مواد ڏانھن هلو

مضمون (ادب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لفظ ”مضمون“ (Essay) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاڍي گهري معنا رکي ٿو. ان جو استعمال ڪيترين معنائن ۾ ٿئي ٿو. مثال طور نثر جي ڪنهن به بياني لکت، ان جي موضوع (Subject)، متن (Text) ، عنوان (Topic)، مرڪزي خيال (Them) يا شعر جي مواد يا رُچ (Content) کي عام طور مضمون سڏيو ويندو آهي. اردو ۾ مضمون کي ’انشائيه‘ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي اصطلاحن ۾ فرق به آهي. لفظ مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنا آهي”گڏ ڪرڻ“، ان ڪري ڪنهن به موضوع کي دليلن، مثالن ۽ حوالن سان سمجهاڻي، وضاحت، مناسب ترتيب ۽ ٺهڪندڙ لفظن کي پيش ڪرڻ کي مضمون چئبو آهي. لفظ مضمون جي وصف اسان وٽ انگريزي لفظ Essay مان آئي آهي. ”ايسي“ (Essay) فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ ”Essai“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنا آهي جاکوڙ يا (Attempt) ڪرڻ. ان جو مطلب ٿيو ته مضمون ڪنهن موضوع تي لکڻ جي جاکوڙ جو نالو آهي، مضمون نگاريءَ جو بنياد فرانسيسي دانشور مائيڪل ڊي مانٽين (1533-1592ع) وڌو. سندس شروعاتي تخليقون 1650ع ڌاري مجموعن ۾ آيون. هن پنهنجي ذاتي تاثرن ۽ تخليقي جي روپ ۾ شايع ٿيل لکيڻن کي ”ايسز“ (Esais) جو نالو ڏنو. انگريزيءَ ۾ فرانسسز بيڪن (1561- 1626ع) هن صنف کي مشهور ڪيو. سنڌيءَ ۾ مضمون نگاري انگريز دَور کان زور ورتو. مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام، ڀيرومل مهر چند، لعلچند، امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عبدالحسين موسوي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر بلوچ، محمد ابراهيم جويي، هيري ٺڪر، ڪيرت ٻاٻاڻي، مرليڌر جيٽلي، اي. جي. اُتم، ستيش روهڙا ۽ ڊاڪٽر فهميدا حسين ۽ ٻين مضمون جي صنف کي وڏي هٿي ڏني آهي.[1]

بياني مضمون (Descriptive Essay)

[سنواريو]

بياني مضمون ۾ ڪنهن جڳهه، شخص،شيءِ منظر، ڪردار ۽ احساس جي جزن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. هن قسم جي مضمونن لاءِ ضروري آهي ته انهن ۾ حقيقي ۽ اصلي ڳالهين جو ذڪر ڪيو وڃي، جنهن سان انساني دماغ تي اثر ٿئي. هي مضمون گهڻو ڪري سيکڙاٽ ليکڪ لکندا آهن. بياني مضمونن ۾: شخص (ٽپالي، پوليس، استاد وغيره)، جانور (گڏهه، گهوڙو، شينهن، ڳئون وغيره)، ٻوٽا ۽ گل (گلاب، چنبيلي، ٻٻر، سنجهي وغيره)، معدنيات (لوهه، ٽامو، شيشو وغيره)، عمارتون (ڪاليج، لائبريري، قلندر جي مزار وغيره)، ميوا (صوف، ڪيلا، انگور وغيره)، ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر (سنڌ جي ڳوٺن جي زندگي ۽ مسئلا)، ملڪ (پاڪستان، هندستان، آمريڪا وغيره)، صنعتون (ڪپڙو، ٿانو، بجلي جو سامان وغيره)، فطري منظر (بهار جي موسم، مينهوڳي، بجلي جو آزار ۽ گرمي) ۽ مذهب (اسلام، عيسائيت، هندو ڌرم وغيره) جا موضوع اچي سگهن ٿا..[2]

دليلي مضمون

[سنواريو]

(Argumentative Essay): استدلالي يا دليلي مضمون ۾ ڪنهن به موضوع، خيال ۽ بيان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ان جي حق ۾ يا مخالفت ۾ دليل ڏيڻا پوندا آهن. اهڙي طرح بحث کي عقلي، اڀياسي معلومات جي روشني ۾ حل ڪيو ويندو آهي. مثال طور ”وقت جي پابندي”، ”تندرستي“، ”ورزش جا فاعدا“، ”عورتن جي تعليم“ وغير سٺا مثال آهن[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. مضمون | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
  2. 2.0 2.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي