ھارون بن ابي خآلد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھارون بن ابي خالد
سنڌ ۾ اخري عباسي گورنر
235ھ کان240ھ تائين(854 يا 855)
پيشروعنبسا بن اسحاق
جانشينھباري خاندان جو آغاز ٿيو ۽ سنڌ جو پھريون ھباري حاڪم عمر بن عبدالعزيز ھباري ٿيو
ريجنٽعباسي خليفو متوڪل
مڪمل نالو
ھارون بن ابي خالد مروزي
خاندانمروزي
وفات854 يا 855
مذھباسلام

هارون بن ابي خالد مروزي:(انگريزي: Haroon bin Abi Khalid) 235 هه ۾ هارون جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو ته ان وقت سنڌ ۾ رب قبيلي (تراري) حجازين جو زور هو ۽ انهن جو سردار عمر بن عبدالعزيز هباري جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي، ايڏو طاقتور بڻجي چڪو هو جو سنڌ جا گورنر به ان کان ڊڄندا هئا.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هيڏانهن خلافت به ڪمزور ٿي چُڪي هئي ۽ جاهل ترڪي غلام ڇانئيل هئا. ايران ۽ خراسان تي صفاري سندرو ٻڌي ويٺا هئا. خلافت کان ڪي ئي صوبا پنهنجو پاند ڇڏائي چُڪا هئا ۽ انهيءَ سٿ ۾ سنڌ جي شامل ٿيڻ جا آثار به نظر اچي رهيا هئا. هن ملڪ جي ننڍن ننڍن حصن تي ڪي ئي هندو ۽ مسلمان سردار سنڌ جي ماتحت حڪومت ڪندا هئا، جن مرڪز جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي سنڌ کي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ۽ سڌو سنئون مرڪز سان لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. سندن اهو عمل ان ڪري ٿيو جيئن سنڌ جي گورنر جي فرمانبرداريءَ کان جان ڇٽي پئي. اهڙي بي چيني واري دؤر ۾ 240هه (55 ــ 854ع) تي هارون مارجي ويو. تاريخ يعقوبي مطابق هو مارجي نه ويو پر پنهنجي موت مري ويو.[1] بلاذري جي بيان مطابق هارون ڪي ٿورائي ڏينهن حڪومت ڪئي ته يڪايڪ سنڌ جي رهاڪو عربي قبيلن جا اچي پاڻ ۾ جهڳڙا پيدا ٿيا. هارون جيڪا اصلاح جي ڪوشش ڪئي تنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو فسادي ماڻهن سنه 240 هه ۾ سر زمين سنڌ جي ئي اندر کيس پورو ڪري ڇڏيو[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي". 
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي