سنڌ سلامت ڪتاب گھر
ويب سائيٽ جو قسم | آنلائين - مفت |
|---|---|
| دستياب ٻوليون | سنڌي |
| مرڪزي دفتر | |
| مالڪ | سنڌ سلامت |
| ويب سائيٽ | books |
| تجارتي | نه |
| رجسٽريشن | ضروري ناهي |
| شروعات | جون 1, 2016 |
| موجوده حيثيت | سرگرم |
'سنڌ سلامت ڪتاب گهر انگريزي (SindhSalamat Kitab Ghar) سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل لائبرري آھي جنھن ۾ شاعري، لوڪ ادب، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين زمرن جا ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ شامل ڪيا ويا آھن. ھِيءَ ويبسائٽ پھرين جون 2016ع تي سنڌسلامت سَٿ پاران ڪراچيءَ مان آنلائن ڪئي وئي، جنھن ۾ ھيستائين 900 کان مٿي ڪتاب اپلوڊ ڪيا ويا آھن. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي شاعري توڙي نثري صنفن، تنقيد، تاريخ ۽ فلسفي جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.[1]
تعارف
[سنواريو]سنڌ سلامت جنهن جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
لائبريرين
[سنواريو]- محمد سليمان وساڻ
- عبدالحفيظ لغاري
- عبيداللہ ٿھيم
- گل حسن لاکو
- سجاد علي چنا
اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
[سنواريو]سنڌسلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پھرين جون 2019ع تي گوگل پلي اسٽور تي رکي وئي جنھن جا 10 ھزار کان مٿي ڊائونلوڊ پڻ ٿي چُڪا آھن ۽ ھِن ايپليڪيشن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جي جامع ايپيليڪشن ھُئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sindhsalamat Kitab Ghar". APKPure.com (انگريزي ۾). 2018-06-26 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Cite has empty unknown parameter:|dead-url=(مدد) - ↑ "Sindhsalamat Kitab Ghar - Apps on Google Play". play.google.com (انگريزي ۾). 2020-06-10 تي حاصل ڪيل.