انقره
انقره | |
---|---|
ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي ترڪي جو گاديءَ جو هنڌ | |
![]() Clockwise, from top: Söğütözü business district, Anıtkabir, Gençlik Park, Kızılay Square, Kocatepe Mosque, Atakule Tower | |
عرفيت: ترڪي جو دل | |
انقره جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 39°56′N 32°52′E / 39.933°N 32.867°Eمڪانيت: 39°56′N 32°52′E / 39.933°N 32.867°E | |
ملڪ | ترڪي |
علائقو | سينٽرل اناطوليہ |
صوبو | انقره صوبو |
گاديءَ جو هنڌ | ڪنڪايہ |
حڪومت | |
• ميئر | مصطفي تونا (جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي) |
• گورنر | ارڪان ٽوپاڪا |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 5,445,026 |
انقره (Ankara ) ترڪيءَ جو مشهور شهر آهي، جنهن کي يورپ جي دروازي جي حيثيت حاصل آهي.
تفصيلي تعارف[سنواريو]
انقره- ٻن حصن جديد ۽ قديم ۾ تقسيم ٿيل آهي. قديم شهر -جبل- جي چوٽيءَ تي ٻڌل آهي. هن ۾ اڄ تائين قديم عمارتون موجود آهن، -جن- ۾ آگسٽس جو مقبرو، رومي عمارتون، حمام ۽ ديوان خانا، -باز- نطيني -ٿنڀ-، مساجد ارسلان، بيرام وغيره موجود آهن. انهن جي عمارتن جي ويجهو -انقره- جو قومي عجائب گهر آهي، جنهن جي ڀر ۾ مسجد علاؤالدين آهي. جديد شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسڻ جهڙي شيءِ اتاترڪ جو مجسمو آهي، جبل جي اولهه ۾ ئي اتاترڪ جي مزار آهي، جيڪا 1935ع ۾ ٺهي راس ٿي. هي مزار شهر جي هر حصي کان نظر اچي ٿي. جديد شهر ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي وسندي آهي. انقره جو شهر قبل از تاريخي شهر آهي. 1931ع ۾ هتي حجري دور جا آثار مليا آهن ۽ ٻين به آثارن جو -پتو- پيو آهي، انهن آثارن مان خبر پوي ٿي ته هن جو نالو -ان- وقت ’انڪله‘ هو. تقريباً اٺين صدي ق. م هتي فريڪي قوم -آباد- هئي. 334 ق. م ۾ سڪندر اعظم جڏهن پنهنجي مهم لاءِ نڪتو تڏهن هن علائقي مان پڻ گذريو. -ان- جي وفات کان پوءِ هتي سلوڪين جو قبضو رهيو. 334ع کان 1073ع تائين تقريباً ست سئو سال -انقره- مشرقي رومي سلطنت سان وابسته رهيو.[1]