سعيد بن مسلم
| سعيد بن مسلم | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
| کان تائين | |||||
| پيشرو | جابر بن اسعث طائي | ||||
| جانشين | عيسي بن جعفر | ||||
| ريجنٽ | عباسي خليفو ھارون رشيد | ||||
| |||||
| پيءُ | مسلم بن قتيبہ | ||||
| مذھب | اسلام | ||||
سعيد بن مسلم بن قتيبه:(انگريزي: Saeed bin Muslim bin Qatiba ) هارون جابر کي معزول ڪري اها ذميواري سعيد بن مسلم کي ڏني، جنهن هيڏانهن اچڻ جي تڪليف به نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي نائب ڪري موڪليو. ڪثير سٺو انسان نه هو ان ڪري ايندي ئي بڇڙاين جي ور چڙهي سنڌ کي وڌيڪ عذابن ۾ وجهي ڇڏيائين.[1] يعقوبي لکي ٿو ته ٿوري وقت کان پوءِ جابر معزول ٿيو ۽ هن جي بجاءِ سنڌ جي حڪومت جي واڳ سعيد بن مسلم بن قتيبه جي هٿ ۾ آئي سعيد به انهن ماڻهن مان هو جن کي خانداني دولت آرام طلب ڪري وطني صحبتن جو شيدائي بڻائي ڇڏيو هو، سو ڀلا هيتري ڏوراهين مسافري تي ڪيئن وڃي ٿي سگهيو، ۽ نڪي ائين مناسب ڄاتائين جو شاهي قدرداني جي عيوض ۾“ ناشڪري ڪري، تنهن ڪري پاڻ ته وطن کي نه ڇڏيائين مگر پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي پنهنجي پاران والي بڻائي سنڌ روانو ڪيو[2].ڪثر کان هتي اچي اهڙيون بداخلاقيون ۽ بريون خصلتون ظاهر ٿيون جو هو پنهنجي بدچالي سببان ٿورن ئي ڏينهن جي اندر هر هڪ جي نظر ۾ ذليل ٿي ويو.[2].
سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]
- موسي بن ڪعب تميمي
- عينيہ بن موسي
- عمر بن حفص عتڪي
- ھشام بن عمرو تغلبي
- معيد بن خليل تميمي
- روح بن حاتم مھلبي
- بسطام بن عمر
- روح بن حاتم مھلبي(ٻيھر)
- نصر بن محمد اشعت
- محمد بن سليمان ھاشمي
- زبير بن عباس
- مصباح بن عمرو تغلبي
- ليث ظريف
- سالم يونسي
- اسحاق بن سليمان
- طيفور بن عبدالله
- جابر بن اسعث طائي
- سعيد بن مسلم
- عيسي بن جعفر
- عبدالرحمان
- ايوب بن جعفر
- دائود بن يزيد
- بشر بن دائود
- غسان بن عباد
- موسي بن يحي برمڪي
- عمران بن موسي برمڪي
- عنبسا بن اسحاق
- ھارون بن ابي خالد
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) } - 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي