ڊاڪٽر شير مهراڻي
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
ڊاڪٽر شير مهراڻي پهرين مارچ 1980ع تي ضلعي خيرپور تعلقي ڪوٽڏجي جي ڳوٺ احدي خان راڄپر ۾ پئدا ڀيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. شاھ لطيف جي شاعري ۾ جماليات تي پي ايڇ ڊي آهي. هيئنر ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس هڪ ڪتاب تي ڪنهن شاگرد تبصرو ڪيو آهي، جيڪو هتي شيئر ڪجي ٿو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي جي ڪتاب
“جماليات: تحقيقي جائزو” جو مختصر جائزو
سونهن ڇا آهي؟سونهن جي ڪا مخصوص وصف ناهي،سونهن ۽ حسن کي فلسفي جي زبان ۾ جماليات چيو وڃي ٿو .عالمي ادب ۾ مختلف بحث مباحثي کان پوءِ اڃان تائين جماليات جي ڪا خاص وصف مقرر نه ٿي سگھي آهي.جماليات خارجي به آهي ته داخلي به، اُها ڏسندڙ جي اک ۾ آهي ته اُن جي اندر محسوسات ۾به آهي.مطلب ته ان جون ڪيتريون ئي وصفون آهن جن تي عالمي ادب ۾ بحث هلي پئي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي وسيح مطالعي ۽ محنت ۽ جاکوڙ جي بنا تي جماليات تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي.هن“ شاهه لطيف رح جي شاعري ۾ جماليات ” تي ڪراچي يونيورسٽي مان 2013ع ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي.جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڻ موجود آهي جنهن ۾ هن سونهن جي عالمي وصف،شاهه لطيف رح جي شاعري ۾ سونهن جي فلسفي کي هر اينگل کان پرکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ جمالياتي فلسفي جي تصور ۽ تاريخ تي انتهائي برجستي انداز سان قلم کنيو آهي جيڪو سندس شوق ، محنت ۽ لگن جو ثبوت آهي.ان جو مثال تازو آيل ٻيو ڪتاب آهي جيڪو “ جماليات : تحقيقي جائزو ” جي نالي سان سوجھرو پبليڪشن ڪراچي پاران آگسٽ 2016ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب بابت ليکڪه جا ويچار آهن ته: “ اصل ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو هڪ باب آهي ، جيڪو ٿيسز واري ڇپيل ڪتاب ،“شاهه لطيف رح جي شاعري ۾ جماليات” ۾ ڪن سبب جي ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويو هو،”
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جماليات تي سنڌي توڙ ي اردو ، انگريزي ۾ ٿيل تحقيق جو جائزو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ،“ شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو” جيڪا سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سر پرستي ءَ ۾ 1992ع ۾ ڪئي جو مختصرن پر جامع جائزو پيش ڪيو آهي. گھري اڀياس ، جماليات جي تعريف ۽ مقالي جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ان نتيجي ته پهتو ته ڊاڪٽر شڪنتلا جي تحقيق ۾ جماليات کي صرف آبجيڪٽو انداز سان بيان ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته شاهه لطيف رح جي شاعري ۾ سونهن جا ڪئي رنگ روپ آهن. خد جماليات جون انيڪ وصفون آهن، شاهه جي شاعري ۾ جماليات معروضي ۽ موضو عي حسن، سونهن جي داخلي ۽ خارجي تصور ۽ ان جي امتزاج سان گڏ آهي جيڪا ڊاڪٽر شير پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ واضع نموني ڪئي آهي.جڏهن ته ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جماليات کي صرف هڪ مخصوص پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي.
ٻيو ڪتاب “ سر رپ : هڪ مطالعو ” شامل آهي جنهن ۾ مختلف ليکڪن جا مضمون _مقالا شامل آهن .هن ڪتاب ۾ مقالن کان علاوه ڊاڪٽر فهميده حسين جي صدارتي تقرير پڻ شامل آهي جنهن ۾ هن جماليات تي بحث ڪيو آهي .ڊاڪٽر شير مهراڻي سندس مقالي جو بغور مطالعو ڪري ان نتيجي تي پهتو ته ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي تقرير جنهن جو موضوع “ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ ڪمال جي تلاش ” آهي، ۾ جماليات جون معروضي ۽ موضوعي صفتن کي بيان ڪيو آهي ۽ جماليات کي جديد دور ۾ گھڻن ئي حصن ۾ ورهايو آهي. انهن تي بحث پڻ ڪيل آهي.مثال ڊاڪٽر فهميده حسين بادليئر ( فرانس جو شاعر) کي جماليات جو مبلغ ڄاڻايو آهي ،جنهن تي ڊاڪٽر شير ڪجھه مثال ڏئي واضع ڪيو آهي ته “ بادلئير اصل ۾ جمالياتي نه پر بلڪه غير جمالياتي ۽ زندگي کي اڻوڻندڙ ڪري پيش ڪندڙ ليکڪ طور مشهور هو.” وڌيڪ ڪيٿ ملر جو مضمون،“ سونهن بابت مغربي تصور” ماريو پرنوئلا،شيخ اياز،جنهن جو ڪتاب “ سرلو هيڙا ڳڀا” مان مثال ڏنا آهن.ڊاڪٽر شير، ڊاڪٽر فهميده حسين جي ادب براءِ ادب واري تحريڪ جماليات جو بنياد بڻي کي قبوليت جوڳي نه ٿو سمجھي.
ڪتاب ۾ شامل مقالن مان امداد هسيني جو مقالو“ پرين پتائين گج جيئن” جو تنقيدي جائزو پيش ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته اُهو مضمون بنيادي طور تي سڌو سنئون جماليات سان لاڳاپيل ناهي،سواءِ ڪجھه بيتن ۽ لفظن جي.
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو “ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور ” جي نالي سان مضمون شامل آهي جنهن بابت ڊاڪٽر شير جو چوڻ آهي ته ،“ شاهنواز سوڍر مختصر مقالي ۾ انتهائي دقيق بحث ڇيڙيندي_ انهن کي بنا ڪنهن نتيجي تي پهچائڻ جي ڇڏيندو ويو آهي.” هڪ بيت جو مثال ڏي ٿو ته :
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نه ڪا عام نه خاص، جي ويا سي وڍيا
ان بابت ڊاڪٽر شاهنواز لکيو آهي ته،“ ڪاڪ تي جوڳين ڀٽائي سان ڪجھه به نه سليو،” جڏهن ته ڊاڪٽر شير شاهه سائين جي شاعري مان مثالن سان ان ڳالهه کي تمام خوبصورت انداز ۾ واضع ڪري ٿو ته “ ڊاڪٽر صاحب کي وثوق سان ائين نه لکڻ کپندو هو ته جوڳين يا سامين ڀٽائي سان ڪجھه به نه سليو ممڪن آهي ته هي بيت ڀٽائي صاحب سامين طرفان چيو هجي ۽ سامين شاهه صاحب سان پنهنجي اندر جو احوال هن طرح ڪيو هجي ته:
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس
ڇا ڪاڻ ته اُها ڀٽائي بادشاهه جي شاعري جي خوبي آهي ته هو سوال ڪري ذهن ۾ ڄاڻ لاءِ اڃ پيدا ڪري ٿو.” مطلب ته شاهه ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ روپ آهن. سندس شاعري ۾ سوال به ڪيل آهن ته، انهن جا جواب به اتي ڏنل آهن. هُو ڳجھه جون ڳالهيون ڪري ٿو ته انهن کي سلي به پاڻ ٿو.شاهه لطيف رح جو مشاهدو عام ماڻهن جي سوچ کان وڌيڪ آهي، ان ڪري شاهه جي شاعري جي هڪ پهلو کي آخري سمجھڻ ۽ ڪا ڳالهه وثوق سان چوڻ صحيح نه آهي .
هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن_مقالن مان اڪبر لغاري جو مضمون “شاهه صاحب وٽ حسن و جمال ” تي بحث ڪندي ڊاڪٽر شير لکي ٿو ته “ اڪبر لغاري صاحب انتهائي دانشمنداڻي انداز سان موضوع کي اڳتي کڻي وڌي ٿو جنهن ۾ هو شروعات ۾ حسين جي افادي سگھه تي بحث ڪري ٿو ۽ شاهه جي شاعري مان مثال ڏي ٿو.ڊاڪٽر شير مطابق سندس مقالو اهم ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
ان کان علاوه خاڪي جويو جو مقالو“ شاهه لطيف جي شاعري ۽ تخليق ۾ حسن ڪاري”، جنهن جي گھري تجزئي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته،“ مضمون جماليات جي موضوع تي لکيو ئي ناهي ويو پر سندس ڪجھه بيان جماليات تي مناسب روشني وجھن ٿا. پر پورو مضمون ڪو به علمي ۽ منطقي نتيجو ڏيڻ کان قاصر آهي.”
انعام شيخ جو مقالو“ لطيف وٽ سونهن جو تصور ” بابت سندس خيال آهي ته،“ هن انتهائي مدلل انداز ۾ نه صرف سونهن جي تاريخي حيثيت بيان ڪئي آهي،بلڪه ڀٽائي جي شاعري مان پڻ انتهائي مهارت سان حسن جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا آهن.” پر اڳتي هو لکي ٿو ته “هيگل ۽ ڪانٽ جي نڪته نظر کي رد ڪري ٿو.جيڪا ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي ناهي ڇو جو “ڪانٽ توڙي هيگل اهڙا آهن جن جي جماليات افڪار مان اڄ تائين جا جمالياتي ماهر متاثر آهن.” سندس خيال آهي ته مجموعي طور تي مقالو ڄاڻ ڏيندڙ ۽ فڪر انگيز آهي.
ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تهمينه مفتي، غلام نبي سڌايو، حافظ عبدالرحيم جمالي، احسان دانش جا مقالا شامل آهن جن تي تجزياڻو بحث ٿيل آهي.ڊاڪٽر شير مهراڻي کي جماليات جي فلسفي تي تمام گھڻي گرفت آهي جنهن جو ثبوت سندس پي ايچ ڊي جو مقالو آهي ۽ هي ڪتاب“ جماليات:تنقيدي جائزو” جنهن ۾ هن دليلن ۽ ٺوس مثالن سان وڏن ليکڪن جي لکڻن جا جواب ڏنا آهن جيڪي ڪنهن شڪ جي بغير مڃڻ جي قابل آهن. انهي تنقيدي جائزي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي ان مطابق سنڌي ادب ۾ جماليات جي موضوع تي سواءِ چند مضمونن _ مقالن ۾ جماليات تي صحيح ۽ بنياد ڄاڻ ڏني وئي آهي ۽ ڪو خاص فڪري رجحان پيدا نٿا ڪن.
هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪتابن کان علاوه انگريزي ۾ جماليات جي موضوع تي لکيل ڪتاب “سينس آف بيوٽي ” جارج سنتيانا جو اردو ۾ مجنون گورکپوري جو “ تاريخ جماليات”،ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جو“ جماليات قرآن حڪيم ڪي روشني مين”،ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جو“تاريخ جماليات (ٻه جلد) تي عالماڻي انداز سان بحث ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌي ادب لاءِ تمام گھڻي ڪارائتي آهي.ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي دانشمنداڻي تجزئي جي بنا تي بغير ڪنهن تعصب ۽ خوشامند جي نتيجه ڪڍياآهن جيڪي هڪ سٺي محقق هئڻ جو ثبوت ڏين ٿا. ڊاڪٽر شير مهراڻي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ شاعر،محقق ۽ نقاد جي حيثيت سان اڀريو آهي سندس محنت ساراهه جوڳي آهي.
سنڌي ادب ۾ جماليات تي ايتري قدر ڪم شايد ئي پهرين ٿيو هجي جيترو ڊاڪٽر صاحب ڪيو آهي .هن پنهنجي مشاهدي ۽ تجزئي جي بنا تي ،مختلف ليکڪن فلسفين ۽ عالمن جي جي ڪم ۽ تجزئين جي بنا تي هن ڪتاب ۾ شامل مقالن تي تحقيق ڪري نتيجا ڪڍيا آهن اهي نتيجا هڪ سٺي تحقيقڪار وانگر غير جانبدار ڪري ڪڍيا آهن ۽ پنهنجي رائي ڏني آهي. سندس هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي واڌارو آهي. عنبرين حيدر ملاح
حوالا
[سنواريو]ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |