مواد ڏانھن هلو

انڌا اونڌا ويڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انڌا اونڌا ويڄ
ليکڪرسول بخش پليجو
ملڪپاڪستان
ٻوليسنڌي
موضوعتنقيدي ادب
ڇاپيندڙاينسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد
روشني پبليڪشن
پنا160


هيءُ ڪتاب نامياري نقاد رسول بخش پليجي جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي.

ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ابن حيات پنهور ڇپرايا. [1]

هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي. هن ڪتاب ۾ 160 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، اينسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد سال 1967ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ پڌرا ٿيا آهن.

ڪتاب جو نالو

[سنواريو]

ڪتاب جو نالو، شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي سر ڪلياڻ جي سٽ ”اَنڌا اونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙئا کانئيِن؟“ مان کنيل آهي.[2]

ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، نام نهاد رجعت پرست ٽولي بابت آھي. جنهن ٽولي سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي هٿ ٺوڪيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون هيون. [3]

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌيانا, انسائيڪلوپيڊيا. "انڌا اونڌا ويڄ". encyclopediasindhiana.org. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. 7 June 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. "سُر ڪلياڻ". bhurgri.com. 7 June 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. منگي, عرفان. "سنڌ کي رسول بخش پليجي جو جنم ڏينهن مبارڪ". awamiawaz.com. عوامي آواز. 7 June 2018 تي حاصل ڪيل.