مواد ڏانھن هلو

نصر بن محمد اشعث

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نصر بن محمد اشعت کان چوريل)
نصر بن محمد اشعت
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان تائين
پيشروروح بن حاتم مھلبي
جانشينمحمد بن سليمان ھاشمي
ريجنٽعباسي خليفو مھدي
مذهباسلام

161ھ ۾ وري ٻيهر روح ساڳي ڪرسي سنڀالي. پر هن ڀيري به هو پنهنجي قابليت ثابت نه ڪري سگهيو ۽ ان جي جڳهه تي نصر بن محمد بن اشعث خزائي سنڌ جو گورنر ٿي آيو.

تفصيلي احوال

[سنواريو]

اڃا هن کي هڪ سال ئي مس گذريو هو ته کيس واپس موٽي اچڻ جو حڪم مليو. مهدي، محمد بن سليمان بن علي هاشمي جي حوالي سنڌ جي حڪومت ڪئي جنهن پاڻ اچڻ بدران پنهنجي نائب عبدالملڪ بن شهاب مسمعي کي سنڌ موڪليو. اڃا ويهه ڏينهن ئي نه گذريا هئا ته ٻيهر نصر بن محمد کي سنڌ جي گورنري ملي. هن کي حڪومت ڪندي اڃا ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا هئا وري زبير بن عباس جو حڪم نامو پهچي ويو، پر زبير بغداد ۾ ويهي ڪري ئي سنڌ جو ڪار وهنوار هلائڻ چاهيو.[1]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد) }