رضوان گل
رضوان گل Rizwan Gul | |
|---|---|
| ڄمڻ | آغا رضوان الحق October 14, 1977 لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| پيشو | ڪھاڻيڪار شاعر، مضمون نگار |
| ٻولي | سنڌي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. ايس سي جاگرافي |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽي |
| موضوع | شاعري، ڪھاڻي، مضمون نگاري |
| نمايان ڪم | پيار جي پهرين بارش سپنن جو انت |
| نمايان انعام | تنوير عباسي اوارڊ |
رضوان گل (انگريزي: Rizwan Gul) سنڌي ٻولي جو شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]رضوان گل جو اصل نالو رضوان الحق ولد بشير احمد پٺاڻ آهي. هيءُ 4 آڪٽوبر 1977ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.[2]
تعليم
[سنواريو]رضوان گل شروعاتي تعليم توڙي سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم لاڙڪاڻو ۾ حاصل ڪئي. هن ايم ايس سي جاگرافي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان2000ع ۾ حاصل ڪئي.[2]
علمي ۽ ادبي خدمتون
[سنواريو]رضوان گل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 2001ع کا ليڪچرار طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 92-1991ع کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي. سندس شاعري، ڪهاڻيون[3] ۽ مضمون مختلف معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو آهي.رضوان گل سنڌيڪاري ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ اردو منجهان ڪهاڻيون ۽ نثر به ترجمو ڪيو آهي.[2]
ڪتاب
[سنواريو]رضوان گل جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن پر ذڪر لائق هيٺ ڏجن ٿا.[2][4]
- پنج ڏينهن، ترجمو 2005ع
- ساهت ڏيھ جا سرجڻهار، 2010ع
- ڏات ڏئا ٻاريا، 2010ع(گڏيل شاعري جو ڪتاب)
- پيار جي پهرين بارش، 2012ع
- سپنن جو انت، ڪهاڻيون
- جاگرافي جي سنڌي انگريزي لغت
- لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾
- لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ
اوارڊ
[سنواريو]رضوان گل کي ادبي خدمتن جي صلي ۾ اوارڊ ۽ مڃتا ڪافي سرٽيفيڪيٽ مليا آهن.کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران 2002ع ۾ بهترين مقالا نگار اوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو پاران تنوير عباسي اوارڊ. سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر پاران بهترين ڪهاڻيڪار طور سرٽيفيڪيٽ مليل آهن.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سپنن جو انت. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16656&BookTitle=Sapnan-Jo-Ant. Retrieved 2019-10-10. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-10-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- 1 2 3 4 5 "رضوان گل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2019-10-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ سپنن جو انت. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16656&BookTitle=Sapnan-Jo-Ant. Retrieved 2019-10-10. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-10-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "رضوان گل | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (انگريزي ۾). 2019-10-10 تي حاصل ڪيل.