لامذهبيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوبه مذهب نه جو نشان

دهريت (انگريزي ٻولي: Atheism): ”دهر“ جي معنيٰ ”زمانو“ يا ”دنيا“ آهي. دهريت واري نظريو رکندڙ ماديت پرست هوندا آهن ۽ ڪنهن به خدا جي وجود يا تصور کان انڪار ڪندا آهن. هي نظريو ڪميونزم جي دور ۾ وڌيڪ اُڀريو. ناستڪ ماڻهو مادي کي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ ۽ مستقل مڃيندا آهن . سندن خيال موجب زمانو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ دنيا جي زندگيءَ کان پوءِ ڪا به زندگي ناهي. ۽ قدرت جي قانون جو عمل دنيا جي هر ڪم جو ذميوار آهي جنهنڪري دنيا جُڙي هئي، جنهن ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي، ناستڪ ماڻهو هر ڳالھ ۾ منطق ۽ سبب ڳولهيندا آهن ، پر انهن سڀني ڳالهين جي هوندي هو هڪ مٿانهين ذات جا به قائل آهن جنهن کي هي قدرت يا فطرت سڏيندا آهن..[1] دهريت جي لغتي معني ۾ هڪ اهڙي مفهوم لاءِ استعمال ٿيندو آهي تہ جڏهن ڪوئي خدا (ديوتائن) جو انڪاري هجي ۽ زمانو (وقت) جي ازلي ۽ ابدي صفت جو قائل هجي. اهو مفهوم ئي لفظ دهريت مذهب کان انڪاري هجڻ واري مطلب ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي؛ ان کي انگريزي ۾ atheism سڏبو آهي جڏهن ته لغتي معنائن atheism جو درست سنڌي ترجمو لامذهبيت (يا فارسي عبارت ۾ ناخدائي) سڏيو ويندو آهي؛ لفظ دهریت بذات خود سيڪيولرازم ۽ materialism سان وڌيڪ ويجهو آهي. لفظ دهريت منجهان ئي ان جو شخصي استعمال يعني دهريو ، ملحد جا لفظ پڻ اَخذ ڪيا ويندا آهن. ناستڪ (دهريو، ڪافر، ناستڪ، لامذهب ملحد يا الحق)، اهو شخص جيڪو خدا يا ديوتائن جي وجود ۾ عقيدو نٿو رکي يا خدا جي وجود ۾ گهٽ يقين رکندو آهي. ناستڪ جو عالمي ڏهاڙو 17 مارچ آهي، جنهنجي شروعات 2013 ۾ ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]