مواد ڏانھن هلو

وحي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وحي(انگريزي: Revelation ) جي معني آهي اشارو ڪرڻ، دل ۾ ڪا ڳالھ وجھڻ، مخفي طريقي سان ڪا ڳالھ چوڻ، پيغام ڏيڻ[1].پيغمبرن جو هڪ اهڙو معنوي ۽ روحاني ڳانڍاپو آهي، جنهن جي وسيلي سان پيغمبر آسماني پيغام ڳنهندا آهن. قرآن شريف ۾ لفظ ’وحي‘ ڪافي وسعت ۾ ڪتب آيو آهي، فرشتن، شيطانن، انسانن، حيوانن ۽ زمين لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي؛ البتہ، ان لفظ جو گھڻو استعمال ان وحيءَ جي باري ۾ ٿيو آهي جيڪا الله تبارڪ و تعالى پنهنجي پيغمبرن تي نازل ڪندو آهي.

وحي جا قسم

[سنواريو]

قرآن شريف نبوي وحي جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: سورة شورى جي آيت: 51 ۾ ارشاد آهي تہ:

’وما کان لبشر ان يکلّمه الله الّا وحياً او من وراء حجاب او يرسل رسولاً‘
ترجمو: الله ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان وحي يا پردي جي پويان يا پنهنجي رسول کان سواءِ ڳالھ ٻولھ نٿو ڪري.

وحي ٽن طريقن سان ڪئي ويندي آهي:

  1. پيغمبر ۽ ڌڻي سڳوري جي وچ ۾ سڌو سنئون رابطو ٿيندو آهي،
  2. پڙدي جي پويان وحي ڪئي ويندي آهي، جيئن حضرت موسى سان وڻ جي ذريعي ڪلام ڪيو ويو،
  3. فرشتي جي ذريعي وحي نازل ڪئي ويندي آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 424