عمر دوم
عمر بن عبدالعزيز | |||||
---|---|---|---|---|---|
ھباري گھراڻي جي بادشاھي | |||||
270ھ کان تائين(883 کان) | |||||
پيشرو | عباسي گورنر ھارون بن ابي خالد | ||||
جانشين | عبدالله بن عمر | ||||
ريجنٽ | نالي ۾ عباسي خلافت | ||||
نسل | عبدالله بن عمر | ||||
| |||||
گهراڻو | قريش جي بنواسد جي شاخ ھباري | ||||
شاھي گھراڻو | ھباري | ||||
پيءُ | عبدالعزيز ھباري | ||||
مذھب | اسلام |
عمر بن عبدالعزيز ھباري(انگريزي: Umer bin Abdul Aziz Habari) متوڪل، عمر بن عبدالعزيز جي نالي سند موڪلي. هن، نالي ماتر خليفي جي اطاعت قائم رکي، خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ۽ هباري سلطنت جو بنياد وڌو.
ھباري خاندان
[سنواريو]ان کان پوءِ سندس اولاد مان سنڌ جا حڪمران ٿيندا رهيا. هباري، قريشي قبيلي جي هڪ شاخبنو اسد مان هئا. هبارين اسود جي اولاد مان منذر بن زبير، سنڌ جي واليءَ حڪم بن عوانه سان سنڌ ۾ آيو. عمر بن عبدالعزيز ان جو پوٽو هو، جنهن قبائلي جهيڙي ۾ قريشين جي سرداري ڪري، 240ھ (854ع) ۾، خليفي المتوڪل کان سنڌ جي ولايت جي سند حاصل ڪئي. سنڌ ۾ منصوره جي ويجهوبانيه نالي شهر ۾ سندن خاندان رهندو هو. هتان ئي سنڌ تي حڪمراني ڪندو رهيو. کانئس پوءِ، عباسي خلافت طرفان، سن 255ھ ڌاري، ابوالصمہ سنڌ جو والي ٿي آيو. ان کان پوءِ، سن 258ھ ۾، خليفي معتمد (256-279ھ) پنهنجي ڀاءُ ابو احمد الموفق کي، اسماعيل بن اسحاق قاضي ۽ ابو سعيد انصاريءَ سان، يعقوب بن ليث صفار ڏانهن قاصد ڪري موڪليو، ۽ بلخ، تخارستان، پارس، ڪرمان، سجستان ۽ سنڌ ملڪن جي حڪومت جو پروانو، عهدنامو، ۽ جهنڊو کيس عنايت ڪيو؛ انهيءَ تي يعقوب خوش ٿي انهن کي نوازيو. يعقوب بن ليث سترهن سال ۽ نوَ مهينا اميري ڪئي، ۽ خراسان، سيستان، ڪابل، سنڌ، هندستان، فارس ۽ ڪرمان، سڀ سندس پرڳڻا هئا. کانئس پوءِ، سن 265ھ ۾، خليفي معتمد اهي سڀ ۽ ٻيا ملڪ عمرو بن ليث ( 265-287ھ) کي عطا فرمايا[1].هباري خاندان جي حقيقت اها آهي ته قريش قبيلي جي هڪ شاخ بني اسد جو هڪ ماڻهو بهار بن اسود نالي هو، ان جي اولاد مان هڪ شخص منذر بن زبير 121ھ (39 ــ 738ع) ۾ (گورنر سنڌ) حڪم بن عوانه سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ئي رهي ڪري ساڳيو رنگ ڍنگ اپنايائين. عمر بن عبدالعزيز انهيءَ شخص جو پوٽو هو[2]. مسعودي مطابق عمر بن عبدالعزيز جو خليفي المتوڪل جي اجازت ۽ حڪم سان سنڌ جي اڇي، ڪاري جو مالڪ بڻيو هو، سو هڪ قريشي نسل جو شخص هو. هن جو ڏاڏو هبار بن اسود بن عبدالعزيز بن قصي القريشي حضرت رسالت پناه ﷺ جي صحابن ڪرامن مان هو.