سالم يونسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سالم يونسي
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
170ھکان 174ھ تائين(787 کان 790 يا791 تائين)
پيشرو ليث ظريف
جانشين اسحاق بن سليمان
ريجنٽ عباسي خليفو ھارون رشيد
پورو نالو
سالم يونسي
مذھب اسلام

سالم يونسي: خليفي هارون رشيد ليث کي گورنري تان لاهي سالم يونسي کي سنڌ جي گورنري ڏني، ليث جي دؤر ۾ جيئن ته سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو هو ان ڪري سالم يونسي کي حڪومت هلائڻ ۾ ڪائي مشڪل پيش نه آئي ۽ چئن سالن تائين آرام سان پنهنجو فرض انجام ڏيندو رهيو. سالم 174ھ (91 ــ 790ع) تي ڪنهن ڪارڻ ڪري پنهنجي عهدي کان الڳ ڪيو ويو.[1]هارون خلافت جو تاج مٿي تي رکڻ شرط جڏهن انتطام ملڪيت جي طرف ڌيان ڪيو تڏهن ليث کي سنڌ جي حڪومت تان موقوف ڪري اسماعيل بن علي جي غلام سالم يونسي کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو[2].مؤرخ يعقوبي لکي ٿو ته سالم يونسي جي زماني جو حال بلڪل ٿورو معلوم ٿي سگهيو آهي مگر سڀ مؤرخ ايترو قبول ڪن ٿا ته هن وڏي شائستگي سان حڪومت ڪئي ۽ سر زمين هند تي قدم رکي چڱيون چڱيون ڪارگزاريون ڏيکاروين.[2]. يعقوبي ۽ ابن اثير مطابق سالم پنهنجي مقرري کان پوءِ چوٿين سال معزول ڪيو ويو ۽ هارون رشيد ان جي جاءِ تي 174ھ ۾ اسحاق بن سليمان هاشمي کي والي سنڌ مقرر ڪيو، ۽ مڪران به هن جي ئي تصرف ۾ ڏنو.[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي