عمران بن موسي برمڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان تائين
پيشرو موسي بن يحي برمڪي
جانشين عنبسا بن اسحاق
ريجنٽ عباسي خليفو معتصم بالله
پورو نالو
عمران بن موسي بن يحي برمڪي
گهراڻو برمڪي
پيءُ موسي بن يحي برمڪي
مذھب اسلام

عمران بن موسيٰ برمڪي: معتصم باالله جي زماني ۾ 221ھ (36 ــ 835ع) تي سنڌ جو گورنر موسيٰ برمڪي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق پٽ عمران برمڪي کي گاديءَ تي ويهاريو ويو جنهن جي منظوري معتصم باالله به ڏني.

قيقان تي حملو[سنواريو]

عرب مؤرخ بلاذري لکي ٿو ته عمران کي جڏهن خليفي پاران حڪومت جو پروانو ملي ويو تہ سڀ کان اول هن قيقان تي حملو ڪيو جنهن تي جاٽ قوم جو قبضو ٿي ويو هو. جاٽن کي سندن سرڪشي ۽ بي فرماني سبب خوب سزائون ڏنيون ۽ بلڪل چڱي طرح انهن جي پاڙ پٽي قيقان تي قبضو ڪيو. هي ڪارروائيون ڪري هو واپس آيو. موٽڻ وقت رستي ۾ دريا جي ڪناري هڪ مناسب مڪان ڏسي اتي نئون شهر ٻڌايو، جنهن جو نالو ”بيضاءِ“ رکيائين ۽ ان ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺهرائي منصوره ۾ هليو ويو[1]. اعجازالحق قدوسي مطابق عمران جڏهن ذمينواري سنڀالي ته ان وقت جاٽن وري ٻيهر ڪر کنيو پر عمران جي بروقت ڪارروائي انهن جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن ان علائقي ۾ هڪ شهر ”بيضاءِ“ اڏيو ۽ اتي هڪ فوجي ڇانوڻي به قائم ڪئي، جيئن وري ڪوئي فتنو کڙو نه ٿئي.

قندابيل تي فوج ڪشي[سنواريو]

شهر قندابيل (گنداوي) جيڪو جبلن تي اڏيل هو، تي محمد بن خليل نالي هڪ شخص قبضو ڪري ويٺو هو ۽ ماڻهو خلافت کان منهن موڙي ويٺا هئا، تن کي عمران سٺي سيکت ڏني ۽ شهر تي قبضو ڪري سرڪش ۽ فتني باز سردارن کي اتان لڏائي قصدار موڪليو[2]. بلاذري لکيو آهي ته هي شهر جبل جي چوٽي تي هو ۽ نهايت مضبوط، مگر عمران جڏهن اچي هن شهر کي گهيرو ڪيو تڏهن محمد بن خليل ٿورا ڏينهن قلعي بند ٿي ويهڻ بعد آخر عاجز ٿي ٻاهر نڪتو ۽ مقابلو ڪيو، جنهن ۾ عمران کيس شڪست ڏيئي وڃي شهر تي قبضو ڪيو ۽ اتي جي سڀني سرڪش ۽ فتنه پرداز عرب سردارن کي اتان لڏي وڃي شهر قصدار ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو. انهي طريقي سان سڀ فسادي ماڻهو قندابيل مان نڪري ويا ۽ امن امان قائم ٿي ويو.[1].

ميد قوم جي بغاوت[سنواريو]

هو اڃا انهيءَ فتني کان واندو ئي مس ٿيو هو ته ميد قوم جي بغاوت جي خبر به اچي پهتس. جلدي ۾ گهوڙا ڊوڙائي وڃي ميدن جي علائقي ۾ پهتو ۽ ساڻن جنگ جوٽيائين. انهيءَ جنگ ۾ ٽي هزار ميد تلوار جو کاڄ بڻيا. ميدن کي ماري مڃائي عمران اروڙ پهتو ۽ جاٽن کي پنهنجي اڳيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. جاٽ جڏهن حاضر ٿيا ته انهن جي هٿن تي مهرون هڻائي مٿن ڍل مقرر ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته راجا چچ جي زماني جي رسم مطابق پاڻ سان گڏ هڪ ڪتو رکن. اهڙي حڪم کان پوءِ هڪ ڪتي جي قيمت پنجاهه درهمن تائين پهچي ويئي. ان بعد عمران ٻيهر ميدن تي اچي ڪڙڪيو پر هو قلعي اندر ڀڄي ويا. قلعي ٻاهران مٺي پاڻي جي هڪ واهي وهندي هئي، جنهن مان شهر وارن کي پيئڻ جو پاڻي ملندو هو. عمران ڇا ڪيو جو سمنڊ مان کاٽي کڻائي ان جو کارو پاڻي اچي ان واهيءَ ۾ ملايائين، جنهن جي ڪري شهر وارا پاڻي ڍڪ لاءِ سڪي مئا پر تڏهن به شهر جا دروازا نه کوليائون. هو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضرور آڻ مڃين ها پر هيڏانهن نزاري ۽ يماني جهڳڙي وري ٻيهر ڪر کنيو ۽ عمران کي واپس موٽڻو پيو[3].ساڳيو واقعو عرب مؤرخ بلاذري جي بيان مطابق وري ھينئن آهي ته عمران هنن ماڻهن سان جيڪي لڙايون ڪيون تن ۾ به خونريزي گهڻي ٿي. خاص قوم ميد مان ٽي هزار ماڻهو قتل ٿي ويا مگر انهي هوندي به انهن اطاعت جو اقرار نه ڪيو تڏهن عمران وڌي وڃي سندن شهر گي گهيرو ڪيو ۽ ارادو ڪيائين ته چاهي ڪجهه به ٿي پوي مگر هنن کي جوڳي سزا ڏيڻ ڌاران اصل نه ڇڏبو. هن گهيري جي وقت ۾ عمران هڪ پٿر جو مضبوط رستو ٺهرايو جو ”سڪته الميد“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پوءِ هو شهر کان ٿورو هٽي وڃي دريا جي ڪناري تي منزل انداز ٿيو ۽ اتي انهن جاٽن کي، جي گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي آيو هو، پاڻ وٽ گهرايو ۽ سندن هٿن تي مهرون لڳرايون ۽ کين حڪم ڏنو ته جڏهن به توهان کان حاضري ورتي وڃي تڏهن راجا چچ جي جاري ڪيل فرمان موجب توهان مان هر شخص هڪڙو ڪتو پاڻ سان ضرور آڻي جنهن ڪري هو آساني سان سڃاپجي سگهي. ان حڪم جو هي نتيجو ٿيو جو ڪتن جي قيمت وڌي ويئي ۽ ڪن وقتن نه به مليا ٿي ۽ آخر هڪ هڪ ڪتو پنجاهه پنجاهه درهم (ساڍا ٻارنهن روپيا) تي وڪاڻو ٿي.[1].بلاذري وڌيڪ لکيو آهي ته ان کان پوءِ عمران وڏي زور سان ميدن تي حملو ڪيو جنهن ۾ جاٽ قوم جي انهن سردارن جي اسلام قبول ڪيو هو کيس نهايت ئي زوردار مدد ڏني. عمران هن حملي وقت نه فقط ميدن جي شهر تي گهيرو ڪري ٻاهرين مدد روڪي، بلڪہ شهر جي وچان جيڪا مٺي پاڻي جي نهر وهي پئي ان ۾ سمنڊ وٽان کاٽي کڻائي ان جو کارو پاڻي آڻي هن نهر ۾ ملايو جنهن ڪري نهر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو ۽ شهر وارا پاڻي جي هڪ سرڪي لاءِ به سڪي رهيا. مگر انهي هوندي به شهر جا دروازا نہ کليا ۽ اطاعت ڪانہ ٿي.[1].

حجازي ۽ يمني قبيلن جو تعصب ۽ عمران جو قتل[سنواريو]

حالتون اهڙيون ٿي ويون جو عمران کي يمنين جو پاسو کڻڻو پيو، جنهن جي ڪري حجازي (نزاري) سندس خلاف ٿي ويا ۽ حجازين جي هڪ سردار عمر بن عبدالعزيز هباري وڏي چالاڪي سان عمران کي پنهنجي تلوار جو شڪار بڻايو. عمران جي قتل سان سنڌ کي وڏو نقصان رسيو، ڇو ته اڃا ميدن جو ئي چڱيءَ طرح خاتمو نه ٿيو هو ۽ هيڏي وڏي هاڃي ته ٻين سردارن جو من به وڌائي ڇڏيو ۽ هرڪوئي شهر ڦٻائي ويهي رهيو.[4] مؤرخ بلاذري جي بيان مطابق يمانيه ۽ نزاريه عربي قبائل جو تعصب سنڌ جي اندر ڀڙڪي اٿيو. عمران يمانيه ماڻهن جو طرفدار هو. بس انهي دشمني سبب نزاري ماڻهو سندس جان وٺڻ جي پٺيان تيار ٿي ويا. عمر بن عبدالعزيز هباري جو هبار بن اسود جي نسل مان هو ۽ پنهنجي جرئت ۽ لياقت جي سببان سڀني نزارين جو سردار مڃيو ٿي ويو، سو يڪايڪ اُٿي کڙو ٿيو ۽ هڪ فوج وٺي عمران جي مقابلي لاءِ نڪتو.[1].عمران ميدن جي گهيري ۾ ايتري قدر سرگرم هو جو ٻئي ڪنهن به معاملي جي طرف ڪا توجه نٿي ڪيائين. هن کي عمر جي رواني ٿيڻ جي ڪا به خبر نه هئي ۽ هو نهايت ئي تيزي سان منزلون طئي ڪندو اهڙو اوچتو اچي ڪڙڪيو جو عمران جو لشڪر هوشيار به نه ٿيو ته هن چالاڪ حريف يڪايڪ حملو ڪري عمران کي ماري وڌو. هي عمر بن عبدالعزيز ٽن پيڙهين کان هندوستان ۾ رهندڙ هو ۽ هن جو ڏاڏو حڪم بن عوافه ڪلبي سان گڏ سنڌ ۾ وارد ٿيو هو.[1].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  4. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }