آزاد خيال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آزاد خيال، آزاد سوچ، آزاد فڪر يا آزاد فڪري[1] (انگريزي ٻولي: Freethought) آزاد سوچ (يا آزاد خيال) (يا آزاد فڪر) هڪ علميات ادراڪ آهي، جيڪو صرف، اختيار، روايت (قصو، حديث)، وحي، يا متو، قاعدو، اصول يا عقيدو بدران علم منطق، دليل، عقل , عقلي ۽ تجربيڪاري جي بنياد تي رکي حق بابت پرکڻ جي پُختي بيهڪ ڏئي ٿو. يا ٻين لفظن ۾ آزاد سوچ هڪ اهڙي فلسفياني سوچ آهي جنهن جي اصول تحت نظرين ۽ حقيقتن جو بنياد طاقت، ثقافت، وحي، عقيدو يا ان طرح جي ٻين شين تي پرکڻ بدران منطق، سببن، دليلن ۽ تجربي جي بنياد تي رکي پرکڻ کپي. آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري موجب، آزاد خيال "هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو ٻين ماڻهن جي سوچَ، يا نظرئي خاص طور تي مذهبي درس کي قبول ڪرڻ جي بدران پنهنجن خيالن ۽ نظرين کي پاڻ ٺاهيندو آهي." خاص طور تي ڪجهہ سهيوڳي (ھمعصر) فڪر(فهم) ۾، آزاد خيال کي روايتي سماجي، معاشري يا مذهبي عقيدن واري نظام کي رد ڪرڻ سان مضبوطي سان ڳنڍيو ويندو آهي.[1][2] آزاد خيال جي ادراڪ استعمال کي "آزاد سوچ (فِري ٿِنڪنگ)" طور سڃاتو وڃي ٿو، ۽ آزاد خيال تي عمل ڪندڙن کي "آزاد خيال (فِري ٿنڪرز)" جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي.[1] جديد آزاد سوچ رکندڙَ (فري ٿنڪرز)، معاشري (سوسائٽي) کان حاصل ڪيل سڀني ناڪاري (منفي) ۽ فريب سان ڀريل خيالن کان آزاد خيالي کي فطري آزادي سمجهندا آهن.[3]

هي اصطلاح پهريون ڀيرو 17 هين صديءَ ۾ انهن ماڻهن جي سُڃاڻپ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندو ويو جيڪي روايتي مذهبي عقيدن جي بنياد تي کوجنا لاءِ پڇا ڳاڇا (طرح طرح جا سوالَ اُٿارڻ لڳا) ڪندا هيا.آزاد فڪر ماڻهو هر شيءِ بابت پنهنجي تدبير- ترڪيب کي فوقيت ڏيندو آهي خاص طور تي مذهب ۽ سياست جي معاملي ۾ ماڻهن جي چيل ڳالهين ۾ اچڻ بدران ان ڳالهه يا خيال جو تجزئي ۽ منطق تي ڀيٽ ڪري سوچ جوڙي ٿو. آزاد خيال ماڻهو ان معاملي ۾ سائنس ۽ منطق جو سهارو وٺندا آهن ۽ ائين هي ماڻهو انڪري ڪندا آهن ڇوتہ سائنس انهن کي مذهبي تعصب، لساني، ثقافتي فرق کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ جي سکيا ڏيندي آهي.

عملي طور تي، آزاد خيالي يا فري ٿڪنگنگ، سيڪيولرازم، لامذهبيت (الحاد) ، انڪاريت (اجنوسٽڪ ازم agnosticism) يعني خدا جي وجود ۾ شڪ وارو نظريو، مُلائيت مخالف (اينٽي-ڪلرڪالزم anti-clericalism) ۽ مذهبي تنقید سان گهڻو ويجهو ڳنڍيل آهي. آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (لُغت) آزاد خيالي (فري ٿنڪنگ) کي هن ريت بيان ڪري ٿي "مذهبي عقيدي جي معاملن ۾ دليل جي کُليل مشق، اختياري جي لحاظ ڏانهن بيزاري ۽ آزاد-خيال (فري-ٿنڪر) اصولن کي اپنائڻ." آزاد خيال رکندڙن (فري ٿنڪرز) جو خيال آهي ته ڄاڻ (وِديا) سائنسي پڇا ڳاڇا (کوجنا، چڪاس) ۽ منطق جي مطابق حقيقت (سچائي) ۾ ڄاڻايل هئڻ گُهرجي. تصديق جو تعصب، ادراڪي تعصب، روايتي ڏاھپ، مقبول ثقافت، تعصب (بدگماني)، يا فرقہ پرستي (مذهب فرق) جي محدود اثرن کان سائنس جو ناستڪ (اِلهام ۾ شڪ آڻيندڙ) استعمال شعوري حد تائين آزاد آهي.[4]

سمجهاڻي

ناستڪ ليکڪ ايڊم لي آزاد سوچ کي اهڙي سوچ طور بيان ڪيو آهي جيڪا وحي، روايت، قائم ٿيل عقيدي (اعتقاد) ۽ اختيار کان آزاد (بي پرواهه) آهي،[5] ۽ اها لامذهبيت جي ڀيٽ ۾ "هڪ ڪشادي ڇٽي" طور آهي جيڪا اَڻ تقليد پسندي (آزاد خيالي)، مذهبي اختلاف راءِ، شڪ ۽ گُمان (بي اعتقادي skepticism) ۽ غير روايتي سوچ جي انڊلٺ کي قبولي ٿي."[6]

خاصيتون

آزاد خيال ماڻهو (فري ٿنڪرز) جي وچ ۾، ڪنهن عام تصور (خيال) کي صحيح سمجهڻ لاءِ اهو جانچڻ جوڳو، تصديق جوڳو ۽ منطقي هجڻ لازمي آهي. ڪيترا ئي آزاد خيال رکندڙ ماڻهو انسان دوست هوندا آهن، جيڪي اخلاقيات کي بنيادي انساني ضرورتن سان سلهاڙيندا آهن ۽ انساني همدردي، سماجي ترقي، فن (آرٽ)، ذاتي خوشي، محبت ۽ علم جو واڌارو ۾ معنيٰ ڳولهيندا آهن. عام طور تي، آزاد خيال ماڻهو پنهنجو پاڻ بابت سوچڻ پسند ڪندا آهن، ناستڪ (بي اعتقاد اَڻ مڃيندَڙ) هجڻ جو لاڙو رکندڙ، تنقيدي سوچ ۽ دَليلَ جو احترام ڪندڙ، نئون ويچار(نظريو) ڏانهن کُليل رهندڙ ۽ ڪنهن مَهل پنهنجي انفراديت (شخصيت، خودي) تي فخر ڪندڙ هوندا آهن. اهي پنهنجي کٽڻ (حاصلات) جي بنياد تي- پاڻ لاءِ سچائيءَ جو اندازو لڳائي سگهندا، جواب ڏئي سگهندا، پاڻ وٽ موجود تجربن ۽ انهن ماڻيل تجربن منجهان شين ۾ همواري (توازن) آڻيندا آهن. آزاد سوچ رکندڙ (فري ٿنڪرز) موافقت لاءِ موافقت کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن تحت هو پنهنجي چئوڌاري دنيا جي ڪم ڪرڻ جي طريقن تي ڌيان (غور) ڏئي پنهنجا عقيدا پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ قابل قبول اصولن کان ٻاهر سوچڻ لاءِ فڪري (ذهني) سالميت ۽ جرئت رکندا آهن، جنهڪري هو قائم ٿيل روايتن کان ٻاهران سوچڻ لاءِ جرئت رکندا آهن، جيڪا کين ڪنهن اعليٰ طاقت تي يقين ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.[7]

نشان

پينسي pansy دل آرام گل، آزاد خيالَ جي عَلامت.

دل آرام گل (پنسي) آزاد خيالي جي ڊگهي وقت کان-قائم ٿيل ۽ پُختگي (جٽاءُ دار) نشاني (علامت) طور ڪم اچي ٿو. 1800 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ آمريڪي سيڪيولر يونين جي ادب ان گُل جي استعمال جي مهورت ڪئي. دل آرام گل (پنسي) پويان آزاد خيالي جي علامت جو سبب گُل جو نالو ۽ اُن جي ظاهري شڪل سموهيل آهي. پينسي جو نالو فرانسيسي لفظ پنسيس مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي "سوچ، ويچار". ان کي اهو نالو انڪري مليو ڇاڪاڻ تہ اهو سمجه ويو تہ هي گُل ڪنهن ريت انساني مُنهنَ سان هڪجهڙائي (مُشابهت) رکي ٿو، ۽ اونهاري جي وچ-کان-آخر تائين اهو اڳتي وڌندي مَٿو جُهولائيندو آهي ڄڻڪي ته گنڀير (اُونهائي) سوچ ۾ ٻُڏل آهي.[8]

تاريخ

جديد دور-کان-اڳ تحريڪون

تنقيدي سوچ يا تنقيدي ويچار هيلنسٽڪ ميڊيٽيرئين (Hellenistic Mediterranean) ۾، آئرلينڊ ۽ ايراني سڀيتائن (تهذيبُن) جي وِديا (ڄاڻ) ۽ ڏاهپ جي ذخيرن ۾ نِسريو آهي. (مثال طور خيام جي زماني ۾ (1048-1131) ۽ هن جي آزاد خيال صوفي روبايئت نظمن)، ۽ ٻين تهذيبُن جهڙوڪ چيني (مثال طور، 420-479 جي ڏاکڻي سانگ شاهي گهراڻو جي سامونڊي بحالي علمي سجاڳيءَ جي تحريڪ)[9] ڳجهو ڪيميا ((اصول تقرير عقيدو وغيره) ڳجھو، اندروني، باطني، خاص سلسلي ۾ شامل ماڻهن جو، صرف خاص ماڻهن لاءِ سمجھ جوڳو) يا علم نجوم تي بي دين علمي مُڪرِن جي ذريعي، علمي سجاڳيءَ جي تحريڪ ۽ پروسٽسٽنٽ پسند (عيسائين جو فرقو) سڌارو تائين.

