ڊاگما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاگما (Dogma)، هٺ ڌرمي يا دقانوسيت يا عقيدن جو هڪ سرشتو ٿئي ٿو، جنهن ۾ تنقيدي سوچ، ويچارن، خيالن جي ڏي وٺ، بحث ۽ تجزيئي جي اجازت ناهي هوندي. نه توهان ڊاگما تي سوال اُٿاري سگھو ٿا نه ان کي ڇڏي سگھو ٿا. ڊاگما فرد کي پنهنجي دماغ سان سوچڻ يا ويچارڻ جي حق کي دٻائي ڇڏي ٿي. ڇو جو ڊاگما تحت برين واشنگ تحت ننڍپڻ کان ئي ٻڌايو ويندو آهي ته شيون يا نظريا تبديل نٿا ٿين. تنهنڪري تبديل ٿيل حالتن آهر پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ کان روڪي ڇڏيو ويندو آهي يعني بقا خاطر ماحول آهر پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ واري سُچيتائِي واري عمل کي به سٺو نه سمجھيو ويندو آهي.

ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ڊاگما جي عقيدي يا عقيدن جي سرشتي کي هلائڻ وارا اڳواڻ يا ادارا پنهنجي پيروي ڪندڙ ماڻهن کي سولائي سان پنهنجي ذاتي دنياوي مفادن لاءِ پنهنجي پيروي ڪندڙن کي ائين ڪتب آڻيندا رهندا آهن جو عقيدي جي عينڪ پاتل پيروي ڪندڙن کي خبر به به ڪانه پوندي آهي ته اهي استعمال ٿي رهيا آهن، انهن جي ڦرمار ٿي رهي آهي، ڇو جو پيروي ڪندڙ ڊاگما جي پويترتا جي پاڪائي ۽ تقديس ۾ غرق ۽ مست هوندا آهن. جڏهن ماڻهن جو وڏو انگ ڪنهن به ڊاگما، دقيانوسيت يا عقيدن جي سرشتي يا ڊاگما جي هٺ ڌرمي کي مڃي وٺندو آهي ته پوءِ ڪنهن به مخالفت کان سواءِ ئي انهن کان ڪجهه به ڪرائي سگھبو آهي. تنهنڪري اهو به چئي سگھجي ٿو ته ڊگما انسانن جي سوچ ۽ انهن جي عملن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٽُول يا اوزار بڻجي وڃي ٿي.[1] [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڊاگما، لکيڪ: ارشد محمود