منظور علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منظور علي خان
معلومات شخصيت
ڄم سال 1922  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شڪارپور  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 9 سيپٽمبر 1980 (57–58 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ٽنڊو آدم  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي

سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪل گويي استاد منظور علي خان جو اصل نالو محمد خان هو. سندس تعلق گواليار جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي نامور خاندان سان آهي. مهاراجا رنجيت سنگهه جي دؤر ۾ هيءُ گهراڻو پنجاب ۾ اچي آباد ٿيو، جتان بعد ۾ خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي خواهش تي، استاد منظور علي خان جو پڙڏاڏو استاد شادي خان سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، ۽ اتي ئي 1926ع ۾ استاد منظور علي خان جنم ورتو. استاد منظور علي خان جي والد جو نالو استاد جمال خان هو، جيڪو ’جمالو خان‘ به سڏبو هو. سندس ڏاڏو ڪريم بخش خان به نالي وارو گويو ٿي گذريو هو. جنهن 1911ع ۾ ”جارج پنجين“ جي جشن تاج پوشيءَ جي موقعي تي سنڌ جي موسيقارن جي نمائندگي ڪئي هئي، ۽ کيس حسن ڪارڪردگيءَ جو اعزاز مليو هو. استاد منظور علي خان، موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد استاد جمال خان کان، ۽ ان کان پوءِ پنهنجي سؤٽ سينڌي خان کان حاصل ڪئي. ان کان سواءِ پنهنجي دور جي ناميارن گوين، بيبي خان جي فن مان فيضياب ٿيو. جڏهن ته استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان جو صحبتي ۽ همعصر هو. استاد منظور علي خان سڀ کان پهرين اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي فن جو کليل مظاهرو ڪيو. 1940ع ۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ هن شڪارپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اهڙيءَ طرح 15 سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. استاد منظور علي خان 16 سالن جو هو ته سندس والدين شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ رهيا ۽ پوءِ استاد منظور علي خان جي سڄي زندگي ٽنڊي آدم ۾ ئي گذري. جون 1947ع ۾ استاد منظور علي خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان جي وچ ۾ موسيقيءَ جو هڪ دلچسپ مقابلو ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. موسيقيءَ جي انهيءَ پرلطف مقابلي کي ڏسڻ لاءِ عام خلق کان سواءِ انهيءَ دؤر جا نامور گويا استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد بيبو خان وغيره به موجود هئا. انهيءَ مقابلي ۾ استاد منظور علي خان ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ طرح هن نوجوان گويي، موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي هڪ مخصوص جاءِ ۽ انداز پيدا ڪري ورتو، جيڪو آهستي آهستي مستحڪم ٿيندو رهيو ۽ اڄ تائين سنڌ جو ڪو فنڪار انهيءَ مقام کي پهچي نه سگهيو آهي. استاد منظور علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد بيبي خان کان هڪ خاص تان ”سري“ سکي، جيڪا صرف منظور علي خان ئي ڳائي سگهندو هو. 1960ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ، استاد منظور علي خان- کي ”بهارِ موسيقيءَ“ جو لقب ڏنو. استاد منظور علي خان جي گائڪيءَ جو هڪ مخصوص ۽ انوکو انداز هو، جيڪو سندس شاگردن ۾ به نمايان رهيو. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي به سُٺا ڳائڻا آهن، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ استاد منظور علي خان جا شاگرد يا سندس شاگردن جا به شاگرد آهن. استاد جي ڪجهه مکيه شاگرد ڳائڻن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، استاد وزير علي خان، استاد گلزار علي خان دايو، عابده پروين ۽ انور حسين وسطڙو، ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ ميان نذر حسين وغيره قابل ذڪر آهن. سنڌ جو هيءُ ناميارو ڪلاڪار، عظيم گويو ۽ موسيقيءَ جو ماهر، 9 سيپٽمبر 1980ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٽنڊي آدم جي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]