مواد ڏانھن هلو

ليث بن طريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ليث ظريف کان چوريل)
ليث بن طريف
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
164ھ کان 170ھ تائين(782 کان 787تائين)
پيشرومصباح بن عمرو تغلبي
جانشينسالم يونسي
ريجنٽعباسي خليفو مھدي
پورو نالو
ليث بن طريف
گهراڻوپاڻ مھدي جو ھڪ غلام ھيو
مذھباسلام

خليفي مهديءَ پنهنجو غلام، ليث بن طريف، سنڌ جو والي يا گورنر ڪري موڪليو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ ۾ بدامني زور وٺي ويئي هئي. ليث ان کي اڃا بند ئي مس ڪيو ته وري جاٽن منظم بغاوت ڪئي. خليفي مهديءَ لشڪر موڪلي ليث جي مدد ڪئي. 165ھ ۾ هيءَ بغاوت به ختم ٿي.[1]

انهن حالتن کان مجبور ٿي مهدي 164ھ ۾ پنهنجي غلام ليث بن ظريف کي سنڌ جو گورنر ڪيو، جڏهن هو سنڌ پهتو ته جاٽن وري پنهنجون من مستيون شروع ڪيون، مهدي ليث جي مدد لاءِ بصري کان هڪ فوجي ڪٽڪ موڪليو. حالتون هٿ مان نڪتيون ته ليث فوجي راڄ مڙهي ڇڏيو ۽ فوجين، جاٽن ۽ ٻين باغين جو ڪنڌ ڀڃي ملڪ ۾ ماٺار آندي. ڪاهون ۽ ڪاميابيون: مهدي جي زماني ۾ عبدالملڪ بن شهاب مسمعي بحري مهم تي سنڌ جي علائقي ڀڙوچ ويجهو باريد جنهن جو هندي نالو ڀاڙڀوت آهي، تي 160ھ ۾ حملو ڪيو ۽ سوڀ ماڻيائين، پر اتي اهڙي وبا ڦهلي جو هڪ هزار سپاهي موت جي ور چڙهي ويا ۽ باقي لشڪر کي پوئتي موٽڻو پيو. 169ھ (86 ــ 785ع) تي مهدي لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس جانشين پٽ موسيٰ هادي بڻيو، جيڪو سوا سال حڪومت ڪري 170ھ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو.[2]

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html. {{cite web}}: Missing or empty |title= (help) }

حوالا

[سنواريو]