مواد ڏانھن هلو

محمد جمن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد جمن
معلومات شخصيت
تاريخ ڄم 10 آڪٽوبر 1935   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 24 جنوري 1990 (55 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

استاد محمد جمن- جا وڏا اصل ۾ بلوچستان جي علائقي لسٻيلي جا، ذات جا سخيراڻي هئا. هو ڳوٺ ڪَنڊِ جهنگ ۾ 10 -آڪٽوبر- 1935ع ڌاري حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. جنهن کي ’آمن‘ به چوندا هئا. سندس وڏا سُرندو وڄائيندا هئا. هي انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو ۽ سُرندي جا سُريلا آلاپ -ٻڌي- کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. -ان- ماحول ۾ هُن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس. هن راڳ جي باقاعدي سکيا -استاد- نظر حسين کان ورتي. نظر حسين ملڪه ترنم نورجهان جو -استاد- به هو.

1947ع ۾ جڏهن -پاڪستان- ٺهيو ته -ان- وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو -اسٽيشن- ڪا نه هئي. 14 -آگسٽ- 1948ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو -اسٽيشن- قائم ٿي، جنهن جي نشريات انٽيليجنٽس اسڪول مان شروع ڪئي وئي. -ان- وقت ريڊيي ڪراچيءَ جو سرواڻ زيد. اي -بخاري- (ذوالفقار علي بخاري) هوندو هو. -بخاري- صاحب ريڊيو -اسٽيشن- ٺهڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻڌو. انهن ۾ محمد -جمن- به موجود هو. محمد -جمن- جي بينسريءَ سندس من موهي وڌو. اتان ئي -بخاري- صاحب محمد -جمن- کي ريڊيي -اسٽيشن- تي وٺي آيو ۽ ٻه چار منٽ کيس مائيڪروفون تي ٻڌائين. محمد -جمن- کيس راڳ ڪوهياريءَ مان ڌن ٻڌائي، جيڪا ڌن ئي سندس آڊيشن ۽ ٽيسٽ بڻي، جنهن کان پوءِ محمد -جمن- کي -بخاري- صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ريڊيي جو ملازم ڪري رکيو. هن ڪيترن ئي ڪلامن ۾ بينسري وڄائي. خاص ڪري -استاد- محمد ابراهيم جي ڳايل ڪلامن ۾.

هڪ روايت اها آهي ته 1949ع ۾ -استاد محمد جمن- ۽ -استاد- محمد حسن ريڊيي تي آيا ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا. -ان- کان پوءِ زيڊ. اي بخاريءَ کيس بينسري نواز جي حيثيت ۾ ٻڌو ۽ ملازم ڪري رکيو. ٻي روايت اها آهي ته محمد -جمن- 58-1957ع ڌاري -ان- وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب وٽ، جيڪو پهريون سنڌي پروڊيوسر به هو، ڳائڻ جي آڊيشن ڏني، پر چاڳلا صاحب کيس اهو چئي ناپاس ڪري ڇڏيو ته ”تنهنجو تلفظ ڪچو آهي ۽ تون ڪجهه پڙهي به نه ٿو سگهين“. تنهن کان پوءِ هُن پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهيائين ۽ ڪجهه پڙهڻ لکڻ جهڙو به ٿيو ۽ پنهنجو تلفظ به سڌاريائين.

هن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني ڳايو ته ٻين ماڻهن سندس ڪلام -ٻڌي- پنهنجو اچار سڌاريو. هن ريڊيي تي سڀ کان پهريان شاهه سائينءَ جوهيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو:

’دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو‘

آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو -اسٽيشن- ٺهي ته -استاد محمد جمن- کي اتي موسيقار جي حيثيت ۾ موڪليو ويو. هو اتي ڳچ عرصو رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي گهڻي خدمت ڪيائين. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن سنڌ جي مختلف صوفي بزرگن جي ڪلام کي منظوم -اردو- ترجمي سان گڏ به رڪارڊ ڪرايو. سندس ڳايل اهڙن ڪلامن ۾ -اردو- ترجمو سندس هڪ شاگردياڻي -ثريا- حيدرآبادي ڳائيندي هئي.

استاد محمد -جمن- هونئن ته ڪيترائي ڪلام ڳايا، پر هن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي -ٺيٺ- سنڌي رنگ ۾ ڳايو. ٻين صوفي بزرگن ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين، ليڪن جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سو آهي، شاهه سائينءَ جو ڪلام:

منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن، گذاريان!!

ان ڪلام جي ڌن -ان- وقت جي مشهور موسيقار ديبو ڀٽاچاريه ٺاهي هئي. اهو ڪلام ايڏو ته مقبول ٿيو، جو هر محفل ۾ -استاد- کان فرمائش ڪئي ويندي هئي. -ان- ڪلام کان پوءِ -استاد محمد جمن- جو ڳايل ٻيو جيڪو ڪلام گهڻو مقبول ٿيو، سو هو بُلي شاهه جو ”انت -بحر- دي ڪل نه ڪائي، رنگيءَ رنگ بڻايا!“.

استاد محمد -جمن- ٻن فلمن لاءِ به ڳايو. هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾. مشهور بينجي نواز، -بلاول- -بيلجيم- جي موسيقيءَ ۾ نغما ڳايائين. -ان- فلم جو نغمو ”هو سهڻا يار سڄڻ“، ٻي -اردو- فلم ”ڪالو“، جيڪا ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي جي عڪاسي ڪندڙ هئي. -ان- فلم ۾ مشهور اداڪار محمد عليءَ مُک ڪردار ادا ڪيو هو، -ان- ۾ -استاد محمد جمن- شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام ڳايو:

”آءُ جيها ئي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين!“

-استاد محمد جمن- اردو، سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳايو. سندس ڳائڻ جي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌي راڳ جي خاص انگ کي قائم رکيائين.سندس ٺاهيل ڌنون تمام گهڻو مقبول ٿيون. اهي ڌنون ٻين به ڪيترن ئي فنڪارن ساڳي انداز ۾ ڳايون. هن ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا به ڏني، جيئن زرينا بلوچ، زيب النساءِ، علي محمد خاصخيلي، جميلا ناز، شفيع محمد وغيره. اهي فنڪار به پاڻ سنڌي موسيقيءَ جا وڏا نالا آهن. -استاد محمد جمن- حيدرآباد کان پوءِ ڪراچيءَ ريڊيي تي واپس وريو ۽ آخر تائين اُن سان وابسته رهيو. کيس نم جو وڻ تمام گهڻو وڻندو هو. ڪراچيءَ ۾ سندس گهر اڳيان نم جو وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويهي رياض به ڪندو هو ته مهمانن سان ڪچهري به ڪندو هو. هن جو سُرُ ڪوهياريءَ مان ڳايل شاهه لطيف جو هيٺيون ڪلام سندس مشهوريءَ جو سبب پڻ بڻيو:

ڪارون وس ڪيام، لڏي ڏور ويا،

مُئيءَ جو هوت نه موٽيو!

هن ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي فن جو مظاهروڪيو. 1962ع ۾ -پاڪستان- جا لوڪ ڳائڻا روس ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ڏانهن ويا، انهن ۾ -استاد محمد جمن- سنڌ جي فنڪارن جي رهبري ڪئي. هو هندستان، بنگلاديش، ايران، انڊونيشيا، چين ۽ -افغانستان- به ويو.

استاد محمد -جمن- کي ڪيترائي ايوارڊ جهڙوڪ: پرائيڊ آف پرفارمينس، شاهه لطيف اوارڊ ٻه ڀيرا ۽ حضرت سچل سرمست اوارڊ وغيره مليا.

سنڌي سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار، بهترين موسيقار ۽ فنڪار -استاد- محمد جمن، 24 جنوريءَ 1990ع تي صبح جو پنجين وڳي اسان کان جدا ٿي ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]