سنڌ سلامت ڪتاب گھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
سائيٽ جو قِسمُ
آنلائين - مفت
۾ موجود سنڌي
مکيه دفتر
ڌڻي سنڌ سلامت
يوآرايل books.sindhsalamat.com
تجارتي نه
رجسٽريشن ضروري ناهي
لانچ ڪيل جون 1, 2016؛ 7 سال اَڳُ (2016-06-01)
موجوده حيثيت سرگرم

'سنڌ سلامت ڪتاب گهر انگريزي (SindhSalamat Kitab Ghar) سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل لائبرري آھي جنھن ۾ شاعري، لوڪ ادب، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين زمرن جا ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ شامل ڪيا ويا آھن. ھِيءَ ويبسائٽ پھرين جون 2016ع تي سنڌسلامت سَٿ پاران ڪراچيءَ مان آنلائن ڪئي وئي، جنھن ۾ ھيستائين 900 کان مٿي ڪتاب اپلوڊ ڪيا ويا آھن. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي شاعري توڙي نثري صنفن، تنقيد، تاريخ ۽ فلسفي جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.[1]

تعارف[سنواريو]

سنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.

لائبريرين[سنواريو]

اينڊرائيڊ ايپليڪيشن[سنواريو]

سنڌسلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پھرين جون 2019ع تي گوگل پلي اسٽور تي رکي وئي جنھن جا 10 ھزار کان مٿي ڊائونلوڊ پڻ ٿي چُڪا آھن ۽ ھِن ايپليڪيشن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي جامع ايپيليڪشن ھُئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhsalamat Kitab Ghar". APKPure.com. حاصل ڪيل 2018-06-26. 
  2. "Sindhsalamat Kitab Ghar - Apps on Google Play". play.google.com. حاصل ڪيل 2020-06-10.