عينيہ بن موسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عينيہ بن موسي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
140ھ کان
پيشروموسي بن ڪعب تميمي
جانشينعمر بن حفص عتڪي
ريجنٽعباسي خليفو ابو جعفر منصور
والدموسي بن ڪعب تميمي
مذھباسلام

عينيه بن موسيٰ: 140هه ۾ جڏهن موسيٰ بن ڪعب سنڌ مان موڪلائي وڃي رهيو هو ته ان وقت سنڌ جي گورنر جي گاديءَ تي پنهنجي پٽ عينيه کي ويهاري ويو.

سنڌ جي حاڪميت[سنواريو]

عينيه ۾ حڪومت هلائڻ جي سگهه ۽ صلاحيت نه هئي، تنهن ڪري سندس مقرريءَ تي ٻن عرب قبيلن قطحاني (يمني) ۽ نزاري (حجازي) اعتراض اٿاريو ۽ هن جي غلط ڪارين تي تنقيد ڪئي. عينيه معاملي کي سلجهائڻ بدران پنهنجي مخالفن کي مارائي ڇڏيو، جنهن سان باهه وڌيڪ ڀڙڪي اٿي. وري وڌيڪ ڏچو اهو پيس جو سندس پيءُ موسيٰ بن ڪعب سنڌ اچڻ وقت پنهنجي پراڻي عهدي ڪوتوالي (پوليس جو اعليٰ آفيسر) تي جنهن مسيب بن زبير کي مقرر ڪري آيو هو ان کي جڏهن سنڌ م بغاوت ۽ بي چيني جي خبر پئي ته دل ۾ کٽڪو ٿيس ته ڪٿي عينيه سنڌ مان معزول ٿي ڪري پنهنجي پيءُ جو عهدو نه اچي سنڀالي، تنهن ڪري هڪ گمنام خط عينيه جي نالي لکيائين ته، فارضک ارضک ان تاتنا تنم نومة ليس فيها حلم. ”جنهن ڌرتيءَ تي آهين خبردار اتيئي رهج. جيڪڏهن هيڏانهن اچڻ جا سانباه ڪيئي ته پوءِ پنهنجي سر جو سانگو لاهي ويهه.“ عينيه کي جڏهن اهو خط مليو ته ڏاڍو ڊپ ٿيس ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيائين ته هاڻي ڇا به ٿي پوي سنڌ کي نه ڇڏبو. اندروني بي چيني وڌندي ويئي ۽ هوڏانهن سنڌ جو مرڪز سان سهڪار گهٽجي ويو. اهڙي آزادي تي خليفو منصور مٿس ڏمرجي پيو ۽ عينيه جي بغاوت ڪچلڻ لاءِ سوچڻ لڳو.خليفي منصور، عينيہ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عمر عتڪي کي سنڌ جو گورنر ڪري ۽ ساڻ عقبہ کي صلاحڪار طور موڪليو. عمر وڏو دلير ۽ اڏول انسان هو ان ڪري ماڻهو کيس ”هزار مرد“ جي لقب سان سڏيندا هئا. [1]جنت السنڌ جي بيان مطابق:موسيٰ بن ڪعب پنهنجي پٽ عينيه کي سنڌ جون واڳون ڏيئي ويو هو، جو ابو جعفر منصور جي اجازت سان سنڌ جو والي ٿيو.هو ناتجربيڪار هو، تنهن ڪري ربيعه ۽ يمني قبيلن وارا مٿس نڪته چيني ڪرڻ لڳا، جن کي هن مارائي ڇڏيو. مٿئين فعل ڪري سندس خلاف عراق تائين پڪارون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهن ۾ عام ناراضپو پئجي ويو، جنهن تي هو خلافت کان برخلاف ٿي پنهنجي خودمختياريءَ جي دعويٰ ڪرڻ لڳو . عينيه بن موسيٰ جي بغاوت کي مٽائڻ لاءِ منصور بصري ۾ آيو ۽ هتان عمر بن حفص بن ابي صفوه عتڪيءَ کي سنڌ جي گورنريءَ جي سند ڏيئي روانو ڪيو. سنه 142هه ۾ عمر سنڌ ۾پهتو، جتي گهڻائي اثر وارا معزز ماڻهو، جن کي عينيه تنگ ڪيو هو، سندس رفيق ٿي بيٺا. عينيه ٻي واه نه ڏسي امان گهري. عمر هن کي قيد ڪري خليفي ڏانهن مڪو.عينيه کي بچڻ جي اميد ڪانه هئي، تنهن ڪري واٽ تي وجهه وٺي سيستان ويو، جتي زرنج جي يماني عربن سندس سر وڍي منصور ڏانهن روانو ڪيو.[2] يعقوبي لکي ٿوته :عينيه کي جڏهن معلوم ٿيو ته عمر بن حفص خلافت جي طرفان مقابلي لاءِ اچي پهتو آهي، تڏهن عمر کي عينيه جي ان تياري جي خبر پهتي، تہ اڳتي وڌڻ ڇڏي، پنهنجي فوج سميت شهر ديول ۾ تنبو لڳائي ويهي رهيو.[3]. عمر هتي ترسي پوڻ مان وڏو فائدو پرايو. هڪڙي طرف هي جو سندس همراه جيڪي مهينن جي مسافري ۽ منزلن جا ماريل هئا، سي ٿڪ ڀڃي تازه دم ٿيا، ۽ ٻئي طرف شهر منصوره جا ڪيترائي معزز ۽ اثر وارا ماڻهو ۽ بهادر آفيسر جن ۾ عينيه جي ظلمن جي هاءِ هوءِ مچي ويل هئي، هڪ ٻئي پٺيان اچي عمر سان ملڻ لڳا. عينيه کي فوج ۽ رعيت جي رضامندي کان بي پرواهي جا نتيجا هن نموني ۾ پيش اچڻ لڳا، جو جيڪي ماڻهو سندس سچا پچا ٻانهن ٻيلي هئا، تن ۽ گهڻو ڪري فوج جي سڀني سرويچ سپاهي هن کي سندس قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ اچي عمر بن حفص جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. عمر اڃان ديول ۾ ئي هو، ۽ منصوره جي طرف ڪوچ ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو هئائين ته عينيه کي پنهنجي بدحالي اکين آڏو نظر اچڻ لڳي. آخر وٽانئس ٻيو ڪجهه به ٿي نه سگهيو ۽ تنگ ٿي نهايت عاجزي سان عمر کي صلح جي درخواست موڪلي ۽ ان جي ئي دامن ۾ لڪي پناه وٺڻ جو خواهش مند ٿيو.يعقوبي ۽ ابن اثير مطابق عمر يڪدم هيءَ درخواست منظور ڪري کيس پناهه ڏني، ۽ وڌي اچي شهر منصوره تي قبضو ڪيو، ۽ عينيه کي جيڪو خلافت جو ڏوهي هو، پنهنجي فوجي گارڊ جي حفاظت هيٺ فتح جي خوش خبري سان گڏ خليفي منصور جي درٻار ۾ روانو ڪيو. عينيه کي منصور جي اڳيان پهچي جان سلامت رهڻ جي اُميد بلڪل نه هئي، سو رستي ۾ هڪ منزل تي سپاهين کي غافل ڏسي اُٿي ڀڳو، ۽ ايتري قدر ڊنل هو جو ڪٿي ساهي به نه کنيائين، ۽ سيستان جي لڳ شهر رخج جي ويجهو پهتو، ته يماني عربن جي هڪ جماعت، جنهن کي هن جي سياسي ڏوهي هجڻ جي خبر هئي، کيس پڪڙي ورتو ۽ خليفي کي خوش ڪرڻ لاءِ هن کي ماري وڌو، ۽ سندس سر وڍي دار الخلافت بغداد ۾ آڻي. خليفي منصور جي اڳيان حاضر ڪيو.[3].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ :سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named شرر