ڍاٽڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڍاٽڪي ____(Dhatki):

سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي لهجي کي ”ڍاٽي“ ۽ ”ٿري“ نالن سان به سڏيو ويندو آهي. هن لهجي جي مکيه زمين ٿر خاص طور تي ٿر جو ڍاٽ وارو علائقو آهي. ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ دراوڙيءَ سان به ويجهڙائپ رکي ٿي.[1] ٿر ۾ ڍاٽڪي ٻولي (Ddaattiki) به چالو آهي. هن وقت اتي جيڪي ٺَڪرُ (راجپوت)، ڪَراڙ (واڻيا)، ميگهواڙ، ڀيل وغيره آهن، سي اصل راجپوتانا ۽ گجرات طرف کان آيا آهن. ٿر کي ڪَڇ، راجپوتانا جو ڀاڱو (مارواڙ ۽ جيسلمير)، ۽ ننگر پارڪر کي پالنپور رياست (گجرات جو طرف) ويجها آهن. ٿر جي ڪيترن ماڻهن جي انهن سڀني هنڌن جي رهاڪن سان لڙهه وچڙ گهڻي آهي. انهن سببن ڪري سنڌي، راجسٿاني ۽گجراتي ٻولين جي ميلاپ منجهان ٿر منجهه هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٺهي پيئي آهي، جا ”ڍاٽڪي“ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻولي سڏجي ٿي. اها گاڏڙ ٻولي راجسٿاني ٻولين جي لهجي ۾ ليکجي ٿي ۽ ”ڍٽ“ لفظ پاڻ به راجسٿاني ٻولين جو آهي. ڍاٽڪي ٻولي گجراتيءَ کي گهڻو ويجهي آهي، مثلاً: گجراتيءَ ۾ چون ”هُون جائُون ڇُون“ يعني آءٌ وڃان ٿو، ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ چون ”هُون جائون تو“. اهو ”تو“ نج سنڌي لفظ ”ڻو“ آهي، جنهن مان ”هه“ جو اچار ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنهنڪي ”ئو“ بدران ”تو“ چون ٿا. شاهه جي رسالي جو سر ڍول مارئي، جو راجپوتانا جي ڍول ۽ مارئي جي قصي تي ٻڌل آهي، سو ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. انهيءَ سر جو پهريون بيت هيءُ آهي:


”اُتر واءَ کوندي پهلي موسم مينهن،

ٻــالاپــڻ رونيهن، والا جم وساريين“.

”جم وساريين“معنا متان وسارين. اهي ٻيئي لاڙ جا لفظ آهن.اهڙيءَ طرح ڍاٽڪيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌي لفظ آهن.

سنڌيءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڍاٽڪي لفظ گهڻا ڪينهن، جو ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ، سنڌ ۾ گهڻو ٽڙي پکڙجي نه ويا آهن. عمر مارئيءَ جي قصي مشهور هئڻ سبب سنڌيءَ ۾ رڳو ”مارُو“ لفظ عام ٿيو آهي جو ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنا اٿس ’ٿري مالدار‘، جي مال جي چاري سانگي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي گذارين ٿا. ”مارئي“ پڻ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ۽ معنا اٿس ’مارُو لوڪن جي نياڻي‘ (Maaroo lokan jee niyaanni).


”تون لنگهائين’لطيف‘چئي ٿرن جا ٿوري“. (شاهه)

”ٿوري“ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ اصل معنيٰ اٿس ”شڪاري“؛ پر عام طرح ٿر ۾ ڀيلن کي ”نوري“ سڏيندا آهن ۽ اهي اڇوتن جي دفعي ۾ ليکبا آهن. ”ٿوريءَ“ جو مونث سنڌيءَ ۾ آهي ”نورياڻي“.


”مـــاڙهُـــــو چـــونــــم مـــي، آءٌ هـــيــريــاڻــي آهـيان،

مُون ور سرتيون سي، جي ٿورياڻيون ٿرن جون“.(شاهه)


هيءُ بيت مسڪينيءَ جي باب ۾ آهي. ڄام تماچيءَ جي راڻي نُوري، ذات جي گندري(مهاڻي)، چوي ٿي ته ماڻهو مون کي مهاڻي چون ٿا، پر مان شڪارڻ آهيان ۽ ٿر جون ڀيلڻون مون کان وڌيڪ آهن. ٿر ۾ ”ٽوڀو“ معنيٰ ننڍڙو تلاءُ. اهو ڍاٽڪو لفظ رڳو ٿر ۾ عام آهي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