ناٽڪ گھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناٽڪ گهر
رايل ٿئيٽر،لنڊن 1821

ٿيئٽر يا ناٽڪ گهر (Theatre)، ٿيئٽر يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ’ڏسڻ‘ يا ’نظارو پسڻ. ناٽڪ جي جاءِ. جيئن تہ حقيقت ۾ ڊرامو، اسٽيج تي عملي طور پيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو اھي، انھيءَ ڪري اھا جاءِ جتي ڊراما اسٽيج ٿيندو آهي، ان کي ”ٿئيٽر“ سڏيو ويندو آهي. منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي تہ ”يادہ کڻ گهرجي تہ ناٽڪ فن، ٻين فنن وانگر پاڻ ۾ ئي پورو نہ آھي، جنھن کي صرف ڪتب خاني ۾ ويھي مطالعو ڪجي. ناٽڪ جو اخري مآصد تڏھن پورو ٿيل سمجهبو، جنھن ناٽڪ گهر (Theatre) ۾ اھو ڪري ڏيکاريو وڃي ۽ رنگ ڀوميءَ (Stage) تي اداڪاري (Acting)، چترڪاري (Painting)، وسترڪاري (Construing)، سنگيت (Music) ۽ ناچ (Dancing) جي ان کي پوري پوري واھر وٺڻي ٿي پوي.“[1]

ويانا ۾ ٿئيٽر جي اسٽيج

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.