عيسي بن جعفر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عيسي بن جعفر
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر
کان تائين
پيشرو سعيد بن مسلم
جانشين عبدالرحمان
ريجنٽ عباسي خليفو
پورو نالو
عيسي بن جعفر بن منصور
پيءُ جعفر بن منصور
مذھب اسلام

عيسيٰ بن جعفر: هارون رشيد هاڻي عيسيٰ بن جعفر بن منصور کي آزمايو. ان به سعيد وانگر محمد بن عدي ثعلبي جهڙي نااهل انسان کي پنهنجو نائب ڪري سنڌ اماڻيو. محمد بن عدي جي ڪري قبائلي اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي ۽ معاملو جڏهن هٿن مان نڪتو ته هو ملتان ڀڄي ويو. ملتان وارن کي ڊپ ٿيو ته ابن عدي جي اچڻ ڪري اهو وبال (گهرو ويڙهه) اسان جي ڳچيءَ ۾ به نه پئي، تنهن ڪري ابن عدي سان مقابلو ڪري کيس اتان تڙي ڪڍيائون ۽ هو مجبور ٿي منصوره موٽي آيو.[1]

نائب محمد بن عدي[سنواريو]

يعقوبي لکي ٿو ته ڪثير جي بداخلاقين جون دانهون هارون الرشيد جي ڪنن تي پهتيون تڏهن سعيد جي هن غفلت ۽ لاپرواهي تي رنج ٿي سنڌ جي حڪومت هن جي هٿ مان ڪڍي پنهنجي سؤٽ عيسى بن جعفر بن منصور جي حوالي ڪئي، ۽ ڪل اختيارات سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا. جڏهن سعيد کي فقط دولت عشرت پسند بنائي سنڌ جي حڪومت کان خارج ڪيو تڏهن سمجهو ٿا ته عيسى جو ڪهڙو حال هوندو جو خود شاهي خاندان مان هو، سو به نه فقط معمولي بلڪ هڪ نهايت ئي معزز ۽ محترم شهزادو هو تنهن پنهنجي طرفان محمد بن عدي کي مقرر ڪري روانو ڪيو[2].

محمد بن عدي کي عيسي بن جعفر کي ڪثير جي جاء تي نائب ڪري موڪليو جيڪو هڪ عجيب فتنه انگيز شخص هو، جنهن منصوره ۾ قدم رکڻ شرط اهڙيون ڪارروائيون شروع ڪيون جو يڪا يڪ هڪ ٻئي جي تعصبي لڙاين جي باهه وڏي زور سان ڀڙڪي اٿي. هن يار وري انهي باهه ۾ تيل وجهي وجهي اهڙآ شعلا بلند ڪيا جو سڀ قبيلا پاڻ ۾ وڍجي ڪٽجي مرڻ لڳا. جڏهن انهن جي لڙائين جو خوب ڍؤ ڪري تماشو ڏسي رهيو هو، تڏهن منصوره کان نڪري ملتان ڏي روانو ٿيو. ملتان وارا هن جي فتنه پردازين جو حال ٻڌي ايتري قدر بگڙيا ويٺا هئا جو دل ۾ پڪو ارادو ڪري ڇڏيائون ته چاهي ڇا به ٿي پوي مگر ان جي اطاعت ڪڏهن به نه ڪنداسين.[2]. يعقوبي لکي ٿو ته محمد بن عدي جڏهن ملتان جي ويجهو پهتو تڏهن ڏٺائين ته ملتان جا رهاڪو وڏي ساز و سامان ۽ جوش خروش سان سندس مقابلي لاءِ موجود آهن. هن يڪدم لڙائي شروع ڪئي تڏهن ملتان وارا اهڙي مردانگي سان لڙيا جو کيس شڪست آئي. اها ئي سندس خوش نصيبي هئي جو خير سان پنهنجي ڪن همراهن سميت ڀڄي جان بچائي سگهيو. ملتان وارن ڪامياب ٿي سندس سمورو مال ۽ اسباب لٽي ورتو ۽ پنهنجي ڪاميابي تي خوشي جا ترانا ڳائيندا وڃي ملتان ۾ داخل ٿيا.[2].

معزولي[سنواريو]

هارون رشيد کي جڏهن هي حال معلوم ٿيو تڏهن جيتوڻيڪ خانداني لحاظ جي ڪري ڪو ڪلمون زبان تي نه آڻي سگهيو مگر دل ۾ عيسى بن جعفر جي غفلت تي نهايت ئي رنجيده ٿيو ۽ مجبوراً سنڌ جو انتظام خاص پنهنجي هٿ ۾ رکيو. محمد بن عدي جو هاڻي ڪنهن به طرح سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي لائق نه رهيو هو تنهن کي معزول ڪري عبدالرحمان نالي هڪ شخص کي پنهنجي طرفان مقرر ڪري سنڌ ڏي روانو ڪيو.[2].

سنڌ ۾ عباسي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي