بشير احمد شاد
ڊاڪٽر بشير احمد شاد Dr.Bashir Ahmed Shad | |
|---|---|
| ڄمڻ | آغا بشير احمد 01 اپريل 1943 (عمر 82–83 سال) شڪارپور، شڪارپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
| پيشو | محقق، شاعر، پروفیسر |
| ٻولي | سنڌي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي سنڌي ادب، پي. ايڇ ڊي |
| مادرِ علم | سنڌ يونيورسٽي |
| موضوع | شاعري، تحقيق، تنقيد |
| نمايان ڪم | اوجاڳو اکڙين پيهي منجھ پاتال |
| نمايان انعام | شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ |
ڊاڪٽر بشير احمد شاد (انگريزي: Dr Bashir Ahmed Shad) سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو شاعر، محقق ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.[1][2]
زندگي جو احوال
[سنواريو]ڊاڪٽر پروفيسر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع ۾سنڌ جي شڪارپور ضلعي جي شھر شڪارپور ۾ آغا در محمد پٺاڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[3][2]
تعليم
[سنواريو]ڊاڪٽر پروفيسر شاد ابتدائي، سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح جي تعليم شڪارپور شهر ۾ حاصل ڪئي. ايم اي سنڌي ادب جي سند سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته هن مولانا ثناءُﷲ ثنائي جي شاعري جو تنقيدي جائزو جي عنوان سان 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي.[3]
علمي ۽ ادبي خدمتون
[سنواريو]ڊاڪٽر بشير احمد شاد ليڪچرار طور ملامت اختيار ڪئي. اول ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ مقرر ٿيو ۽ پوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ بدلي ٿي آيو ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏيندي 2002ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرڊ ٿيو. ڊاڪٽر شاد اسڪول ۾ پڙهائي واري ڏينهن ۾ 1958ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس شاعري ۽ مقالا ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ٿيڻ پيا.[3]
ڪتاب
[سنواريو]ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا 13 ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ قابل ذڪر هيٺ ڏجن ٿا:[3][4]
- امام شامل، تاريخ، 1976ع
- اوجاڳو اکڙين، شاعري، 1986ع
- پيهي منجھ پاتال، لطيفيات، 1992ع
- لاڙڪاڻو صدين کان، مرتب، 1995ع
- اسلامي تاريخ جون نامور عورتون، 1995ع
- ڀلارو ڀٽ جو گهوٽ، 1997ع
- ڀلارو ڀٽ ڌڻي، 1999ع
- شاھ لطيف هر دور جو شاعر، 2008ع
- سنڌي ٻولي جون حسناڪيون[5]
انعام
[سنواريو]ڊاڪٽر پروفيسر شاد کي علمي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور اوارڊ مليا آهن.انهن ۾ شاھ لطيف اوارڊ 1980ع، پبلڪ اسڪول سکر پاران شاھ لطيف اوارڊ 1986ع، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو پاران شاھ لطيف اوارڊ 1989ع، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو پاران بيسٽ اسپيڪر اوارڊ 1997ع، نئين زندگي پبليڪيشن پاران مولانا عبدالواحد اوارڊ 1999ع، فيض اڪيڊمي پاران، فيض بخشاپور اوارڊ 1999ع، ڪلهوڙا عباسي تنظيم پاران ميان شاهل محمد اوارڊ 2000ع قابل ذڪر آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Research journal published". Business Recorder (in آمريڪي انگريزي). 2016-04-12. Retrieved 2019-10-10.
- 1 2 "ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (رضوان گل) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (in انگريزي). Retrieved 2019-10-11.
- 1 2 3 4 5 "بشير احمد شاد ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2019-10-10.
- ↑ "Books Written by Bashir Ahmad Shad – Punjnud.com". www.punjnud.com. Retrieved 2019-10-10.
- ↑ "ڊاڪٽر بشير احمد شاد | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com (in انگريزي). Retrieved 2019-10-10.