ليث ظريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ليث ظريف
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
164 ھ کان 170 ھ تائين(782 کان 787تائين)
پيشرو مصباح بن عمرو تغلبي
جانشين سالم يونسي
ريجنٽ عباسي خليفو مھدي
پورو نالو
ليث ظريف
گهراڻو پاڻ مھدي جو ھڪ غلام ھيو
مذھب اسلام

ليث ظريف:

انهن حالتن کان مجبور ٿي مهدي 164 هه ۾ پنهنجي غلام ليث بن ظريف کي سنڌ جو گورنر ڪيو، جڏهن هو سنڌ پهتو ته جاٽن وري پنهنجون من مستيون شروع ڪيون، مهدي ليث جي مدد لاءِ بصري کان هڪ فوجي ڪٽڪ موڪليو. حالتون هٿ مان نڪتيون ته ليث فوجي راڄ مڙهي ڇڏيو ۽ فوجين، جاٽن ۽ ٻين باغين جو ڪنڌ ڀڃي ملڪ ۾ ماٺار آندي. ڪاهون ۽ ڪاميابيون: مهدي جي زماني ۾ عبدالملڪ بن شهاب مسمعي بحري مهم تي سنڌ جي علاقي ڀڙوچ ويجهو باريد جنهن جو هندي نالو ڀاڙڀوت آهي، تي 160هه ۾ حملو ڪيو ۽ سوڀ ماڻيائين، پر اتي اهڙي وبا ڦهلي جو هڪ هزار سپاهي موت جي ور چڙهي ويا ۽ باقي لشڪر کي پوئتي موٽڻو پيو. 169 هه (86 ــ 785ع) تي مهدي لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس جانشين پٽ موسيٰ هادي بڻيو، جيڪو سوا سال حڪومت ڪري 170 هه ۾ الله کي پيارو ٿي ويو.[1]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }