دوحہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دوحہ يا دوحا (عربي: الدوحة، انگريزي: Doha) قطر جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي آباديءَ جي لحاظ کان قطر جو وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2018ع وارن انگن اکرن مطابق ھن جي آبادي 2,382,000 آھي[1]. ھي شھر ايراني نار (Persian Gulf) جي ساحل تي آباد آھي. قطر جا اٽڪل %80 ماڻھو ھن شھر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ رھن ٿا[2]. ھي ملڪ جو سياسي ۽ معاشي مرڪز آھي.

دوحہ 1820ع واري ڏھاڪي ۾ قطر جي پراڻي شھر البدع جي ڀر ۾ آباد ڪيو ويو. 1971ع ۾ قطر جڏھن انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ٿيو تہ دوحہ کي نئين آزاد ٿيل ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو[3]. عالمگيريت ۽ دنيا جي شھرن جي کوجنا ڪرڻ واري تنظيم (Globalization and World Cities Research Network) ھن شھر کي بيٽا عالمي شھر (Beta Global City) قرار ڏنو آھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي بين الاقوامي راندين جا مقابلا منعقد ٿي چڪا آھن جن ۾ 2006ع واريون ايشيائي رانديون، 2011ع واريون پان عرب رانديون ۽ 2011ع وارا ايشيائي فوٽ بال جا مقابلا شامل آھن. 2022ع وارو فوٽ بال جو ورلڊ ڪپ بہ ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿيندو.

نالي جو بنياد[سنواريو]

دوحہ عربي لفظ الدوحة مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”گولائي“. ھن شھر جي ساحلي پٽيءَ تي گول شڪل جا اپٻيٽ (Bays) آھن ان ڪري ھن شھر تي اھو نالو پيو.

تاريخ[سنواريو]

ھاڻوڪي دوحہ شھر جي اتر اولھ ۾ البدع نالي ھڪ ننڍو شھر آباد ھو. انھيءَ ننڍڙي شھر جا ماڻھو مڇي ماري پنھنجو پيٽ پاليندا ھئا. اھو ننڍڙو شھر سوڊان قبيلي جي ماڻھن آباد ڪيو ھو جيڪي ابو ظھبيءَ کان ھجرت ڪري ھتي اچي آباد ٿيا ھئا. اھو بہ چيو وڃي ٿو تہ ھتان جا ڪجهه رھواسي علائقي مان گزرندڙ ٻيڙن ۽ سامونڊي جھازن مان ڦر لٽ ڪندا ھئا. 1867ع ۾ قطر ۽ بحرين جي وچ ۾ جنگ لڳي جنھن ۾ ھي شھر تباھ ۽ برباد ٿي ويو ھو. انھيءَ واقعي کان ھڪ سال پوءِ برطانوي حڪومت جي مدد سان محمد ابن ثاني الثاني اقتدار جي مسند تي ويٺو. ھن ايراني نار ۾ ڦر لٽ ڪندڙ ڏوھاري ماڻھن کي گھڻي حد تائين ختم ڪري ڇڏيو. 1871ع ۾ عثماني سلطنت جي بادشاھن ھتي پنھنجي ھڪ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ھئي[4]. 1916ع ۾ قطر انگريزن جي ڊگھي غلاميءَ ھيٺ اچي ويو[5] ۽ 1971ع ۾ غلاميءَ جي پنجوڙن مان آزادي ماڻي سگھيو. ساڳئي ئي سال دوحہ کي آزاد قطر جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو[3]. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ قطر مان تيل جا وڏا ذخيرا ھٿ آيا جنھن ڪري ھي ملڪ دنيا جي امير ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. آزادي ماڻڻ کان پوءِ ھن شھر ترقيءَ جون تکيون وکون کنيون آھن. 1973ع ۾ قطر يونيورسٽي قائم ٿي. 1975ع ۾ قطر جي قومي عجائب گھر جو افتتاح ٿيو. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ شھر جي پراڻين آبادين کي مسمار ڪري نيون وسنديون قائم ڪيون ويون. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي شاندار ھوٽلون قائم ڪيون ويون. 1993ع کان وٺي ھتي ٽينس جا بين الاقوامي مقابلا منعقد ڪيا وڃن ٿا. 1996ع ۾ جڳ مشھور الجزيرہ ٽيليويزن سينٽر قائم ڪيو ويو جيڪو ھن وقت عرب دنيا جو ھڪ ساک وارو خبرن جو چينل آھي. 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي تعليمي ادارن جو ڄار پکيڙڻ لاءِ ايڊيوڪيشن سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ٿيو. ھن ايڊيوڪيشن سٽي جي پکيڙ 2500 ھيڪٽرن کان بہ وڌيڪ آھي[6]. 2004ع ۾ پرل قطر جي نالي سان ھتي ھڪ ھٿرادو اپٻيٽ قائم ڪيو ويو آھي. 2006ع ۾ ھن شھر کي ايشيائي راندين جي ميزبانيءَ جو اعزاز مليو. اھي رانديون منعقد ڪرائڻ لاءِ ھتي 250 ھيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ھڪ عظيم الشان اسپورٽس ڪامپليڪس تعمير ڪيو ويو. 2006ع ۾ ھن شھر جي مشھور ”سوق واقف“ بازار جي تاريخي ۽ تعميراتي سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو. 2010ع ۾ ھتي قطارہ ثقافتي ڳوٺ (Qatara Cultural Village) کوليو ويو جنھن ۾ ھر سال فلمي ميلو لڳايو وڃي ٿو.

جاگرافي[سنواريو]

دوحہ قطر جي مرڪزي اوڀر واري علائقي ۾ ايراني نار جي ساحل تي آباد آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 10 ميٽر (33 فوٽ) آھي. ھن جي ساحلي پٽيءَ جي ڊيگھ 30 ڪلوميٽر آھي[7]. 400 ھيڪٽر سامونڊي زمين کي پڻ رھائش جي لائق بنايو ويو آھي. حماد بين الاقوامي ھوائي اڏي جي 22 چورس ڪلوميٽر جي اڌ ايراضي سمنڊ جو حصو ھئي جنھن ۾ مٽي ڀري خشڪيءَ جو حصو بنايو ويو آھي.

دوحہ ۾ پرل (موتي) نالي سان ھڪ ھٿرادو ٻيٽ ٺاھيو ويو آھي جنھن جي پکيڙ 1000 ايڪڙ آھي. شھر ۽ آسپاس ۾ ٻيا بہ ڪجهه ٻيٽ آھن. 2010ع ۾ ڪيل ھڪ سروي مطابق ھتان جي ساحل وٽ پاڻيءَ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي 7.5 ميٽر ۽ گھٽ ۾ گھٽ اونھائي 2 ميٽر آھي. ھتان جي پاڻيءِ جي پي ايڇ (ph) 7.83 ۽ لوڻياٺ (Salinity) 49 پي ايس يو آھي. ھتان جي پاڻيءَ جو سراسري گرميءَ جو درجو 22.70C آھي ۽ ڳريل آڪسيجن جو مقدار 5.5 ملي گرام في لٽر آھي.

دوحہ جا رھواسي ۽ سندن ٻوليون[سنواريو]

دوحہ ۾ ٻاھرين ملڪن کان روزگار سانگي آيل ماڻھن جو وڏو تعداد موجود آھي ۽ پرڏيھي ماڻھو تعداد ۾ ھتان جي اصلوڪن رھواسين کان وڌيڪ آھن. ھتي پاڪستان، ھندستان، سريلنڪا، نيپال، فلپائين ۽ بنگلاديش جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ ڪم ڪن ٿا. ان کان علاوہ شام، جبوتي، صوماليہ، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو بہ نوڪريءَ ۽ مزدوريءَ جي سلسلي ۾ ھن شھر ۾ آباد آھن. اتر آمريڪا، يورپ، ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جا بہ ڪافي ماڻھو ھتي نوڪري ڪن ٿا. عربي ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ عربيءَ کان پوءِ انگريزي ھتان جي ٻيو نمبر ٻولي آھي. ملايلم، تامل، بنگالي، اسپيني، سنھالي، فرانسيسي، اردو، سنڌي ۽ ھندي ٻوليون بہ ڳالھايون وڃن ٿيون[8]. 2004ع ۾ ھڪ قانون پاس ٿيو جنھن تحت پرڏيھين کي بہ دوحہ جي ڪجهه علائقن ۾ گھر ٺاھڻ ۽ ملڪيت وٺڻ جي اجازت ڏني وئي. آباديءَ جي اڪثريت جو مذھب اسلام آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Doha municipality accounts for 40% of Qatar population". Gulf-Times (ٻولي ۾ Arabic). حاصل ڪيل 2022-03-18. 
  2. Group, Oxford Business (2016-01-25) (en ۾). The Report: Qatar 2016. Oxford Business Group. ISBN 978-1-910068-63-2. https://books.google.com/books?id=twdRDwAAQBAJ&pg=PA17#v=onepage&q&f=false. 
  3. 3.0 3.1 "Doha, national capital, Qatar, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-18. 
  4. Kurşun, Zekeriya (2002). The Ottomans in Qatar : a history of Anglo-Ottoman conflicts in the Persian Gulf. Istanbul: Isis Press. ISBN 975-428-213-7. OCLC 51722532. https://www.worldcat.org/oclc/51722532. 
  5. https://originsofdoha.files.wordpress.com/2015/03/a-history-of-doha-and-bidda1.pdf
  6. Salama, Ashraf M.; Wiedmann, Florian; Thierstein, Alain (2012). "People and the city: Unveiling the lived urban environment of Doha". Qatar Foundation Annual Research Forum Volume 2012 Issue 1 (Hamad bin Khalifa University Press (HBKU Press)). doi:10.5339/qfarf.2012.ahp36. http://dx.doi.org/10.5339/qfarf.2012.ahp36. 
  7. New Land by the Sea: Economically and SociallynLand Reclamation Pays (pdf). International Association of Dredging Companies. p.4. Archived from the orifinal (pdf). Retrieved 19 March 2022
  8. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-03-20