روح بن حاتم مھلبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روح بن حاتم مھلبي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
159ھ کان تائين
ٻيھر 161 ھ کان
پيشرو معيد بن خليل تميمي
جانشين پھرين ڀيري ۾ بسطام بن عمر
ٻئين ڀيري ۾ نصر بن محمد اشعت
ريجنٽ عباسي خليفو محمد بن منصور المھدي
پورو نالو
روح بن حاتم مھلبي
مذھب اسلام

روح بن حاتم مھلبي :مهدي 159هه ۾ روح بن حاتم کي سنڌ جي گورنري سونپي پر اها چڱي طرح نڀائي نه سگهيو ۽ جاٽن کي جيڪي سنڌ جي اولهندي پاسي کان آباد هئا، ٻنجو نه ڏئي سگهيو. مهدي ان جي جاءِ تي هشام تغلبي جي ڀاءُ بسطام کي اها ذمينواري ڏني جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي دؤر ۾ اتي رهي چڪو هو ۽ چڱو تجربو به هيس، پر پوءِ به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري گهيو. 161هه ۾ وري ٻيهر روح ساڳي ڪرسي سنڀالي. پر هن ڀيري به هو پنهنجي قابليت ثابت نه ڪري سگهيو .[1]

تفصيلي احوال[سنواريو]

159هه ۾ روح بن حاتم مهلبي، خليفي مهديءَ (158- 169 هه) جي ڏينهن ۾ گورنر ٿي آيو. انهيءَ زماني ۾ هندستان جي خلاف بحري مهم به جاري رهي. عربن جا جنگي ٻيڙا گجرات جي ڪناري سان اچي لڳا، گجرات جي ڪناري تي هڪ عربي ٻيڙو عرب واپارين جي جهيڙي جي ڪري آيو. ان ٻيڙي ۾ حضرت ربيع بن صبيح سعدي تابعي به هو. هندستان جي ٻيٽن مان هڪ، سندس ابدي آرامگاهه بنيو. ساڳئي سال ، 159 هه ۾، روح بن حاتم کي واپس گهرايو ويو،[2]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع