البرٽ ڪامو
البرٽ ڪامو | |
---|---|
(فرانسيسي ۾: Albert Camus) | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 7 نومبر 1913[1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13][14][15][16] |
موت | 4 جنوري 1960 (47 سال)[1][17][2][3][4][5][6][7][8][9][10][18][19][20][21][22][23][11][12][13][24][14][15][16] |
رهائش | فرانس |
شھريت | ![]() |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ[26]،فلسفي[26]،صحافي[26]،شاعر |
مادري ٻولي | فرانسيسي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | فرانسيسي ٻولي[2] |
مؤثر | ڪيئر ڪيڪارڊ |
عسڪري خدمتون | |
لڙائيون ۽ جنگيون | ٻين مھاڀاري جنگ |
اعزازات | |
دستخط | |
![]() | |
ويب سائٽ | |
![]() | IMDB تي صفحو |
ترميم ![]() |
البرٽ ڪامئو (Albert Camus) فرانس جو مشهور ناول نگار هو، البرٽ الجزائر ۾ 1913ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جا والدين اسپينش هئا. سندس پرورش اتر آفريڪا ۾ ٿي ۽ هن ڪيترون ئي نوڪريون ڪيون. تنهن کان پوءِ هو فرانس جي راڄڌانيءَ ۾ آيو ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ هن ”ڌاريو“ (out sider) ناول لکي، مڃتا ماڻي. هو جرمن والار خلاف مزاحمتي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ”لڙائي“ اخبار (جيڪا لک ڇپ ۾ نڪرندي هئي) جو ايڊيٽر هو. جنگ جي خاتمي کان اڳ ۾ هن هڪ ناٽڪ ڪَئلي گلا (رومن شهنشاهه) 1939ع ۾ لکيو ۽ جنگ دوران ناول ”اجنبي“، ”ٻاهريون ماڻهو“ ۽ ڪجهه دانشوراڻا مضمون ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ جي نالي سان لکيا. ان کان پوءِ هن سياست ترڪ ڪري ڇڏي ۽ سڄو وقت صحافت کي ڏيڻ لڳو ۽ هن کي بين الاقوامي مڃتا ناول ”پليگ“ ۽ ڪتاب ”باغي“، ”بغاوت، مزاحمت ۽ موت“ ۽ ڊراما ”قابوءَ سبب ملي. هن کي جنوري 1957ع ۾ کيس نوبل پرائيز به مليو. فرانس ۾ جيڪي وڏا اديب ٿيا آهن، تن ۾ آندري مالرو، (جيڪو ڊيگال جو ڪلچر منسٽر به هو ۽ جنهن اسپين جي جنگ آزادي ۾ هيمنگوي ۽ ٻين سان گڏ انٽرنيشنل برگيڊ ۾ حصو ورتو هو، وجوديت جي فلسفي تي ڪيترا ڪتاب لکندڙ ناول نويس سارتر، هن جي محبوبا سميون دي بيوار ۽ ڪامئو اچي وڃن ٿا. ڪامئو جو مشهور ناول ”پليگ“ فرانس جي باري ۾ هڪ تشبيهه هئي. ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ واري مضمون ۾ ڪامؤ ڏيکاريو آهي ته هن ڪائنات ۾ خوشي تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿي، جڏهن انسان هڪ ڀيرو اهو مڃي ته زندگيءَ کي ٻي معنيٰ نه آهي سواءِ ان جي ، جا هو ان کي ڏئي ٿو. ڪامئو ڪنهن هنڌ سارتر جي وجوديت کي به مڃيندو نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وجوديت تي تنقيد ڪندي لکيو هو ته ”اها انهيءَ مابعدالطبيعياتي سمجھاڻيءَ جي جاءِ والاري ٿي، جيڪا هوءَ الٽ پلٽ ڪري چڪي آهي.“ ڪامو ۽ سارتر سياسي اختلاف به ڪافي رکندا هئا، ڇو ته ڪاموءَ هڪ مضمون ۾ لکيو ته: ”سياسي ۽ سماجي ترقي ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندي ۽ مڪمل انقلاب سان نه ٿيندي، جيئن سارتر ۽ مارڪسٽ چوندا هئا.“ ڪاموءَ جي ناولن ۾ انسان ذات ۾ اعتبار واضح آهي. ڪامئو 1960ع ۾ رستي تي ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ناول “Outsider” جو ترجمو نامور سنڌي اديب ولي رام ولڀ ”ڌاريو“ عنوان هيٺ ڪيو آهي، جيڪو روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپجي چڪو آهي.[29]
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 اجازت نامو: CC0
- ↑ 2.0 2.1 2.2 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb118949856 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ 3.0 3.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Albert-Camus — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ 4.0 4.1 RKDartists ID: https://rkd.nl/explore/artists/440161 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 5.0 5.1 SNAC Ark ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6g73ckw — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 6.0 6.1 Internet Broadway Database person ID: https://www.ibdb.com/broadway-cast-staff/10067 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 7.0 7.1 Itaú Cultural ID: https://enciclopedia.itaucultural.org.br/pessoa359865/albert-camus — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: Itaú Cultural — ناشر: Itaú Cultural — ISBN 978-85-7979-060-7
