فلسفي جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فلسفلي تاريخ[سنواريو]

عام طور تي فلسفي جي تاريخ (History of Philosophy) کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ هندستاني فلسفو، يوناني فلسفو ۽ مسلم فلسفو اچي وڃن ٿا. فلسفي جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو سبب انهن ٽنهي فلسفن جا جدا جدا نموني سان اڳتي وڌڻ رهيو آهي.

هندوستاني فلسفو[سنواريو]

هندستاني فلسفي کي وري چئن دؤرن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ويدانتي فلسيفي جو دور، جنهن ۾ چار ڪتاب اچي وڃن ٿا، رگ ويد، اٿر ويد، سام ويد ۽ يجر ويد ۽ ان کان پوءِ برهمڻن جو دور اچي ٿو، انهيءَ دور ۾ ويدن جون مذهبي تشريحون لکيون ويون ۽ پوءِ پراڻ ۽ اپنشد جو دور اچي ٿو، جنهن ۾ بحث مباحثن کي لکيو ويو.

يورپي فلسفو[سنواريو]

يورپي فلسفي جا چار دؤر آهن، جنهن ۾ يوناني فلسفي جو دور، جديد فلسفي جي دؤر ۽ جديديت کان پوءِ جو دور (Post Modernism).

يوناني فلسفو[سنواريو]

يوناني دؤر کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. سقراط کان آڳاٽو (Pre Socrates) ۽ سقراط کان پوءِ (Post Socrates) جو دؤر.[1] [2]