[3]. تھذيب الاسماء لنووي ۾ لکيل آهي تہ هبار پهريائين ته جناب رسول خدا ﷺ جي سخت مخالفت ڪئي هئي، مگر آخر مڪي فتح ٿيڻ بعد ايمان آندو ۽ اسلامي احڪامن جي اطاعت ۾ نهايت ئي مضبوطي سان استقامت ڪئي.[3]. اصابه لابن حجر عسقلاني مطابق هبار بن اسود جي ماءُ جو نالو فاحته بنت عامر بن قرضه قشيريه هو.[3].ايليٽ لکي ٿو ته اصل ۾ هي ماڻهو عرب جا رهاڪو آهن، مگر سنه 111ھ ڌاري هن خاندان سنڌو دريا جي آسپاس ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.[3]. ابن حوقل مطابق سنڌ ۾ انهن ماڻهن سڀ کان اول مڪان بانيه کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ مقرر ڪئي.[3]. بانيه ۾ ئي رهندي رهندي هنن پنهنجي ڪوششن ۾ ايتري قدر ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ خلافت جي ضعف ۽ عربن جي قومي جهڳڙن مان ايترو فائدو حاصل ڪيو جو نيٺ منصوره جي حڪومت سندن هٿ ۾ اچي وئي. عمر بن عبدالعزيز جي زماني جا حالات بلڪل نٿا معلوم ٿين ته هن ڪهڙا ڪهڙا انتظام ڪيا ۽ رعيت سان سندس ڪهڙو سلوڪ ڪيو. ان جو وڏو سبب فقط هي آهي جو خلافت بغداد جي زوال سان گڏ عرب جي مؤرخن به سنڌ جي حالات ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو.[3]. مسعودي مطابق هن خاندان کي هاڻي اگرچه دارالخلافت سان ڪو سياسي تعلق نه رهيو هو، مگر عراق ۽ عرب سان خانگي تعلقات برابر قائم هئا، جيئن ته قاضي ابو الشوارب جي خاندان ۾، جو عراق جي طرف مقيم هو ۽ هبارين ۾ جن جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت هئي ڏاڏاڻي مٽي مائٽي هئي.[3]. تنهن کان سواءِ به ثابت آهي ته عمر بن عبدالعزيز جي لياقت ۽ دانائي جي عراق ۾ هاڪ هئي. ان ڳالهه جو بلڪل پتو نٿو پوي ته عمر بن عبدالعزيز هباري پاڻ پنهنجي سر ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. غالباً هن جي عمر وڏي هئي. تخت خلافت تي گهڻن ئي خليفن جو ويهڻ، هن پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ يعقوب صفاري جي لڙائين جا شعلا سيستان ۽ ڪرمان ۾ هن جي آکين آڏو بلند ٿيا، ۽ خليفي معتمد جڏهن ٻين ملڪن سان گڏ سنڌ جي حڪومت به صفارين کي ڏني تڏهن عمر بن عبدالعزيز کي لاچار صفاري بهادر جي اطاعت ڪرڻي پيئي. مگر انهي هوندي به هن جي وفاداري جي ثبوت ۾ هي ئي دليل ڪافي آهي، جو پنهنجي آخري وقت تائين هن بغداد جي خليفي جو ئي خطبو جامع منصوره ۾ جاري رکيو.[3].
ھباري حڪمران
[سنواريو]سنڌ ۾ هباري خاندان جو زور وڌي ويو هو؛ عمر بن عبدالعزيز جي والي ٿيڻ کان پوءِ سندس زور اڃا به وڌيو. جيتوڻيڪ عمر بن عبدالعزيز کان پوءِ مٿي بيان ڪيل والي مقرر ٿيا، تڏهن به سنڌ ۾ حقيقي حڪومت هبارين جي هئي. مرڪزي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ، عمر بن عبدالعزيز جي پٽ، عبدالله بن عمر، سنڌ جي حڪومت تي سن 270ھ (883ع) ۾ قبضو ڪيو. ڪي بغاوتون ٿيون، پر هن انهن کي زير ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ’بانيه‘ بدران منصوره کي گاديءَ جو هنڌ بنايائين، جو پوءِ مستقل طرح گاديءَ جو هنڌ رهيو.[4]
عمر بن عبدالعزيز جي حڪومت
[سنواريو]هارون جي قتل ٿيڻ کان پوءِ عمر بن عبدالعزيز هباري جيڪو ڏاڍو هوشيار ۽ ڦڙتيلو انسان هو، سنڌ منصوره تي قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ خليفي متوڪل علي الله کي لکيائين ته مان توهان جو وفادار آهيان، جيڪڏهن سنڌ جي حڪومت منهنجي هٿن ۾ ڏني وڃي ته مان ان کي چڱي نموني سان هلائيندس. خليفو جيڪو اڳ ۾ ئي بغاوتن کان پريشان ويٺو هو، عمر کي گورنريءَ جو پروانو ڏياري موڪليائين. اهڙيءَ طرح هباري خاندان جي حڪومت سنڌ ۾ شروع ٿي. عمر بن عبدالعزيز صرف نالي ماتر خلافت سان لاڳيل رهيو. حقيقت ۾ خودمختيار هو. هو ”باتيا“ ۾ رهي ڪري حڪومت هلائيندو هو، جيڪو منصوره کان ٿورو پري هو. ان کان پوءِ ڪڏهن به خلافت کي پنهنجي طرفان سنڌ ڏانهن ڪو والي موڪلڻ نصيب نه ٿي سگهيو. هن جڏهن سنڌ جي صاحبي جو تاج پنهنجي سر تي رکيو ته وڏي حڪمت ۽ هوشياريءَ سان سڄي سنڌ کي پنهنجو پوئلڳ بڻايو ۽ خليفي کي به پنهنجي خودمختياريءَ جي ٻڙڪ نه پوڻ ڏنائين. عمر هر هنڌ بدستور خليفي جو خطبو جاري رکيو آيو. 247ھ (62 ــ 861ع) ۾ معتمد علي الله جڏهن يعقوب بن ليث صفاري کي سندس گذارش تي طبرستان، جرجان، ري، آزربائيجان، ڪرمستان، سجستان ۽ سنڌ، مطلب ته سڀني اڀرندي ملڪن جو گورنر جنرل بڻايو ته عمر هباري به انهيءَ جي حڪم هيٺ اچي ويو. عمر بن عبدالعزيز جو دؤر ڏاڍو امن ۽ آسيس وارو دؤر هو ۽ عمر ڪامياب حڪمران ليکيو وڃي ٿو. پر سندس حڪومت جي آخري حد جي خبر نٿي پوي، چيو وڇي ٿو ته هن 270ھ يا ان کان ٿورو اڳ وفات ڪئي..[5]سر زمين سنڌ کي هاڻي دارالخلافت بغداد سان بلڪل ٿورو تعلق وڃي رهيو. جيتوڻيڪ عمر بن عبدالعزيز خلافت جي ئي حڪم سان سنڌ جو والي مڃيو ويو، مگر هن کان پوءِ ڪڏهن به خلافت کي پنهنجي طرفان ڪو والي موڪلڻ نصيب نه ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي ڀاڱا هن کان اڳ عربي نسل حڪمرانن جي تابع ٿي. آزادي جي سند حاصل ڪري چڪا هئا ۽ باقي جيڪو حصو اڃان تائين خلافت جي تابع هو. ان جي قسمت عمر بن عبدالعزيز هباري جي هٿ ۾ اهڙي طرح ڏني ويئي جو وري کانئس بلڪل وٺڻ ۾ نه آئي. ڇو ته هن کان پوءِ سنڌ جي حڪومت اصلي ورثي طور هن جي ئي خاندان ۾ رهي[3].
سنڌ ۾ ھباري گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
- ↑ {ي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page11.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }