مارڪسي فلسفو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪارل مارڪس جي 1875ع ۾ نڪتل تصوير


مارڪسي فلسفو يا مارڪسزم (Marxism) ماديت پسند فلسفي جي سائنسي شڪل آهي. هي فلسفو سادو ۽ پورهيتن جي حقن جو فلسفو آهي. مارڪس چوي ٿو تہ اهو چوڻ غلط آهي تہ ماده جي حيثيت اول ۽ روح يا شعور جي حيثيت ثانوي آهي. هن جي راءِ آهي تہ مادو اصل آهي، شعور ۽ روح مادي جي ئي پيدائش آهن. مارڪسي فلسفو، هڪ انقلابي نظريو آهي، جنهن مطابق هر ڪا شيءِ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ اها تبديلي ترقيءَ ڏانهن وڃي ٿي.[1] ڪارل مارڪس(1883ء-1818ء) ۽ سندس ساٿي فريڊرڪ اينگلز جي مرتب ڪيل نظرين جي مجموعي کي مارڪسزم سڏيندا آهن[2]. اھو سائنسي علمن وانگر سماج جي ارتقا جو علم آهي جنھن مطابق سرمائيداري واري سماج جو خاتمو اڻٽر آھي جنھن جي جڳھ ڪميونسٽ سماج وٺندو ۽ ان تبديلي جو ذريعو سوشلزم آھي. مارڪسزم جا قائدا سماجي ارتقا جي دريافت آھن جيڪي ڪنھن جي خواھش سان تبديل نہ ٿا ٿي سگھن[3]. مارڪس 5 مارچ 1822ع ۾ پنھجي دوست ويدميئر کي کليل ھڪ خط ۾ لکيو آهي ته: “جدید معاشري ۾ طبقن وچ ۾ ڪشمڪش جي موجودگي جو سھرو ان جي مٿان ناھي پر ان کان اڳ سرمائيداري وارن تاريخدانن ان طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخي ارتقا کي ۽ سرمائيداري جي معاشياتدانن طبقاتي معيشت کي تفصيل سان بيان ڪري چڪا ھيا [4]. ھن نئين ڳالھ اھا ڪئي ھئي تہ:

  • طبقن جو وجود پيداوار جي ترقي ۾ مخصوص تاريخي مرحلي سان مشروط آهي.
  • طبقاتي جدوجھد لازمي طور تي پرولتاري آمريت يا مزدورن جي آمريت ڏانھن وٺي وڃي ٿي.
  • پرولتاري آمريت بذات خود طبقن جي خاتمي ۽ غير طبقاتي سماج ڏي منتقلي تي مشتمل آهي.

مارڪسزم جي فلسفي جي بنياد تي ڪميونسٽ ميني فيسٽو لکيو ويو جنھن جو نعرو ھيو تہ: "دنيا جا مزدورو متحد ٿي وڃو!" [5] ڪارل مارڪس مطابق سرمائيداراڻي نظام اندر اھا خامي موجود آهي ته اھو مسلسل وڏي پيماني تي لاھا چاڙھا پيدا ڪندو آهي ۽ آخرڪار پاڻ کي پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيندو. اھو ھڪ غير مستحڪم ترين نظام آھي. غلامي وارو نظام ۽ جاگيرداراڻو نظام سماج ۾ کوڙ صدين تائين قائم رھيا پر اُنھن جي ڀيٽ ۾ سرمائيداراڻو نظام جنھن چيز کي ڇھندو آھي ان کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. ان نظام ۾ نہ رڳو برانڊ تيزي سان تبديل ٿيندا آهن پر ڪمپنيون ۽ صنعتون پڻ تخليقي عمل جي نتيجي سان ٺھنديون ۽ ختم ٿينديون آهن. ان سان گڏوگڏ انساني رشتا پڻ ختم ٿي نئين روپ ۾ ٻيھر جڙندا آهن. مارڪس کي يقين ھو ته ھڪ عوامي انقلاب ضرور ايندو جنھن ذريعي ڪميونسٽ سماج قائم ٿيندو جيڪو وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ۽ وڌيڪ انسان دوست نظام ھوندو[6]. مارڪسزم وارو فلسفو جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي نظرين تي مشتمل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "The Struggle". The Struggle. وقت 26 دسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27/08/2018.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-06-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-09-09 
  4. Marx, Karl. " Marx to J. Weydemeyer in New York",Marxist Internet Archieve, March 5, 1852 . Retrieved on 30 August 2018.
  5. https://www.mukaalma.com/14027
  6. https://www.bbc.com/urdu/mobile/world/2011/09/110904_marx_capitalism_ha.shtml