انسانيت واد
انسانيت واد __(Humanism):
تاريخي لحاظ کان هيءَ هڪ تحريڪ هئي، جيڪا اٽليءَ ۾ جاڳرتا واري دور(Renaissance) ۾ شروع ٿي، جنهن جو اهم مقصد ڪليسا ۽رياست جي اجاين پابندين کان آزادي ماڻڻ هو. هيومنسٽ (انسانيت پرست) گهڻو ڪري يوناني ۽ رومي ڪلاسيڪل شاهڪارن تي يقين ڪندا هئا، خاص طور سندن ڪم ادب، سائنس آرٽ ۽ اخلاقيات تي مبني هو. يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ واري دور جا اڪثر ليکڪ هن قسم جي تحرير جا حامي هئا. اڳتي هلي روسو،ايڊمنڊ برڪ، جوزف مسٽري ۽ ٻيا هن تحريڪ ۾ سرگرم هئا. هنن جي ادب ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ جي وڏي اهميت هئي.[1] انسان جي مرڪزي حيثيت واري فلسفي جيڪو مافوق الفطرت ھستين جي ترديد ڪري پيو انڊيا جي فلسفي واري لوڪاياتا سسٽم ۾ 1500 ق م ۾ پڻ ملي ٿو. رگويد ۾ نساديا سڪاتا وارو مضمون ان اگنانواديت (Agnosticism) جو پھريون رڪارڊ آھي.پالي ادب ۾ گوتم ٻڌ جا ڇھين صدي قبل مسيح ۾ پڻ اھڙا خيال مليا آهن.:[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ "Lesson 1: A brief history of humanist thought". Introduction to Humanism: A Primer on the History, Philosophy, and Goals of Humanism. The Continuum of Humanist Education. حاصل ڪيل 21 August 2009.