيائي ٿنڪ ٽينڪس جو سرگرم ميمبر ۽ مهمان اسڪالر به رهيو آهي.

ڪتاب[سنواريو]

جامي چانڊيي جي آرگنائيزيشن جو لوگو

سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

  • (1) پاڪستان ۾ وفاقيت جمهوريت جو بحران ۽ قومي خودمختياري (آڪٽوبر 2009ع)
  • (2) تبديليءَ جا محرڪ ۽ سنڌ جو آئيندو
  • (3) ايم. ڪيو. ايم جي سياست ۽ سنڌ (جون 2007ع)
  • (4) تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا
  • (5) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (آگسٽ 2007)
  • (6) ادب، سياست ۽ سنڌي سماج (اپريل 2007ع)
  • (7) سنڌي ادب ۾ تنقيد- شيخ اياز (ترتيب)
  • (8) سنڌي ادب ۾ تنقيد- افسانوي ۽ فڪري ادب (ترتيب)
  • (9) لبرل ازم: هڪ اڀياس
  • (10) سنڌي ادب ۾ تنقيد- ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري
  • (11) سنڌ ڪيس (I- آڪٽوبر 2009ع، II- نومبر 2009ع)
  • (12) جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا
  • (13) رسول بخش پليجي جون مڪمل تحريرون- سياسي ادب (3جلد: ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن،

جڏهن ته سندس 400 کان وڌيڪ ادبي، فڪري ۽ سياسي مضمون، ڪالم ۽ ٻيون ادبي ۽ تخليقي لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. فلسفو، ادب ۽ سياست سندس پسنديده موضوع آهن. تازو کيس هڪ عالمي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ريسرچ اسڪالر طور واشنگٽن، آمريڪا ۾ فيلوشپ ڏني وئي، جنهن دوران هن ’پاڪستان ۾ وفاقيت جي بحران ۽ قومي خودمختياريءَ‘ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو.

موجوده سرگرميون[سنواريو]

هي هن وقت هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري ’سي پي سي ايس‘ (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي ۽ ان اداري طرفان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي ۽ فڪري جرنل ٽه ماهي ’فريڊم‘ جو ايڊيٽر آهي.[1]

ٻاهريون لنڪون[سنواريو]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]