مواد ڏانھن هلو

آغا خان ٽيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پرنس

آغا خان ٽيون
آغا خان ٽئين جي تصوير
لقبآغا خان
ذاتی
جنم02 نومبر 1877(1877-11-02)[1]
وفات11 جولاءِ 1957 (عمر 79 سال)[1]
قبرآغا خان جي مزار, اسوان, مصر
مذھباسماعيلي شيعو
شريڪ حيات
  • شھزادي بيگم
  • ڪليئوپ ٽيريسا ميگليئانو
  • آندري جوزيفائين ڪئرن
  • بيگم ام حبيبا آغا خان (جنم نالو يووني بلانچي ليبرائوسي )
اولاد
والدين
شاخاسماعيليئت
نظريونظاري اسماعيلي
نسبفاطمي
ٻيا نالاسلطان محمد شاھ
مرتبو
پيشروآغا خان ٻيون
جانشينآغا خان چوٿون
شروعات1885
منصباٺيتاليھون نظاري امام


|


آغا خان ٽيون: (انگريزي: Agha Khan III) جنھن جيپيدائش؛ 1878ع ۾ ۽ وفات 1957ع ۾ ٿي جيڪو ھڪ مشھور اسماعيلي امام ھيو. اسماعيلي فرقي جي امامن کي آغا خان جي نالي سان سڏيو ويندو آھي۔ جڏھن تہ انھن جا پيروڪار آغا خاني سڏرائيندا آھن۔ سلطان سر محمد بن امام آغا علي شاھ اسماعيلي فرقي جو اٺيتاليھون امام ھو۔ پاڻ تقريباََ ستر سال امامت ڪيائون جيڪا اسماعيلي امامن ۾ ڪنھن بہ امام جي امامت کان وڌيڪ ھئي۔ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو۔ ھن پھرين مھاڀاري جنگ ۾ برطانيا جي مدد ڪئي جنھن جي صلي ۾ ھن کي سر ۽ ھزھائنِس جا خطاب مليا۔ ۽ يارنھن توپن جي سلامي مقرر ٿي۔ فارسي، عربي، انگريزي، ۽ فرانسيسي ٻولين جو ماھر عظيم مدبر ۽ سياست دان ھو۔ 1906ء کان 1912ء تائين مسلم ليگ جو صدر رھيو۔ 1930ء ۽ 1931ء ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ مسلمانن جي نمائندگي ڪئي۔ 1934ء ۾ برطانيا جي پريوي ڪائونسل ۾ ورتو ويو۔1937ء ۾ جمعيت الاقوام جو صدر چونڊيو ويو ھن جا مرید تمام دنيا ۾ پکڙيل آھن۔ جينوا ۾ وفات ڪيائين ۽ وصيت جي مطابق اسوان ۾ دفن ڪيو ويو۔ ھن جا ٻہ پٽ آھن۔ شھزادو علي ۽ شھزادو صدر الدين۔ پر ھن جي وصيت جي مطابق شھزادي علي جي پٽ شھزادو ڪريم ھن جو جانشين مقرر ٿيو۔ جيڪو آغا خان چوٿون سڏرائجي ٿو۔

حوالا

[سنواريو]

سانچو:آغاخاني سانچو:تحريڪ پاڪستان

  1. 1 2 https://www.britannica.com/biography/Aga-Khan-III, Biography of Aga Khan III on Encyclopedia Britannica, Updated 18 September 2003, Retrieved 31 March 2017