قاضي فيض محمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قاضي فيض محمد جو جنم 1908ع ۾ ٿيو 74 سالن جي سرگرم حياتي گهاري هي ٻاجهارو انسان 1982ع ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو. قاضي فيض محمد گهڻي رخي شخصيت آهي هڪ طرف هو سياستدان آهي ته ٻئي طرف هڪ ليکڪ آهي، اهڙي طرح هو هڪ فنڪار به آهي. سندس اباڻو شهر نوابشاهه آهي جتي سندس زندگيءَ جا لاها چاڙها گذريا. چيو وڃي ٿو ته قاضي صاحب جي زندگي ان وقت ڦيرو کاڌو جڏهن وٽس ڏوڪڙ اچڻ شروع ٿيا، ان وقت پاڻ وڪالت شروع ڪئي هئائين ۽ نوابشاهه جا سمورا هندو وڪيل هجرت ڪري انڊيا وڃي چڪا هئا.

قاضي فيض محمد جا اڪيچار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن سندس آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”منهنجو سفر“ انهن مان هڪ اهم ڪتاب آهي ۽ ان دور جي تاريخ جو هڪ اهم باب پڻ. ڪتاب جي ديباچي ۾ قاضي فيض محمد لکي ٿو، ”علامه آءِ آءِ قاضي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين بزرگن لاءِ سنڌ جي نوجوان کي هميشه احترام هئڻ گهرجي. مگر ساڳي وقت جيڪي ڪجهه هنن بزرگن چيو آهي اهو الهام ناهي...“

قاضي فيض محمد اهو ڪتاب 1975ع ۾ لکي پورو ڪيو. پر اهو ڪتاب ڪيترن سالن تائين ڇپجي نه سگهيو، نيٺ سندس پٽ جاويد قاضيءَ جي ڪوششن سان اهو اهم ترين ڪتاب ڇپجي سنڌ جي پڙهندڙن تائين پهتو.

وڏيرن جي ڪردار بابت قاضي صاحب ڪتاب ۾ لکي ٿو، ”اڳي وڏو پاڪستان هو ته به وڏيرا سڀ گڏ هئا، هاڻوڪي پاڪستان ۾ به گڏ ۽ قائداعظم جي مسلم ليگ ۾ به گڏ هوا. اسڪندر مرزا جي ريپليڪن پارٽيءَ ۾ به گڏ هوا، مارشل ايوب جي مسلم ليگ ۾ به گڏ هوا، قائد عوام جي پيپلز پارٽيءَ ۾ به گڏ، خدا خير ڪري جي قائد اعوام تخت تان لهي پوي. هي سڀئي ٻئي حاڪم جي پارٽي ۾ داخل ٿي ويندا ۽ گوڏيون ٻڌي سندرا ٺاهي ساڳي قائد اعوام کي گاريون شروع ڪري ڏيندا.“

قاضي صاحب جا ناول ”جنسار“ ۽ ”اڻ ڄاڻ“ تمام گهڻي اهميت وارا ليکي سگهجن ٿا. ٻنهي ناولن ۾ آرٽ سان گڏ فلسفي کي پڻ نمايان اهميت ڏني وئي آهي.

سندس پٽ جاويد قاضي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو، ”هو سائنس جو طالب هو، رياضيات، فلسفو ۽ فزڪس هن جا سبجيڪٽ ها.“

قاضي صاحب جو ٻالڪپڻ غربت ۾ گذريو، وٽس پڙهائي جاري رکڻ جيترو پيسو به نه هو. تڏهن سندس پڙهائي اڌ ۾ رڪجي وڃي ٿي ۽ هو درزڪي ڪم تي لڳي وڃي ٿو. ان وقت هڪ همدرد جنهن کي قاضي صاحب پيءُ جو درجو ڏئي ٿو، هن کي درزڪي ڪم تان اٿاري اسڪول ٿو ڇڏي اچي. سندس زندگي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن سان ڀري پيئي آهي. قاضي صاحب وستي وستي ووڙيندڙ ۽ فقير طبيعت انسان هو. هڪ ڀيري مايوسين جي انتها طاري ٿيڻ بعد گهر کان نڪري سڌو ٿر ٿو پهچي ۽ اتان کان غير قانوني طور ڀارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڀارتي عملدار کيس گرفتار ڪن ٿا پر سندس عمر ۽ انداز ڏسي مٿي ڳالهائين ٿا ته شيخ مجيب الرحمان جو مهمان پاڪستان کان بارڊر ٽپي آيو آهي، تڏهن کيس سرڪاري مهمان طور انڊيا ۾ رهايو وڃي ٿو، اهڙي طرح هو انڊيا مان بنگلاديش وڃي ٿو پر اندر جي آنڌ مانڌ کي ڪٿي به شانتي نصيب ڪانه ٿي ٿئي.

قاضي فيض محمد سياست ۾ عوامي ليگ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پارٽين ۾ سنڌ جي حقيقي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. سندس نالو سنڌ جي انهن سڄڻن ۾ هميشه ياد رکيو ويندو جن بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي ماترڀوميءَ لاءِ پنهنجي ذاتي خواهشن کي هميشه لاءِ پاسيرو ڪري ڇڏيو. اڄ اسان سنڌين وٽ سندس لکيل ڪتاب ئي وڏو سرمايو آهن، جن ۾ سنڌ جي ان دور جي ڪٿا بيان ڪيل آهي جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ وري پاڪستان مان بنگلاديش آزاد ٿيو.

هتي بحث ڪرڻ درڪار نه آهي پر قاضي فيض محمد سنڌ جي مسئلن کي پاڪستان ۾ ويهي حل ڪرڻ جو قائل هو. هن واضع طور ”سنڌوديش“ جي نظريي جي مخالفت ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان هڪ خاص نڪته نظر ”ٻه قومي نظريه“ تحت وجود ۾ آيو. يعني هڪ طرف هندو ٻئي طرف مسلمان، پر جڏهن بنگلاديش وجود ۾ آيو تڏهن مسلمانن کان مسلمانن آزادي حاصل ڪئي ۽ اهو به لکين ماڻهو مارجڻ کان پوءِ، حاصل مطلب ته 1971ع ۾ ئي نظريه پاڪستان جو موت واقع ٿي چڪو هو، هاڻ وارو پاڪستان هڪ جبري الحاق آهي جنهن ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پختون پنجاب جون بيٺڪون آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قاضي صاحب سنڌ جو ڀلو چاهيندڙ هو، ۽ ان لاءِ عملي طور پڻ زندگي ارپي ڇڏيائين. سندس ئي چوڻ آهي ته اسان کي بزرگن جو احترام ڪرڻ گهرجي پر انهن جون چيل ڳالهيون ”الهام“ نه آهن.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب: ”منهنجو سفر“ ليکڪ قاضي فيض محمد