- ↑ 8.0 8.1 NE.se ID: https://www.ne.se/uppslagsverk/encyklopedi/lång/albert-camus — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Nationalencyklopedin
- ↑ 9.0 9.1 Find A Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/cgi-bin/fg.cgi?page=gr&GRid=2232 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 10.0 10.1 Internet Speculative Fiction Database author ID: http://www.isfdb.org/cgi-bin/ea.cgi?130822 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 11.0 11.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID: https://www.enciclopedia.cat/EC-GEC-0014099.xml — named as: Albert Camus — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia Catalana
- ↑ 12.0 12.1 GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=camus — named as: Albert Camus
- ↑ 13.0 13.1 Roglo person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=7929&url_prefix=http://roglo.eu/roglo?&id=p=albert;n=camus — named as: Albert Camus
- ↑ 14.0 14.1 General Diamond Catalogue ID: https://opac.diamond-ils.org/agent/24212 — named as: Albert Camus
- ↑ 15.0 15.1 Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/2615 — named as: Albert Camus
- ↑ 16.0 16.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/14395 — named as: Albert Camus — عنوان : Proleksis enciklopedija
- ↑ مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Большая советская энциклопедия — اشاعتسوم — باب: Камю Альбер — ناشر: Great Russian Entsiklopedia, JSC
- ↑ named as: Albert Camus — Filmportal ID: https://www.filmportal.de/0a288dbbc64e44df9896cf796a994a08 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ BD Gest' author ID: https://www.bedetheque.com/auteur-29487-BD-.html — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000001391 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ named as: Albert CAMUS — NooSFere author ID: https://www.noosfere.org/livres/auteur.asp?numauteur=2147192806 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ https://brockhaus.de/ecs/julex/article/camus-albert
- ↑ Store norske leksikon ID: https://snl.no/Albert_Camus — named as: Albert Camus — عنوان : Store norske leksikon
- ↑ InPhO ID: https://www.inphoproject.org/thinker/2753 — named as: Albert Camus — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ https://libris.kb.se/katalogisering/86lnhf8s0brdkvc — اخذ شدہ بتاریخ: 24 آگسٽ 2018 — شائع شدہ از: 26 مارچ 2018
- ↑ 26.0 26.1 26.2 اجازت نامو: CC0
- ↑ https://www.nobelprize.org/nobel_prizes/about/amounts/
- ↑ https://www.nobelprize.org/nobel_prizes/literature/laureates/1957/
- ↑ البرٽ ڪامئو : (Sindhianaسنڌيانا)
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ سونسڪا ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ ڪاتالان ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ ڪروشيائي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ روسي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ نرويجيا بوڪمول ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ فرانسيسي ٻولي جو متن شامل آھي
- 1913ع جون پيدائشون
- 7 نومبر جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 1960ع جون وفاتون
- 4 جنوري جون پیدائشون
- رهائش وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- مؤثر شخصيتون وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- 1960ع جون فوتگيون
- ادب
- الجيريا يونيورسٽي مان پڙهيل
- سياست
- شخصيتون
- فلاسافي