جديد تحريڪون

Freethought logo

سال 1600 کي جديد آزاد فڪري سوچ (freethought) جي دور ۾ هڪ اهم مقام (landmark) سمجهيو وڃي ٿو. اهو اڳوڻي ڊومينڪن سنياسي، جيوارڊانو برونو، جنهن کي سوال اُٿارڻ (پڇاڳڇا) سبب اٽلي ۾ ڦاسي (موت جي سزا) جو سال هو.[10][11][12]

وَڌيڪ ڏِسو

نوٽس ۽ حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 "Freethinker – Definition of freethinker by Merriam-Webster". حاصل ڪيل 12 June 2015. 
  2. "Archived copy". وقت 2013-01-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-02-03.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Nontracts". وقت 4 August 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 June 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "who are the Freethinkers?". Freethinkers.com. حاصل ڪيل 14 February 2018. 
  5. "What Is Freethought?". Daylight Atheism. حاصل ڪيل 12 June 2015. 
  6. Adam Lee. "9 Great Freethinkers and Religious Dissenters in History". Big Think. حاصل ڪيل 12 June 2015. 
  7. A COMMON PLACE by Ruth Kelly and Liam Byrne
  8. A Pansy For Your Thoughts, by Annie Laurie Gaylor, Freethought Today, June/July 1997
  9. Chinese History – Song Dynasty 宋 (www.chinaknowledge.de)
  10. Gatti, Hilary (2002). Giordano Bruno and Renaissance Science: Broken Lives and Organizational Power. Ithaca, New York: Cornell University Press. pp. 18–19. ISBN 978-0801487859. https://books.google.com/books?id=9cYumhwTQP8C. Retrieved 21 March 2014. "For Bruno was claiming for the philosopher a principle of free thought and inquiry which implied an entirely new concept of authority: that of the individual intellect in its serious and continuing pursuit of an autonomous inquiry… It is impossible to understand the issue involved and to evaluate justly the stand made by Bruno with his life without appreciating the question of free thought and liberty of expression. His insistence on placing this issue at the center of both his work and of his defense is why Bruno remains so much a figure of the modern world. If there is, as many have argued, an intrinsic link between science and liberty of inquiry, then Bruno was among those who guaranteed the future of the newly emerging sciences, as well as claiming in wider terms a general principle of free thought and expression." 
  11. Montano, Aniello (24 November 2007). Antonio Gargano. ed. Le deposizioni davanti al tribunale dell'Inquisizione. Napoli: La Città del Sole. p. 71. "In Rome, Bruno was imprisoned for seven years and subjected to a difficult trial that analyzed, minutely, all his philosophical ideas. Bruno, who in Venice had been willing to recant some theses, become increasingly resolute and declared on 21 December 1599 that he 'did not wish to repent of having too little to repent, and in fact did not know what to repent.' Declared an unrepentant heretic and excommunicated, he was burned alive in the Campo dei Fiori in Rome on 17 February 1600. On the stake, along with Bruno, burned the hopes of many, including philosophers and scientists of good faith like Galileo, who thought they could reconcile religious faith and scientific research, while belonging to an ecclesiastical organization declaring itself to be the custodian of absolute truth and maintaining a cultural militancy requiring continual commitment and suspicion." 
  12. Birx, James (11 November 1997). "Giordano Bruno". Mobile Alabama Harbinger. http://www.theharbinger.org/xvi/971111/birx.html. Retrieved 28 April 2014. "To me, Bruno is the supreme martyr for both free thought and critical inquiry… Bruno's critical writings, which pointed out the hypocrisy and bigotry within the Church, along with his tempestuous personality and undisciplined behavior, easily made him a victim of the religious and philosophical intolerance of the 16th century. Bruno was excommunicated by the Catholic, Lutheran and Calvinist Churches for his heretical beliefs. The Catholic hierarchy found him guilty of infidelity and many errors, as well as serious crimes of heresy… Bruno was burned to death at the stake for his pantheistic stance and cosmic perspective." 

وڌيڪ اڀياس

ٻاهِريان ڳَنڍِڻَا

سانچو:Anarchism