اوھان جي پڄاڻان
ڏيک
| ليکڪ | رسول بخش پليجو |
|---|---|
| ترجميڪار | رسول بخش پليجو |
| ملڪ | پاڪستان |
| ٻولي | سنڌي |
| موضوع | شاعري |
| ڇاپيندڙ | سنڌي ساهت گهر پهريون ڇاپو |
| ڇپائي تاريخ | 1991 |
| ذريعي جو قسم | ڪتاب |
| پنا | 160 |
هيءُ ڪتاب مشهور سياستدان ۽ قلمڪار رسول بخش پليجي جي شاعريءَ جي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد جي مالڪ ناز سنائيءَ 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پهرئين ڇاپي جي قيمت 40 رپيا ۽ ٻئي ڇاپي جي قيمت 100 روپيا آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار خاتون نور الهديٰ شاهه لکيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”پليجي صاحب جا هي ترجما ۽ سندس پنهنجا ڪجهه نظم ذهن جي سوڪهڙي تي -برسات- جي شروعاتي بوندن جيان ڪرن ٿا“.
هن ڪتاب ۾ پليجي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۽ پشتو ٽپن جي ترجمن سان گڏ عربي شاعري، جپاني شاعري، فارسي شاعريءَ جا ترجما خاص ڪري روميءَ، حافظ ۽ خيام جا ترجما شامل ڪيا آهن. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "اوهان جي پڄاڻان". encyclopediasindhiana.org. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. 7 June 2018 تي حاصل ڪيل.