طيفور بن عبدالله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
طيفور بن عبدالله
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان تائين
پيشرو اسحاق بن سليمان
جانشين جابر بن اسعث طائي
ريجنٽ عباسي خليفو ھارون رشيد
پورو نالو
طيفور بن عبدالله بن منصور الحميري
گهراڻو الحميري
پيءُ عبدآلله بن منصور
مذھب اسلام

طيفور بن عبدالله بن منصور الحميري:

هارون کي جڏهن اسحاق جي لاڏاڻي جي خبر پئي ته طيفور بن عبدالله جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏني.

تفصيلي احوال[سنواريو]

هو اڃا سنڌ ۾ پهتو ئي مس ته يماني ۽ نزاري عرب قبيلن جي وچ ۾ وڏي ويڙهه شروع ٿي ويئي. طيفور جيئن ته يمني هو تنهن ڪري انهن جي ڀر وٺي مدد ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪري هر طرف شديد بي چيني پکڙجي وئي.[1]هارون رشيد، يوسف کي معزول ڪري طيفور بن عبدالله بن منصور حميري جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏني. يعقوبي لکي ٿو تہ طيفور جي انتظام ۾ هي نقص پيدا ٿيو، جو هندوستان جي رهندڙ عربن ۾ پنهنجي قومي تعصب جي باهه يڪا يڪ ڀڙڪي اٿي. هي جهڳڙو يمانيه ۽ نزاريه عربي قبيلن جو پاڻ ۾ هو. عربن ۾ هي هڪ اهڙو عالمگير جهڳڙو پيدا ٿي ويو هو، جنهن جي باهه دکندي دکندي هندوستان کان اسپين تائين جتي به ڪي عربي رهاڪو هئا، هر شهر هر ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. هندوستان ۾ هي تعصب طيفور جي زماني ۾ سخت زور وٺي ويو. زور به اهڙو جو ماڻهو خلافت جي حڪمن جي ڪا به پرواه نه ڪري کلم کلا وڙهڻ لڳ[2]ا.

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي