رضوان گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رضوان گل
Rizwan Gul

رضوان گل
پيدائش آغا رضوان الحق
آڪٽوبر 1977 (عمر 46 سال)
لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو ڪھاڻيڪار شاعر، مضمون نگار
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. ايس سي جاگرافي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
موضوع شاعري، ڪھاڻي، مضمون نگاري
مُکيه ڪم پيار جي پهرين بارش
سپنن جو انت
ايوارڊ تنوير عباسي اوارڊ

رضوان گل (انگريزي: Rizwan Gul) سنڌي ٻولي جو شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

رضوان گل جو اصل نالو رضوان الحق ولد بشير احمد پٺاڻ آهي. هيءُ 4 آڪٽوبر 1977ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.[2]

تعليم[سنواريو]

رضوان گل شروعاتي تعليم توڙي سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح تائين تعليم لاڙڪاڻو ۾ حاصل ڪئي. هن ايم ايس سي جاگرافي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان2000ع ۾ حاصل ڪئي.[2]

علمي ۽ ادبي خدمتون[سنواريو]

رضوان گل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 2001ع کا ليڪچرار طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 92-1991ع کان ڪئي. سندس ادبي رهنمائي سندس والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي. سندس شاعري، ڪهاڻيون[3] ۽ مضمون مختلف معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو آهي.رضوان گل سنڌيڪاري ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ اردو منجهان ڪهاڻيون ۽ نثر به ترجمو ڪيو آهي.[2]

ڪتاب[سنواريو]

رضوان گل جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن پر ذڪر لائق هيٺ ڏجن ٿا.[2][4]

  • پنج ڏينهن، ترجمو 2005ع
  • ساهت ڏيھ جا سرجڻهار، 2010ع
  • ڏات ڏئا ٻاريا، 2010ع(گڏيل شاعري جو ڪتاب)
  • پيار جي پهرين بارش، 2012ع
  • سپنن جو انت، ڪهاڻيون
  • جاگرافي جي سنڌي انگريزي لغت
  • لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾
  • لاڙڪاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

اوارڊ[سنواريو]

رضوان گل کي ادبي خدمتن جي صلي ۾ اوارڊ ۽ مڃتا ڪافي سرٽيفيڪيٽ مليا آهن.کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران 2002ع ۾ بهترين مقالا نگار اوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو پاران تنوير عباسي اوارڊ. سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر پاران بهترين ڪهاڻيڪار طور سرٽيفيڪيٽ مليل آهن.[2]

حوالا[سنواريو]